رياض ابڙو

عمران خان جي حڪومت جو اڇو چٺو ۽ ڪارو چٺو!

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

حقيقت ۾ قومن جي آڏو سرخرو ٿيڻ، قربانيون ڏيڻ، حق جو علم بلند ڪرڻ، غريب ماڻهن جو آواز ٿيڻ، پنهنجي عوام جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ، هڪ تاريخ رقم ڪرڻ هڪ، سچي ۽ کري اڳواڻ جي لاءِ وڏي آزمائش هوندي آهي، ته اهي قوم جي لاءِ پنهنجو سک، چين ۽ آرام ڦٽائن، پنهنجو سڀ ڪجھه داوَ تي هڻن، عوام جي زبان ٿين، ماڻهن جي لاءِ وڏا سڌارا آڻن قومن جا ڳاٽ اونچا ڪن ته جيئن دنيا ڏسي ته ڪيئن انهن پنهنجي قوم کي سرخرو ڪرايو، ڪيئن انهن پنهنجي عوام کي دنيا ۾ عزت ڏياري. ايئن ڪي ڪي اڳواڻ ٿين ٿا جيڪي قومن جي لاءِ سِرُ ارپيندڙ هوندا آهن جيڪي واقعي ئي اهل ۽ سچا اڳواڻ هوندا آهن، جيڪي جنگجو ۽ جوڌا هوندا آهن ، جيڪي پنهنجو ارادو ايڏو پختو رکن ٿا جيئن ”اڳيان ٽڪر ٽَرُ متان روھ رتيون ٿئين“ پوءِ انهن جي ايڏي اٽل ۽ پختي ارادي کي ڏسي سندن ماڻهن جو جذبو به ايڏو پختو ۽ ڪامل ٿئي ٿو، انهن ماڻهن جو پيار، انس ۽ قرب پنهنجي اهڙن محبوب اڳواڻن جي لاءِ ڏسڻ وٽان هوندوآهي،جيئن ڪنگ لوٿر جنهن ”ڪارن“ جي حقن جي لاءِ 1963 ۾ ڪروڙين ماڻهو جمع ڪرڻ ۽ انهن جي حقن جي لاءِ هڻي وڃي هنڌ ڪرڻ، انهن جا حق مڃرائڻ، وري جيئن مائوزيتنگ جنهن جي اشاري تي هزارين ماڻهو سوين ميل 6000 ميل معني 10000 ڪلوميٽرڏکڻ چين کان پنڌ ڪري اولھ چين تائين پنڌ ڪري پنهنجو ”لانگ مارچ“ مڃرائيندا آهن،پر هتي سياست، اڳواڻي ۽ حڪومت رڳو ڪوڙن ڪانئرن جي آ، معني عوام جي اکين تي هٿ رکي ٺڳيون ٿا ڪن، ماڻهن کان اهي ”نئين پاڪستان“ وارا نعرا وسري ٿا وڃن، ماڻهن کان اهي 100 ڏينهن جي پرفارمنس وسري ٿي وڃي، ماڻهن کان اها گهڙي گهڙي منسٽر مٽائڻ واري ڳالھه وسري ٿي وڃي، ماڻهن کان اها ڳالھه به وسري ٿي وڃي ته گذريل حڪومتن جا سڀ وزير ۽ مشير چور هيا پر اهي ئي جڏهن هي ”خان“ پنهنجي حڪومت ۾ ملائي جلائي هلائي ٿو ته اهي سون ٿي ٿا پون، جنهن سان هن جي سرڪار “ساڌو“ ۽ باقي ٻيا ماضيءَ جا حڪمران چور.معنيٰ عوام کي اها زبردست پڪ هئي ته پي ٽي آءِ جي سرڪار اچڻ سان ملڪ قرضن کان آجو ٿي ويندو، معيشت بحال ٿي ويندي، ماڻهن جي لاءِ روزگار جا نوان دروازا کلي ويندا، ڪروڙين نوڪرين ڏيڻ واري اسٽيل مل کي خانگائڻ جي بهاني 4500 ملازمن گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، وري جنوريءَ 2019 ۾ اهو به اعلان ٿيندو ته هاڻي وزيرن جي ڪارڪردگي جي لاءِ هڪ ”سيل“ ٺاهيو ويندو جيڪو انهن جي پرفارمنس جاچيندو، انهن جي ڪارڪردگي ڏسندو، هاڻي سڀ وزير مشير حڪومت جي چنبي ۾ ٿي هلندا، حڪومت سندن ماهوار خرچ گهٽائيندي، ايستائين جو اڳين ڪرپٽ حڪومتن وانگي ٽڪي ٽڪي جي ڪم جي لاءِ وزير نه رکندو، پر هن ”عمران خان“ ته انهن ماضيءَ جي ڪرپٽ حڪومتن کان به وڌيڪ وزير رکي انهن جي ڳالھه ته ثابت ڪري ڇڏي ته اهي صحيح هيا، انهن صحيح ڪيو.

ڳالھه اها به آهي ته ماڻهو هنن پي ٽي آءِ جي پرفارمنس ۽ زبردست ڪارڪردگي ڏسڻ جي لاءِ آتا هيا، هو ته اهو سمجهن پيا ته عمران خان جي سرڪار ايندي ته روپئي جي قدر ۾ بهتري ايندي پر هنن جي سرڪار ايندي ئي ڊالر کي ته ”پَرَ“ لڳي ويا، 100 جو ڊالر 170 کان ٽپيو ٿو وڃي، ”پر ڪيپيٽا انڪم“ (معنيٰ هڪ شخص جي سالانا ڪمائي) جيڪا 2015 ۾ 1426 ڊالر هئي، وري 2016 ۾ جيڪا 1446 هئي ۽ وري اها عام ماڻهو جي ڪمائي جيڪا 2017 ۾ 1545 جي حساب سان هئي وري 2018 ۾ 1566 ڊالر جي حساب سان هر سال جي هئي ۽ وري 2019 ۾ ڪِري وڃي 1360 ڊالر جي حساب سان ٿي وئي، ايڏي گهٽتائي وري مهانگائي جو عذاب الڳ، ماڻهن جي سالياني ڪمائي جي شرح ۾ ايڏي گهٽتائي ۽ وري مهانگائي جو تناسب 2018 ۾ 3.93 سيڪڙو هيو جيڪو 2019 ۾ 6.74 سيڪڙو هيو ۽ وري 2020 ۾ مهانگائي جو تناسب ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو جيڪو 10.74 رهيو،

اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن مڃون ته هي حڪومت ماڻهن جي حق ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ماڻهن جي حق ۽ فائدي ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن کي نه مڃيندي، هي سرڪار امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس تي ڏيان ڏيندي، حقيقت ۾ ماڻهن جي ”خريد جي قوت“ ايڏي گهٽجي ٿي وڃي جو ماڻهو ڪا به شيءِ خريد ڪرڻ کان پهرين هزار دفعا سوچن ٿا، ماڻهن ۾ روز جي خرچن ۾ واڌ، ڪمائي جا ذريعا پورا سارا، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، شين جا اگهھ ٻيڻا چوڻا، پرائيس ڪنٽرول نه هجڻ جي برابر، معنيٰ حڪومتي ”رٽ“ ٽڪي جي به ناهي، جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري، ڪو ضبط، ڪو ڪنٽرول، ڪو قائدو، ڪو قانون، ڪا سرڪار نه، سبزي وارا جيئن وڻين تيئن ڪن، بسين ۽ ريل جا ڪرايا جئين وڻين تيئن وڌائين ۽ هلائين، هڪ ڏينهن هڪڙو اگهھ ته ٻئي ڏينهن وري ٻيو اگهھ.

پر ”سکڻي ڪني گهڻو اڀامي“ رڳو حوال، هي ته هر سال جي ڪارڪردگي جي بهتري لاءِ وزيرن ۽ مشيرن جي ”پرفارمنس“ جون گڏجاڻيون ڪندا رهيا آهن ۾ انهن جون رڳو وزارتون مٽائيندا رهيا آهن پر ڳالھه ساڳي جي ساڳي، معنيٰ اهي رڳو پنهنجن منسٽرن جي ائين ئي هروڀرو ۽ اجائي جاچ جوچ ڪري رڳو ماڻهن کي بي وقوف بڻائيندا رهيا آهن، عوام کي بي راھ روي تي ڀٽڪائيندا رهيا آهن انهن کي غلط راھ ڏيکاريندا رهيا آهن، ڇو ته انهن وري نومبر 2019 ۾ اهڙي گڏجاڻي رکي هئي جنهن ۾ منسٽرن کان ”پريزنٽيشن“ وٺي ان ۾ اهڙي ته آڏي پڇا ڳاڇا به ڪئي هئي ته اهي ڪم ڪيئن پيا ڪن (ڄڻ انهن جي پرفارمنس هڪ ڪلڪ تي صحيح ٿيڻ واري هئي).

پوءِ اهو چوڻ ڪٿان صحيح ٿيو ته “گذريل سال هنن ائين ئي گذاريا، هنن کي ڪجھه نه ٿو اچي، هنن کي ماضيءَ جي حڪومتن ڪجھه نه ڏنو“ معني پوءِ اهڙي بي وقوفي ان ڪري به آهي ته حڪومت بي حال آهي، سرڪار بدحال آهي، لاچار آهي، ڪجھه نه ٿو اچيس، نوان آهن حڪومتي ڪمن ۾، ان جو مطلب اهو به آهي ته جيئن انهن کان اڳتي هلي ڪير پڇا نه ڪري سگهي، ماڻهو اهو سمجهن ته جن کي حڪومت هلائڻ نه ٿي اچي، انهن ”کنڊ ۽ اٽي“ جي ڪهڙي ڪرپشن ڪئي هوندي، اهي ويچارا هيا بس وقت ٽپائي ويا، انهن کان ڪهڙي آڊٽ ڪجي، ڪهڙو سڀاڻي نيب انهن جي پٺيان لٺ کڻندي، بس اهو سوچي سمجهي ۽ ڏسي اهي به بس ڪري ويهندا.

وري ڊسمبر 2019 ۾ پي ٽي آءِ وارن پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي ٻيهر ٽي مهينا ڏنا، اهو چئي ته ”جي هنن ڪارڪردگي صحيح نه ڪئي ته انهن کان وزارتون ۽ صلاحڪاريون کسيون وينديون، پوءِ اهو چوڻ ڪيئن ٺهيو ته ”اسان کي خبر ئي ناهي ته ملڪ ڪيئن هلائجي“ اهو ته تڏهن ٿئي هان جڏهن هي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي نه ڏيڻ تي اخلاقن حڪومت مان هٿ ڪڍن ها ۽ چون ها ته سرڪار وٽ ڪجھه ناهي، سرڪار هٿين خالي آهي، اڳيون حڪومتون سڀ لٽي ڦري هليون ويون، هاڻي انهن جي خزاني ۾ ڪجھه ناهي، هاڻي اهڙي سرڪار گهٽ ۾ گھٽ اسان نه ٿا هلائي سگهون، يا ميدان ۾ لهڻ کان پهرين يا چونڊن کان پهرين اهو چون هان ۽ حڪومت نه وٺن ها، پوءِ ماڻهو سمجهن ها ته هي ساڌو آهن ۽ ويندڙ سرڪار واقعي ئي چور هئي، پوءِ سمجهون ها ته ڳالھه صحيح آهي، هاڻي ڪيئن چئون ته هي سچ آهي، معني ”هڪ انڌي ٻيو کيڙي“، وري هاڻي”چار ارب روپيا“ رڳو ان ڳالھه تي خرچ ڪيا اٿن ته پي ٽي آءِ وارا چور ڳولهي لهندا، پر ٿيو ڇا؟ پوءِ ڪيئن مڃون ته ان سڄي وارتا جي پٺيان هي ناهن.

سيپٽيمبر 2019 ۾ وري اهو چوڻ ته 27 منسٽرن جون لسٽون تيار آهن جيڪي پرفارمنس سٺي نه ڏيکاريندا اهي گهر ويندا، پوءِ ڇا ٿيو؟ وري مئي 2020 ۾ ساڳي ڳالھه ته “اسان هاڻي منسٽرن کي نه ڇڏينداسين“ اهي هاڻي سچ پچ ۾ گهر ويندا، ”ساڳا لاٽون ساڳا چگهھ“ وري هن “خان“ کي ان ڳالھه جي به خبر نه هئي ته هي اها ئي ڳالهھ مئي 2020 ۾ به ڪري چڪو آهي، سا ڳالھه هي ان کان اڳ ڪيترائي دفعا ڪري چڪو آهي، ته ”هو ڪارڪردگي جي بنياد تي وزيرن کي گهر موڪليندو“ يا مڙئي عوام کي بي وقوف پيا ڪن، ڪندا ڪجھه به نه، وقت ائين ئي ڪڍي ويندا، ”هي وقت به گذري ويندو، پر ”عمران خان“ سدائين ڳالهھ ساڳي ڪندو ايندو، ماڻهن کي پهرين به بيوقوف ڪيائين ته هي ڪنهن به ڪرپٽ سياستدان کي نه ڇڏيندو، پر هن مهل تائين ڪنهن تي ڪو به الزام ثابت ناهي ٿيو، نوازشريف کي “سيف اسڪيپ“ ملي ويو، لنڊن هليو ويو، هن مهل تائين ڪنهن به سياستدان تي ڪو به ڪرپشن جو ڪيس ناهي هليو، ناهي ثابت ٿيو.

نيب جي وري اها ڳالهھ به هئي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هو ڪنهن به سياستدان ۾ تيستائين هٿ نه وجهندا جيستائين انهن وٽ ڪي ثبوت نه هوندا، پوءِ هن مهل تائين ڪهڙا ثبوت هي هٿ ڪري چڪا آهن، ڪهڙا ڪرپشن جا ڪيس پڪڙي ڪرپٽ سياستدانن کي جيل موڪلي سگهيا آهن، ڪهڙا ڪرپشن جا لٽيل پئيسا هنن واپس ڪرايا آهن، هن مهل تائين مشرف جي آرٽيڪل 6 تحت جيڪا به قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ان تي سپريم ڪورٽ جي چوڻ جي باوجود ڪهڙو عمل ٿيو، قانون ٽوڙڻ وارن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي جو هاڻي ٿيندي، عوام رڳو ڏٽن ۾ ڇو؟ عوام رڳو نيئن ۽ پراڻي پاڪستان جي آسري ڇو؟.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے