Ali Memon

ملڪ جي انقلابين ۽ ترقي پسند تحريڪ جو مطالعو

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

دنياجي هڪ وڏي حصي ۾ گذريل هڪ صدي دوران سوشلسٽ انقلاب ۽ ترقي پسند عوامي راڄ برپا ٿيڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ وارا ڪارناما يقينن دنيا جي سماجن ۾ پيدا ٿيندڙ  انقلاب انساني تاريخ  کي بدلائيندڙ انقلاب ثابت ٿيا. دنيا جي انهن انقلابن ۽ سياسي ، فڪري ۽ نظرياتي سياست جا اثر اسان جي ملڪ تي پڻ تمام گهڻا پيا ۽ هتي پڻ انقلابي جماعتون قائم ٿيون ۽ ترقي پسند تحريڪون هلايون ويون ۽ اڄ به انهن جو ملڪ ۾مرڪزي ڪردار  آهي. ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب آڻڻ  ۽ پورهيت عوام جي حڪمراني  قائم ڪرڻ لاءِ کاٻي ڌر جي انقلابي جماعتن ۽ ترقي پسند تحريڪ جو مطالعو ۽ جائزو  اسانجي اڄوڪي تحرير جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي. فرانس، روس، چين، ڪيوبا، بلغاريه، چيڪو سلواڪيا، ڪوريا ۽ ٻين ملڪن ۾سوشلسٽ ۽ عوامي جمهوري انقلابن جي برپا ٿيڻ جي ڪري يقينن دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پراڻي جاگيرداراڻي، قبائلي اڏوهي کاڌل سماجن، سرشتن ۽ سرمائيداراڻي ظالماڻي نظام جو خاتمو ڪرڻ سان يقينن انقلابي ملڪن جي قومن جا ڀاڳ کلي پيا جو قدرت جا سمورا خزانا ۽ نعمتون سائنسي ترقيءَ جون ڪاميابيون انهن کي حاصل ٿي ويون . اهي انقلابي ملڪ ۽ انهن جون  قومون، سائنسي دنيا جي ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري  ۽ تعليمي ترقي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويون ۽ انهن جا اثر سموري دنيا جي ملڪن تي پيا.

خاص طور تي اسانجو ملڪ دنيا جي گولي تي اهڙي خطي ۾ واقع آهي جنهن جي چئني پاسن مختلف قسم جا انقلاب برپا ٿيندا رهيا آهن ۽ اسان جو ملڪ  مڪمل طور تي انهن پاڙيسري ملڪن ۾ٿيندڙ اٿل پٿل، انقلابن ۽ عالمي حالتن جي اثرن هيٺ ايندو رهيو آهي. اسان جو ملڪ انهن انقلابن جي دور ۾ برطانيا جي غلاميءَ مان آزاد ٿيو هو ۽ کيس صرف تاج برطانيا جي غلامي مان ئي نجات حاصل ٿي سگهي پر پنهنجي پراڻي جاگيرداري ۽ قبائلي سماج واري پراڻي نظام واري حالت ۾سياسي سرشتي طور ڪجهه قدر بهتر برطانوي پارلياماني جمهوري نظام ئي حاصل ٿي سگهيو. اهڙي صورتحال ۾ اسانجو ملڪ پنهنجي مستقبل جي سياسي سرشتي جي ڳولها ۾ هو . ملڪ ۾سياسي بي چيني ۽ سرحدن ۽ پاڙيسري دنيا ۾ برپا ٿيندڙ سوشلسٽ انقلابن واري دور ۾ هتي انقلابي نظريا، سوشلسٽ فڪر، سياست ۽ هلچل جو اڀرڻ ۽ اٿڻ  قدرتي ڳالهه هئي.

کاٻي ڌر جي انقلابي جماعت، ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان کي ملڪ ۾لڳاتار بندشن ۽ رياستي دٻاءَ جو شڪار رهڻ ڪري پنهنجي هڪ وڏي ليڊر حسن ناصر جي حياتي جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو جنهن جو شاهي قلعي لاهور ۾ قيد و بند دوران فوت ٿيڻ وارو سانحو رونما ٿيو. اهڙي ريت، پارٽي جو هڪ ٻيو وڏو اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي مختلف وقتن تي گرفتار ٿيندو رهيو ۽ آزاديءَ بعد روپوشي واري حالت ۾ سياست ڪندو رهيو . جنرل ضياءَ واري مارشل لاءِ جي دور ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جو ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي گرفتار ڪري10 سالن تائين قيد رکيو ويو ۽ ان تي سمري ملٽري ڪورٽ ۾ملڪ دشمني ۽ غداري جي تهمتن تي مشتمل ڪيس هلايا ويا. آخرڪار ڄام ساقي جهڙي صاف سٿري انقلابي ۽ محب وطن اڳواڻ خلاف ملڪ دشمني ۽ غداري جي هلندڙ ڪيسن ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي حق ۾ اچي شاهديون ڏنيون، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، خان عبدالولي خان،مير غوث بخش بزنجو ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن. ملڪ ۾ سوچن تي پهرا، صحافت تي پابنديون، تڪليف جي رڙ ۽ دانهن ڪرڻ تي تعزيرون ۽ سزائون لڳڻ واري قهري دور ۾ ملڪ ۾انقلابي ۽ ترقي پسند سياست ڪرڻ تي عملي طور تي ڪيتريون ئي پابنديون ۽ بندشون لاڳو ٿي ويون، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون، سالن جا سال قيد ۽ بند جو شڪار رهڻ، روپوشي، بيروزگاري، خاندانن جي بدحالي، تعليم جي سلسلو  معطل ٿي وڃڻ، انقلابين ۽ ترقي پسندن جي هزارين  خاندانن کي رياستي ظلمن جو شڪار ٿيڻو پيو ۽ اڪثر خاندان  معاشي بدحالي، بيروزگاري، بک ۽ فاقا ڪشين جو پڻ شڪار ٿي ويا. اهڙي ئي هڪ دور ۾ سنڌ جو هڪ بهادر انقلابي ۽ شاگرد اڳواڻ نظير عباسي کي گرفتار ڪري ڪراچيءَ نيو ويو ۽ ڪيترن ئي جيلن ۽ قيدخانن ۾ رکيو ويو،  ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ سندس موت جي خبر سامهون آئي ۽ سندس مڙهه ناظم آباد جي سخي حسن قبرستان ۾ آڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ملڪ ۾ ترقي پسندن، انقلابي سياسي جماعتن ۽ شاگردن جي تنظيمن تي پڻ تمام گهڻو ظلم ڪيو ويندو رهيو ۽ انهن جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سالن تائين قيد ۽ جيل ڀوڳيندا رهيا آهن.

ملڪ جي ٻين ترقي پسند ۽ روشن خيال جمهوري جماعتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي (نعپ)، پاڪستان نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل موومينٽ، سوشلسٽ پارٽي، سنڌي عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسند قوم پرست جماعتن جي شاگرد تنظيمن ۾ ۾ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف)، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف)، سنڌي شاگرد تحريڪ، وطن دوست پارٽي، وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ، پختون ايس ايف، پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ننڍيون جماعتون ۽ شاگرد تنظيمون شامل رهيون آهن. ترقي پسندن جو ڪم ايترو ته وڌيل رهيو آهي جو ٻارڙن لاءِ ترقي پسند تنظيمون پڻ قائم ڪيون ويون.

انقلابي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن رياستي ۽ حڪومتي بندشن، گرفتارين ۽ ظلمن کان بچڻ لاءِ کليل نموني پنهنجي سياست ۽ پرچار ڪرڻ بجاءِ مختلف ترقي پسند ۽ جمهوري جماعتن ۾ شامل ٿي عوام جي صفن ۾ ڪم ڪندا رهيا آهن. ترقي پسندن ۽ انقلابين جو هڪ وڏو تعداد پاڪستان پيپلز پارٽي، نعپ، پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي ۾ سرگرم رهيو آهي ان کان علاوهه ملڪ جي مختلف ٽريڊ يونينز ،ٽريڊ فيڊريشنز، سنڌ هاري ڪاميٽي، بلوچستان بزگر ڪاميٽي، پنجاب ڪسان محاذ، سنڌي هاري تحريڪ، انجمن ترقي پسند خواتين، سنڌياڻي تحريڪ ۽ مختلف مزدور ۽  شاگرد تنظيمن ذريعي پنهنجو ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ پنهنجيون قيمتي زندگيون ، وقت ۽ جواني پنهنجن نظرين ۽ عوام تي نڇاور ڪندا رهيا آهن. افسوسناڪ ۽ صدمن واري صورتحال ته ان وقت سامهون آئي جڏهن، دنيا ۾ ايندڙ تبديلين سان گڏ ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ پڻ تمام وڏيون تبديليون آيون . جنهن ۾خاص طور تي  30 سال اڳ سوويت يونين (روس) جي انقلاب جي خاتمي ۽ ان جي ٽڪرا ٿي 8 ملڪن ۾ ورهائجي وڃڻ سان ملڪ جون انقلابي جماعتون ۽ تحريڪون پنهنجي وڏي حمايتي ۽ مددگار انقلابي ملڪ کان محروم ٿي ويون ۽هو پاڻ به فڪري ۽ نظرياتي مونجهارن جو شڪار ٿي زوال جو شڪار ٿي منتشر ٿيڻ لڳيون اهڙي ريت، انقلابي تحريڪون  انقلاب جي بنيادي فلسفي جي ڦرجي وڃڻ سان بيڪار ٿيڻ لڳيون ۽ اڳتي هلي خاموشي، بي عملي ۽ گمنامي جو شڪار ٿي ويون ۽ سندن لکن جي تعداد ۾ پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قوت ۽ ڪيڊر گهري مايوسيءَ واري حالت جو شڪار ٿي ويو.

ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بيشمار بحرانن جي باوجود  اها پڻ هڪ شاندار حقيقت آهي ته، انقلابين ۽ ترقي پسندن جي لکين سياسي ذهنن ۽ ڪارڪنن طرفان هر محاذ تي خدمتون انجام ڏنيون ويون ۽  ملڪ جي سمورين روشن خيال ، جمهوري جماعتن ، علمي، سماجي ۽ پروفيشنل ادارن کي مضبوط ۽ سگهارو بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويو آهي.  انقلابين طرفان پنهنجو قيمتي ڪيڊر ۽ بهترين سياسي ذهن سياسي جماعتن، شاگردن جي تنظيمن، هارين ۽ مزدورن جي تنظيمن ۽ صنعتي ادارن کي مهيا ڪيا ويندا رهيا آهن. اهي فرض شناس ترقي پسند ذهن ۽ ڪارڪن لکن جي تعداد ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جو هڪ وڏي تعداد پاڪستان پيپلز پارٽي ، اي اين پي ، نيشنل پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي ، عوامي تحريڪ، ملڪ جي صحافتي، سماجي ادارن ۽ انساني حقن وارين تنظيمن جا روح روان ۽ انهن جي مضبوط طاقت بڻيل آهن.

بيشڪ ! ملڪ جي سياسي تاريخ ، ترقي پسند ۽ انقلابين جي جدوجهد  جي رڪارڊ ۽ شمارکانسواءِ نامڪمل ۽ اڻپوري آهي. اها پڻ هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ته، اسان جي ملڪ جي انقلابين ۽ ترقي پسندن تحريڪ واري صدي جي قيمتي تاريخ اڃا تائين لکي نه آهي.ملڪ جي ترقي پسندن ۽ انقلابين جي پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيل قيمتي پورهئي ۽ جدوجهد جي تاريخ ۽ ريڪارڊ  اڃا تائين منتشر آهي.ملڪ جي حالتن ڪري اهو مواد اڪثر ڳجهو رکيو ويندو رهيو جيڪو، ماضيءَ جي مرڪزن، تهه خانن ۽انقلابين جي ذهنن ۽ سينن  جي مضبوط ٽجوڙين ۾ محفوظ ٿيندو رهيو،جنهن جو وڏو حصو دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويلن جي ميتن سان گڏ قبرن جي حوالي ٿي ويو ۽ باقي لکيل ڪتابن ۽ حيات انقلابين کي همت ڪري پاڻ ئي انهن کي ڪاغذن تي لکڻ يا محفوظ ڪاغذ طور قوم تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻ کانسواءِ ان جي ضايع ٿيڻ جو پڻ انديشو آهي، لازمي آهي ته، ان اهم ڪم کيقومي ورثو قرار ڏنو وڃي ۽ ملڪ جا ترقي پسند محقق، ليکڪ ۽ قلمڪار اڳتي وڌي ان ڪم کي پنهنجي هٿن ۾ کڻن ۽ ملڪ جي هن قيمتي اثاثي کي قلمبند ڪيو وڃي۽ انهن دستاويزن کي ڪتابن جي صورت ۾شايع ڪرايو وڃي ۽ انهن کي ملڪ جي تعليمي ادارن، يونيورسٽيز، لائبررين ۽ انٽرنيٽ تي مهيا ڪيو وڃي ۽ عوام جي عام مطالعي لاءِ پڻ پڌرو ڪيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے