asma shirazi

آخري ويڙھ ، ڪيترائي امتحان اڃان رھن ٿا ؟

اوهانجو موقف عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمه شيرازي

ھيءَ پوکي جي مند آهي ۽ پوکي بھ ان فصل جي جنھن جو ٻج بي يقيني جي موسم ۾ لڳايو ويو هو.هائيبرڊ پوکي راھي جي اعتبار سان، ان عجيب نموني سان ٻج پوکڻ کان اڳ فصل پڪي ٿيڻ کان پھرين ئي اسرڻ نسرڻ تي اچڻ سان ئي ڀترن ھڻڻ جو اصول ڪتب آندو ويو ھو.

اھڙو رواج ھجي تھ پوک پوکڻ ۽ سنڀالڻ سولو ناھي ھوندو، ھڪ خاصو امتحان ھوندو آھي.

حالتون ڏسي اندازو ڪجي ٿو ته ڪي سال اڳ تيار ڪيل هائبرڊ رجيم جي ’هڪ صفحي‘ جي آخري لکڻي کي ’انجام بالخير‘ کان سواءِ اڌورو ڇڏيو ويو يا وري قصو ئي ابتو ٿي ويو.ان باري ۾ مصنف نه تھ ڪو اشارو ڏنو آهي ۽ نه وري ڪو ڏس پتو.

ليکڪ جي لکڻي ۾ شروعات تھ ھئي پر پڄاڻي سمجهھ ۾ نھ آئي يا وري ڪنھن ٻئي ڪتاب جي لاءِ اڌورو ڇڏيو ويو، طئي تھ اھو ٿيو هو ته ڏهن سالن جي رٿا ۾ ٽئين ڪردار کي بھ ضمانت ڏني ويندي، پر ان وچ ۾ تجربيڪار ۽ ڏهاڪن کان ڊگھي اننگز کيڏندڙ رانديگر به موجود هئا،جيڪي چڱي خاصي ٽي 20 کي بھ ٽيسٽ ميچ ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکندڙ هئا، اهي ٻئي پاسي جي رانديگرن کي ٿڪائڻ بھ ڄاڻن ٿا.

بهرحال، ايئن لڳي ٿو ته اهو نظام پنهنجي فطري عمل مان گذرندي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.ھي گھڙيون ٺهڻ يا بگڙڻ جون آهن، تيار ٿيل ميوو ھاڻي ڪنھن جي جھوليءَ ۾ ڪرندوان جو علم تھ شايد ڪنهن کي پڻ ناهي، پر ايتري خبر آهي ته آخري ويڙھ بھ ٿڪائيندڙ جنگ آهي.

8 مارچ 2022ع تي ملڪ جي سياسي تاريخ جي هڪ منفرد باب جي شروعات ٿي. عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ ڊرامائي ۽ جذباتي رخ اختيار ڪيو، جنهن کي روڪڻ جي لاءِ ٻاهرين مداخلت ۽ آمريڪي سازشي جي بيانيئي کي ڏونڪي سان وڄايو ويو.

اسيمبلي ٽٽي وئي، غداري جا الزام لڳا ۽ سازشي ٿيوريز جي وچان ڪپتان کي گھر روانو ٿيڻو پيو ۽ پوءِ حڪمران اتحاد معاشي وڪڙ ۾ اھڙو جھلجي ويو جو غير مقبول عمران خان مقبوليت جي عروج تي پھچي ويو، بظاهر کٽيل سياسي جماعتون کٽي ڪري بھ ناڪام محسوس ٿيڻ لڳيون.

جنرل باجوا جي ٻٽي ڪردار جا ثبوت هاڻي سامهون اچي رهيا آهن. زرداري صاحب کان وٺي مولانا فضل الرحمان تائين ۽ عمران خان به وقت بوقت موقعي جي مناسبت سان جنرل باجوا جا قول ۽ فرمان وڏي واڪي بيان ڪري رهيا آهن، تھ عالي جناب ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪٿي ڪٿي متحرڪ رھيو ۽ ٻھ جمع ٻھ ٽي جي يعني عمران،باجوا،فيض فارمولي تي عمل ڪرائڻ ۾ آخري دم تائين ڪوشش ۾ رھيو.

نوڪري مدي ۾واڌ ، وضاحت ۽ تعميل جي ان رٿا ۾ ٻھ ڀاڱي ٽي واري اڪثريت ۽ پوءِ ايجنڊا جي ڪارروائي تي باقي عمل ڪرائڻ بظاھر خاصي ڊگھي رٿابندي جو حصو ھئا.اھا رٿا سياسي جماعتن سمجھي ورتي ۽ ان تي ڍڪ بھ رکيو.ان پھرين مرحلي ۾ حڪمران اتحاد ڪامياب ٿيو.

ٻيو مرحلو آرمي چيف جي مقرري جو هو. جنرل عاصم منير جي مقرري روڪڻ جي لاءِ فيصلو نھ ٿي سگھيو.جڏهن جنرل فيض جي مقرري ممڪن نه ٿي ته جنرل باجوا جي توسيعي وڏي معرڪي جو روپ ڌاري ورتو.

شايد وقت اچڻ تي ان ۾ ملوث ڪردار ان وقت جي صورتحال ٻڌائي سگهن، پر راوي خاموش آهي. بهرحال ڌرڻن، مظاهرن، جلوسن ۽ جوش سان ڀرپور هن ڊرامي سيريل جي ٻي قسط جو انجام سياسي جماعتن جي ڪاميابي يعني جنرل عاصم جي مقرري سان پڄاڻي تي رسيو.

هاڻي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي فصل پوکڻ جو آخري موقعو اسيمبلين کي ٽوڙڻ ۽ وقت کان اڳ ٻن اسيمبلين جي فيصلاتي چونڊ جو مرحلو هئي. عمران خان اسيمبلين ٽوڙڻ جي مشوري جو الزام جنرل باجوا تي لڳائي رھيو آھي. جنهن سندس چوڻ موجب ائين ڪرڻ تي يقيني چونڊون ڪرائن جو دلاسو ڏنو ھو. جنرل باجوا ۽ سندس گھڻگھرا ڪنهن منصوبي جو حصو هئا يا واعدي جي تڪميل جو، اھڙو اڃا ڪو فيصلو ٿيڻو آهي.خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلين جي وقت کان اڳ قرباني ڏئي ڪري، آئيني جواز گھڙيو ويو ۽ اهڙي طرح چونڊون ڪرائڻ جو بال عدالتي’ڪورٽ‘ ۾ اچي ويو. هن جنگ ۾ عدالتون ڪٿي بيٺيون آهن ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو آھي اهو هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي.نيوٽرل ٿيل جنرل باجوا بي اعتمادي جي آخري مرحلي تي تحريڪ واپس وٺڻ جي ڳالهين کان وٺي ھاڻي سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي مقرري جي انڪشاف تائين. پرويز الاهي جي حڪومت جي واعدي جي تڪميل کان ويندي 63 اي جي تشريح تائين ھر ڳالھھ سازش جو حصو لڳي رھيا آھن يا ٻڌايا وڃن ٿا.اھا مڪمل ڪهاڻي ڪڏهن ۽ ڪيئن سامهون ايندي ان جي لاءِ گھڻو انتظار ڪرڻو پوندو.

گذريل هڪ سال جي هن ڊرامي واري دور جي آخري مرحلي ۾ سپريم ڪورٽ ڳو 63 ، اي جي تشريح کان وٺي اسٽيٽ بئنڪ کي رڳو پنجاب جي چونڊن تائين رقم فراھم ڪرڻ جو رستو ڏيڻ، پتو ناھي ڪھڙي آئيني وضاحت جو مظهر آهي، البتھ پارليامينٽ جي بالادستي جي ھن جنگ ۾ انتظاميه، مقتدرھ ۽ مقننھ پنهنجي محاذ تي متحد نظر اچن ٿا.

2018ع جي چونڊن کان اڳ مقتدرھ ۽ عدليه جو گڏيل محاذ ۽ ان جي اندر مان جنم وٺندڙ هڪ صفحي واري حڪومت کي سياسي پارٽين جي گڏيل سياسي حڪمت عمليءَ ڪافي حد تائين ناڪام بڻايو بھرحال عوام جي محاذ تي سياسي جماعتن جي اعتماد کي گھڻو ڌڪ لڳو آهي.

مهانگائي جي چڪي ۾ پيسندڙ عوام نظام کان مايوس ٿي رهيو آهي. ٿي سگھي ٿو تھ عدليه کان ھي ويڙهه ته پارليامينٽ کٽي وڃي، پر سياستدان عوام جي مفادن واري اها جنگ ڪيئن کٽيندا، ان لاءِ اڃا ڪئين امتحان باقي رھن ٿا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے