wusatullah khan

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند مرڻو ئي هو

چونڊمواد ليکڪ وسعت الله خان

وسعت الله خان

نيٽ فليڪس جي ڊاڪيومينٽري اسانجي ڪائنات ڏسڻ سان خبر پئي ته آسٽريليا جي گريٽ بيريئر ريف جي ڊگهي ۽ اڇي واريءَ واري سامونڊي پٽي تي ساين پٽين واريون ڪميون هزارن جي تعداد ۾ هڪ مخصوص موسم ۾ خوني مڇين ۽ شڪاري پکين کان بچندي بچائندي هزارين بيدا ريتيءَ اندر پوري ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ نيري سمنڊ جي گهرائين ۾ لهي وينديون آهن. سج جي گرميءَ سان ريتيءَ اندر دٻيل بيدن مان نوان ڄاول ٻچا نڪري ايندا آهن جيئن ئي اهي سمنڊ ڏانهن ڊوڙ پائيندا آهن ته فضا ۾ لامارا هڻندڙ بکايل پکي ۽ سمنڊ جي ڪناري کان ٿورو پري منتظر وڏيون مڇيون انهن مٿان يلغار ڪنديون آهن.هزارن نون ڄاول ڪمين جي ٻچن مان مشڪل سان چار پنج ئي سمنڊ ۾ لهڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن ۽ زنده رهندا آهن ۽ انهن مان به تمام گهٽ ڪميون پنهنجي طبعي عمر تائين پهچنديون آهن.

هزارن ٻچن مان صرف چار پنج بچي وڃڻ وارا ٻچا ڪيئي ڪيئي هزار ڪلوميٽر تائين سمنڊ اندر لهڻ ۽ خطرن سان کيڏڻ کانپوءِ ٻيهر ٻچا ڏيڻ لاءِ بيدن جو ذخيرو پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي پنهنجي جنم ڀوميءَ ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڪندا آهن ته جيئن اهي بيدا انهيءَ واريءَ ۾ پوري اچن جنهن جي گرميءَ مان ڪيترائي سال پهرين سندن جنم ٿيو هو. اهو سلسلو لکين ورهين کان هلندو اچي ۽ هلندو رهندو. جڏهن مون کي ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل جي خبر پئي ته اها ئي ڪهاڻي ياد اچي وئي. ڪيترين مشڪلاتن سان قبائلي واريءَ ۾ پوريل هزارين بيدن مان اجمل ساوند جهڙا ٻچا نڪرن ٿا ۽ کين انتقام ۽ جهالت ۽ ذهني پسماندگي ۽ محروميءَ جي خمير ۾ پيدا ٿيڻ وارا پکي، شارڪون ۽ وهيل مڇيون چٽ ڪريو ڇڏين. هزارن مان مشڪل سان پنج يا ڏھ ڇوڪرا يا ڇوڪريون اڳيان وڌي سگهن ٿا ۽ انهن مان به اڌ ڪنهن حادثي يا غير طبعي موت يا انتقام جي ور چڙهيو وڃن، پر جيڪي بچي وڃن ٿا اهي جبلت جي هٿان مجبور ٿي ٻيهر پنهنجي خواهشن جا بيدا کڻي انهيءَ واريءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا جنهن واريءَ مان پاڻ ڦٽا هئا.

ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻي اتر سنڌ جي ٻين ضلعن يا آس پاس جا ضلعا. شايد ئي ڪو قبيلو اها دعويٰ ڪري سگهي ته سندس قبيلي جي آس پاس جي ڪنهن قبيلي سان دشمني ناهي رهي ۽ زن، زر، زمين ۽ انا جي منحوس ڦيري سندس ٻچا نه کاڌا هجن.لڳ ڀڳ پندرنهن سال پهرين مون کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ غيرت جو ڪاروبار تي بي بي سي ۽ يونيورسٽيءَ جي مشترڪه سيمينار ۾ شرڪت جو موقعو مليو. گهڻو ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون اتان جي مقامي ڀرپاسي جي ضلعن مان هئا.   اهي سڀ ٻار مون کي انهن نون ڄاول ڪُمين جي ٻچن وانگر لڳي رهيا هئا، جيڪي آدم خور پکين يا جانورن کان بچي علم جي سمنڊ ۾ لهي پنهنجي سڃاڻپ ڳولهڻ جي لالچ ۾ ٽٻي هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.ميزبانن هڪ وچولي درجي جي قبائلي سردار کي به ان سيمينار ۾ بطور خاص مهمان دعوت ڏئي گهرايو هو ته جيئن ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، قبيلائي جرڳي، فيصلي ۽ بدلي جي فارسي کانئس سمجهي سگهن.

سردار صاحب کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين گهيري ورتو ۽ اهڙا اهڙا سوال پڇيا جن کي پڇڻ جي جرئت صرف نوجوان خون ئي ڪري سگهي ٿو. سردار صاحب تسليم ڪيو ته اها سڄي جهالت آهي جنهن جي اڄ جي زماني ۾ ڪابه جاءِ ناهي ۽ اهو خوني ڪُن سڄا سڄا نسل ڳهي رهيو آهي، پر سردار جي چوڻ مطابق اهو رواج، دشمنيون، غيرت جو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچڻ جو تصور اڳين نسلن تائين هلندو. ڀلي هڪ عام قبائلي ڇوڪرو يا ڇوڪري ڪيترو به پڙهي لکي وڃي ڀلي سردار آڱوٺي ڇاپ هجي، پر اهو رهندو سردار ئي.  ڀلي سندس پٽ يا پوٽو آڪسفورڊ مان پڙهي اچي، پر جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ ايندو ۽ گاديءَ تي ويهندو ته ان کي پنهنجي روشن خيالي شهر ۾ ڇڏي اچڻي پوندي نه ته ماحول کيس ۽ سندس سرداري کي کائي ويندو. جيڪڏهن سب ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ۽ ائين ٺيڪ ٿي وڃي جيئن توهان چاهيو ٿا ته پوءِ سردار کي ڪير پڇندو.

ڊاڪٽر اجمل ساوند يا سندس جهڙن کي هوش سنڀاليندي ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته کين  19هين صدي پار ڪري 20هين صدي ۽ پوءِ 21هين صدي ۾ صرف پنهنجي پيرن تي گُهپ انڌيري کي چيريندي اڳيان وڌڻو آهي.ڊاڪٽر اجمل جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو هو، جڏهن مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پنهنجو مستقبل ڪتي رهيو هو، جڏهن شاھ عنايت جهوڪ واري ۽ لطيف، چومسڪي ۽ ايڊورڊ گبن کي پڙهي رهيو هو. جڏهن پيرس جي ڊيڪارت يونيورسٽيءَ ۾ مصنوعي ذهانت جي جن کي قابوءَ ۾ آڻيندي ان کي ڊاڪٽريٽ جو لباس پارائي رهيو هو. اجمل جڏهن مغرب کان حاصل ڪيل سائنسي نظر جو زاويو پنهنجي اندر لاهي . 21هين صدي مان واپس 19هين صدي ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي رهيو هو، جڏهن پنهنجي چوڌاري ننڍڙن ننڍڙن ذهنن کي کڙکٻيتن ۾ تبديل ڪرڻ جي چريائپ ۾ مبتلا ٿي وطن واپس موٽي پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن آيو هو ۽ آءِ بي اي سکر ۾ ويهي ان دوکي جو شڪار ٿيو هو ته کيس ڪير ماريندو؟ کيس ڪير ڪنهن ٻئي جي دشمني جي مشين ۾ ڪمند سمجهي ڇو وجهندو. تڏهن کيس اها خبر ته نه هئي ته جهالت جي هٿ ۾ کنيل بندوق جي هڪ گولي ان جي سڄي علم ۽ خوابن مٿان ڳري ثابت ٿيندي.

هڪ سندراڻي هڪ ساوند کي ماري ڇڏيو. ڪو ساوند وري ڪنهن سندراڻي کي ماري ڇڏيندو. ڊاڪٽر اجمل جي خوش نيتي، محنت، درويشي، وطن پرستي ۽ علم شناسي وئي اوڙاهه ۾. هو علامه اقبال يا فراز فينن ئي ڇو نه هجي، پر هو ته ساوند ۽ ساوند ڪوبه هجي دشمن آهي.  جيئن سندراڻي ڪوبه هجي، آهي ته ٽارگيٽ وغيره وغيره….آسمان تي ڦيريون پائيندڙ خوني پکي سامونڊي پٽيءَ جي آس پاس گشت ڪندڙ شارڪ مڇيون ۽ تاڪ ۾ ويٺل مردار کائيندڙ ڳجهن جي جهنڊ لاءِ ڊاڪٽر اجمل صرف هڪ وقت جو رزق هو ۽ بس.پر سٺي خبر اها آهي ته ڪمين جا ٻچا پيدا ٿيندي ئي سمنڊ طرف ڀڄڻ بند نٿا ڪري سگهن. ڀلي انهن مان ٻه چار ئي ٽٻي لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿين. خير ۽ شر جو ڊرامو ائين ئي هلندو رهندو. بس ڪردار بدلجندا رهندا.

ايڪسريس نيوز جي ٿورن سان

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے