رياض ابڙو

ڪجهه به نه ٿيندو!

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو 

اسان وٽ سياسي اضطراب ۽ پريشانيون سدائين ٻن قسمن جون رهنديون آيون آهن ته جيڪو به مخالف ڌر ۾ آهي اهو مظلوم آهي، جيڪو ڪرسي تي ويٺل آهي اهو ظالم آهي، ڪرسيءَ تي پڄائڻ تائين اسان انهن جا ئي گڻ ڳائيندا رهندا آهيون پر جڏهن اهي ئي حڪومت هلائيندا آهن ته اسان کي اهي زهر لڳندا آهن، وري جڏهن اهي ئي ڦري روڊن جي سياست ڪندا آهن ته وري وڻندا آهن، ان ڪري اها نفسيات، سياست واري سائڪي الائي ڪڏهن ختم ٿيندي، اسان جي رياست پوءِ عمام ماڻهن جي ڀلي جي لاءِ، عوام جي چڱائيءَ لاءِ سوچڻ شروع ڪنداي، انقلاب جي راھ تڏهن ئي ممڪن هوندي، راھ هموار ٿيندي جڏهن شيون مثبت سمت هلنديون، هلي پونديون، مثال هاڻي جي هڪ ڳالھه  ڪيون ته عمران خان جيل ويندو، نه ويندو، نااهل ٿيندو، نه ٿيندو، جيڪي به عمرانڊو آهن انهن جي نظر عمران خان کانسواءِ پاڪستاني رياست، سياست ۽ ڪرسيءَ جو نبيرو ممڪن ناهي ٿيڻو، هڪ ڏينهن عمران خان جي جيل موڪلڻ جي ٻوهڻي ۾ شاھ محمود قريشي ۽ فواد چودري به جيل جو منهن ڏٺو، شيخ رشيد ۽ شبلي فراز ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي تيارين ۾ لڳا پيا آهن، ائين سياسي اڻبڻت ٿي ٿي وري شيون ساڳي ٽريڪ تي هلي ٿيون پون.

ان ڪري ته اها ساڳي اک ٻوٽ عمران خان جي شروع واري حڪومتي عرصي دوران به هئي ته اچڻ سان ئي شهبازشريف جيل ۾، مريم نوازشريف ضمانت تي تقريرون ڪري مڙئي ڪم ٽپائي وئي، حمزاشهباز به جيل مان بي ڏوهو واپس ٿي موٽي آيو، پ پ جي ميمبرن کي صوبائي اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاسن مان کنڀي کڻي ويندا هيا، ان ڪري اهي سياسي ادلا بدلا ۽ اڻبڻت واريون شيون ائين ئي پيون هلنديون، هڪڙا جيل ۾ ٻيا ريل ٽيان ڪرسي تي ۽ وري ڦرڪو ڦرندو وري ساڳيا جيڪي ڪرسي تي اهي ئي ماضيءَ جون سرڪاري شخصيتون جيل ۾ وري ٽيان ڪرسي تي عوام اهو جو اهو، ان ڪري ته نوازشريف جي ڪرسي کسجڻ کانپوءِ اها ڳالھه  واضع هئي ته هي شخص نااهل ٿيندو، تاحيات ملڪ کان ٻاهر هوندو، هاڻي 80 جي عمر کي رسڻ وارا سياسي اڳواڻ ڇا حڪومتون ڪندا، ملڪ هلائي سگهندا،، نون ليگ جي خاندان ۾ ٻيا انهن جا ئي اڳواڻ به لائينون لڳايو بيٺا آهن، هاڻي انهن کي هڪ هڪ ڪري وارو ڏيو ته جيئن اهي به پنهنجون پنهنجون صلاحيتون ڏيکارين.

هونءَ ڏسجي ته ملڪ ٽن وڏن ڳنڀير مسئلن ۾ اڙيل آهي هڪ ته طالبان جو مسئلو ٻيو سياسي اڻبڻت معني بدلي جي سياست جيل ڦاهيون ڪوڙا ۽ جنهن جو وارو ٿو اچي ته اهي واڄٽ وڄائي هليا ٿا وڃن ۽ گھٽ نه ٿا ڪن ۽ عوام جي آڏو جيڪو ڪالھه جو ڪوڙ هيو اهو اڄ جو سچ ٿي ٿو بيهي، جيڪو ڪالهھ جو سچ هيو اهو اڄ جو ڪوڙ ثابت ٿو ٿئي، جيڪي ڪرسيءَ تي ويهي ڪوڙ ٿا هڻن اهي وري انهن جي لهي وڃڻ کانپوءِ عوام جي آڏو سچ ظاهر ٿي ٿا پون، پوءِ اها سياست هجي، اها اعلي عدالت هجي، اها ڪا فارين پاليسي هجي، ڇو ته سياسي اڻبڻت، سياسي ڊوڙ ۾ چريو رڳو عوام آهي ۽ سياڻا رڳو سياستدان آهن جيڪي عدالتن ۽ قانون سازيءَ کي به چڪمو ڏئي ٿا وڃن ۽ قانون ۽ آئين انهن جي آڏو آلا لڪڻ ٿي ٿا پون، جن کي جيئن وڻين تيئن ويٺا ٿا ڦيرائن، جيئن مرضي پوين ٿي تيئن ويٺا ٿا ڪن ۽ ڪير پڇڻ وارو ڪونهين ته ڪيو ڇا ٿا؟ ۽ ٽيون معيشت جا سڌارا، ان ڪري ملڪ جي سينيئر ترين اڳواڻن کي ڪورٽن جي ڪلهي تي بندوق رکي نه هلائڻ گهرجي، ان ڪري ته ڪورٽون پاڻ ان فيصلاتي سُٽنَ ۾ شروع کان ئي اڙيل آهن، اها ڳالھه  به عجيب آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ڇڏي هاڻي چونڊن جو فيصلو صدر کي ڪرڻو آهي پر صدر به تڏهن فيصلا ڪندو آهي جڏهن اسيمبليون ٽٽن، تڏهن وڃي صدر ڪنهن آئيني زور بار تي اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪندو آهي جڏهن اسيمبليون ۽ ايوان خالي ٿي ويندا آهن، ايوانن ۾ ڪير به عوامي نمائندو ناهي هوندو، ان ڪري هاڻي صدر جي صوابديد اها ناهي ته ڪي پي ۽ پنجاب جي اسميبلين جي ٽٽڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي مِٽي ته پليت ٿي پر ڳالھه  اها به هئي ته ان طريقي سان اسٽبلشمينٽ کي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي، اسٽبلشمينٽ ان طريقي سان به بليڪ ميل نه ٿي سگهي ته لانگ مارچ شارٽ ڪجن، اسٽبلشمينٽ کي ان طريقي سان به وڪوڙي نه ٿو سگهجي ته سازشي خط، مداخلتي بيان بازيون ڪجن، آمريڪا کي گهٽ وڌ چئجي، اسرائيل کي مرده باد چئي، مذهبي نعري بازي ڪجي پر ڳالھه  اها به آهي ته صبر ۽ شڪر سان پنهنجي واري جو انتظار ڪجي، تڪڙ به نه ٿي ڪري سگهجي، ائين به نه هيو ته عمران خان جيڪڏهن ڪرسي تي ناهي ته حڪومت ناهي، عمران خان جي راند ۾ ناهي ته معني راند ڊاهيو، ان ڪري سياست جي سيبتائپ به گھڻو ڪجھه  ٿي گهري جنهن جي لاءِ حڪمت عمليون هلڻيون پونديون آهن ته جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به بچي.

پر حيرت اها به آهي ته ڪنهن جي خواهش، شرط تي ملڪ کي معاشي بدحالي نه ٿي ڏئي سگهجي، ملڪ جڏهن 70 ارب روپين جي هروڀرو بجيٽ جي بار کڻڻ جو متحمل ناهي ته پوءِ پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙڻ سان ڇا مليو، ڪنهن ۽ ڪهڙي قانون، ڏوھ گناھ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جون اسميبليون ٽوڙيون ويون، بجيٽ جيڪا پهرين خساري جو شڪار آهي تنهن بجيٽ جي مٿان هروڀرو بارُ ڇو؟، عمران خان اهڙي حرڪت، پاڻ سازش ڪري ڇا ڄاتو، ڇا مليس، ائين ڪري هن ڪهڙي ڪرسي ماڻي، مرڪز ۾ عمران خان ڇو هجي، ٻيو ڪو ڇو نه هجي، جڏهن سڀني حڪمرانن کي ڪرڻي ئي مهانگائي، ڪرڻي ئي عوام سان جُٺِ آهي ته پوِ ڪير به هجي کلاڙي هجي، سياسي بازيگر ملڪ کي ڏيڻو ئي نقصان، ته پوءِ هي شهبازشريف ئي سهي، وڃڻو ئي آءِ ايم ايف ڏي آهي ته پوءِ عمران وڃي، شهبازشريف ڪم ته ٻئي ساڳو ڪندا، ناڻي جو وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي ڪيو، ڪو اڙيو ٿڙيو ناڻي جي وزارت سنڀالي، جيڪو اڻ سونهون هجي جيڪو اڻ چونڊيل هجي، جنهن کي پاڻ جوڙ ڪٽ ۽ ونڊ نه اچي ته پوءِ جيڪو به ويهي انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين، ملڪ ته ائين پيو هلندو پوءِ گڏھ هجي يا گهوڙو،  سفر ته ڪٽجي ويندو.

ملڪ جو وڏو مسئلو طالبان به آهن جن جي حمايت ۾ عمران خان ته لهي ٿو پئي، هن پنهنجي دور ۾ به آمريڪا وانگي عام معافيون به هلايون، جتي انهن طالبان کي سو خون به معاف هيا، جيئن مشرف پنهنجي دور ۾ سڀني اڳواڻن، سياستدانن کي اين آر او ڏئي پنهنجا رستا صاف ڪيا ته جيئن ڪراچي وارن، خاص ايم ڪيو ايم ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهي، هنن پي ٽي آءِ وارن به ساڳي ڪار ڪئي هئي هڪ پاسي طالبان جي پاس خاطري ته ٻئي پاسي آمريڪا کي اکيون ڏيکارڻ، اسرائيل سان دشمني ۽ وري ساڳي جاءِ تي آءِ ايم ايف سان به ها ۾ ها ملائڻ، ان ڪري عمران خان وٽ به اها دورانديش نظر نه هئي ته طالبان اسان جي ملڪ سان سچا آهن، آمريڪي انٽريسٽ ۾ ڪجھه  به ڪري سگهن ٿا، ”آستين جا نانگ“ آهن جيڪي ڪڏهن ۽ ڪٿي ۽ ڪجھه  به ڪري سگهن ٿا ان ڪري ضروري اهو هيو ته انهن جي انٽري گھٽ ۾ گھٽ هن ملڪ ۾ بند ٿيڻ گهرجي هان، انهن اهڙن ديش دروهين کي ڪو به حق نه ڏجي هان ته اهي اسان جي صوبي، خاص اسان جي شهرن ۾ رهي وري اسان جي صوبي جا شناختي ڪارڊ ٺهرائن هان، اهو ائين هيو ته ڪنهن کي ڪلهي تي ويهارجي ته جيئن هو ويٺو ڪنَ کائي، مٿو ڦيرائي ان ڪري ڀلو ائين به هيو ته جيئن ”لائين آف ڪنٽرول“ لاڪ ٿيل آهي، اتان ڪنهن کي مجال ناهي ته ڪير به هِن پار، هُن پار بنان ڪنهن ڪاڳرن جي اچي وڃي سگهي، ڪو لائين ڪراس به ڪري سگهي پر اهڙي ڪا سختي ڪنهن به سرڪار ڊيورانڊ لائين تي ناهي ڪئي، طالبان جي مرضي آهي ته اهي ڪنهن مهل قربانيءَ جي جانورن جي بهاني ٽپي سگهن ٿا، ڪي نشي وار شيءِ شيون کڻي هلي ٿا پون، ان ڪري ته ڀارتي نسلن سان کڻي ڪافريت واري دشمني هجي به پر افغان بارڊر تي ته جنتون ٿيون ورهائجن، ان ڪري انهن کي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي، سڀاڻي اڌ افغانستان ڀلي پاڪستاني شناختي ڪارڊ به کڻي گهمي ته به اهي اسان جي سڄڻائپ ۾ نه هوندا، ان ڪري رياست انهن سڀني ڳنڀير مسئلن تي سوچي ۽ ملڪي سياست جا اڳواڻ ان ڳالھه  تي مٿو پڪڙي ويهي سوچن ته مهانگائي جنهن اسپيڊ سان وڌي ٿي ته سڀاڻي 5 سو روپيا کير به ملي سگهي ٿو ۽ ان اگهھ ۾ پيٽرول به پڄندو، ڊالر جي ڊوڙ کڻي ڪٿي به پڄي پر هن عوام جو اهي مسئلا سِرُ کڻندا ۽ پوءِ عوام ان ايڏي مشڪلات ۾ ڪاڏي ويندو

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے