رياض ابڙو

سياسي ڳالهيون ممڪن ناهن!

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو 

هن هيڏي ڳنڀير صورتحال ۾ قانون، آرٽيڪل ۽ شقون به رٻڙ ٿي پيون آهن جو جيڪو جتان ٿو اچي اهو ڇڪ ڏيون اينگهائي ۽ وچڙائي استعمال ڪيون هليو ٿو وڃي، انهن جي سياسي فهم فراصت پنهنجي جاءِ تي پر لائيڪنگ ۽ ڊس لائيڪنگ جي ڪري اهي قانوني ۽ آئيني مهندار به هاڻي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته انهن جي آخري ڳوٽ آهي ئي قانون ساز اسيمبلين وٽ پوءِ اهي عمران خان جي 33بلن وانگي ڪجھه به ڪري سگهن ٿا جو سڀاڻي اهي ادارا ان نور کان به هليا وڃن، ان ڪري هاڻي ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو پر ٻِه واٽَي منجهان هڪ واٽ ٺهي پئي آهي ته ڌريون پاڻ ۾ ويهي سياسي ڳالهيون ڪن، ۽ هيل ڪورٽن پنهنجي هوڏ، انا ۽ ضد ۾ لڳي ٿو سڀ ڪجھه ڪري ڏٺو آهي ۽ هاڻي اهي سمجهن ٿا ته سياسي پارٽيون جيستائين ڳالهيون نه ڪنديون تيستائين قانون، آئين، اسيمبلين ۽ ادارن جو ڪم نه هلندو، ان ڪري هاڻي موقعو آهي ته عزت سان قانوني دائري ۾ رهي اهي سڀ ڳالهيون طئي ڪن ته جيئن قانوني ادارا، اليڪشن ڪميشن به وچ مان ائين نڪري وڃي جيئن مکڻ مان وار.

ان لاءِ ضروري آهي ته سياسي ملهلا ۽ معاملا ويهي طئي ڪجن ڇو ته سياسي پارٽين جي ويڙھ جي قانوني ادارن جو پَنُ لهي پيو آ، هاڻي اهي ذاتي حيثيتن ۾ عيان ٿي بيٺا آهن جنهن ۾ انهن جي نيت هاڻي ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته اهي چاهن ڇا ٿا ۽ ڪن ڇا ٿا، ڇو ته جيڪو کيل ڪورٽن، قانوني ادارن، اسيمبلين، اليڪشن ڪميشن رچايو آهي. ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته انهن ادارن جي سربراهن جي تماشبينگي به هڪ سياسي ناسور بڻجي وئي آهي جيڪا هن ملڪي جي ادارن کي کڻي ورهائي ٻه اڌ ڪري پر ملڪ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندي جو ٻاهريون طاقتون اها ڳالھه چوڻ ۾ بجا هونديون ته ”گهر جو پٽڪو نيٺ دِلو به سُڪائي ڇڏي“ ان ڪري ته گهر (ملڪ) ۾ جڏهن اهڙو سياسي ڏول ۽ پٽڪو هوندو ته پوءِ سياسي سهمتگي ممڪن ئي ناهي هوندي، اها ڳالھه پوءِ نه ٿي چئي سگهجي ته ملڪ هاڻي وڃي ڪاڏي ٿو، سڀاڻي ٿيندو ڇا ان ڪري ته جيستائين اندروني پريشر ۽ سياسي اڻبڻت سڌي نه ٿي ٿئي تيستائين شيون ممڪن ناهن.

پي ڊي ايم، 13 پارٽين جو اتحاد ان ڳالھه جو اڃان تائين ضامن ناهي ته ملڪي حالتون خراب ڪنهن ڪيون آهن، ڪير ان ڳالھه کي مڃيندو ته غلطي منهنجي، ڪنهن ٻئي جي آ، ان ڪري جو هر ايندڙ حڪومت اهڙو بار ۽ سياست تهمتون پوئين سرڪار تي هڻي ڪم ڪڍي ٿي وڃي پر ٻيڙو ته ملڪ جو ٻوڙي ٿا وڃن بهرحال، هاڻي جي سياسي تناظر ۾ اها ڳالھه ممڪن نه ٿي لڳي ته نون ليگ، پي پي ان پي ٽي آءِ جي رٿيل، صلاحيل ڳالهين جي حامي ڀريندا، جي انڪار ڪندا ته انهن ۾ هڪ سياسي خوف ۽ ڊڄ ضرور شامل حال هوندو،، اهو به آهي ته نون ليگ ۽ پي پي رڳو مصلحتن گڏ آهن ان ڪري ته جي اهي پي ڊي ايم جي صورت گڏجن نه هان، عمران خان جي دشمنيءَ ۾ اهو پي ڊي ايم وارو روايتي ضد ڏيکارن هان ته ڪم نه هلي هان، حالانڪي سيپٽمبر 2020 وارو جوڙيل سياسي اتحاد اڃان ٻه ٽي مهينا مس هليو جو پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڏار پجي ويا هيا ۽ مولانا صاحب پوءِ پئي جتيون گسايون هيون جو رائيونڊ ۾ نون ليگ وارا وٺُ نه پيا ڏين پوءِ هڻندي ماريندي ڳالهيون طئي ٿي ويون پر پي پي اهڙي چپڪلش جي ڪري 14 اپريل 2021 تي پي ڊي ايم تان استعفا ڏئي ڇڏي هئي رڳو ان ڪري ته اهي نون ليگ سان ڪنهن به صورت نه پيا ٺهن، چاهن پيا ته سڀ پارٽيون، ته پي پي سان گڏجن، سڀ پارٽيون ڪنهن صورت نون ليگ جي ليڊرشپ ۾ اچن پر ان روايتي دشمني ۾ فائدو وري به عمران خان جو ٿئي هان جو اهي ٻئي سان جو وڙهن هان ته عمران خان پنهنجي دال ڳاري وجهي هان، گاڏي ڪڍي وڃي هان ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون مهاڙيون سوچي ٻنهي پارٽين جو منهن ڀت سان لڳو ۽ وري هڪ ٿي ويا.

هاڻي به ڳالهين جو نه نبرڻ به ان ڳالھه جي ڪڙي آهي ته پي پي نون ليگ مان ۽ نون ليگ پي پي مان جان ڇڏائڻ ٿي چاهي ۽ اهي ٻئي، انهن مان رڳو نون ليگ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جا لاءِ تيار ناهي ان ڪري به ماضيءَ وانگي پي پي جي لانگ مارچ تي نون ليگ ضد ڪيون بيٺي هوندي هئي، استعفائن تي پي پي وارا سهمت نه هوندا هيا، پي پي وارن جي سياسي بصيرت ان ڳالھه تي ڪم ڪندي هئي ته استعفائون، رڳو سنڌ سرڪار جي قرباني ڪم نه ڪندي پر ساڳي سياسي اٻوجهائپ جو مظاهرو وري عمران خان ڪري ويو جو بي سبب پنجاب ۽ ڪي پيءَ جون اسيمبليون ٽوڙي ويهي رهيو پر هاڻي جي صورتحال ۾ بحرانن جي بي تحاشگي جي ڪري اها ڳالھه منجهائي ٿي ته جي 13 پارٽيون، نون ليگ، پي پي ڳالهين جي ميز تي نه ويٺا ته ڪورٽن جي اسٽانس جو ڇا ٿيندو.

اها ڳالھه ٻي آهي ته عمران خان جي اسٽيٽ بئينڪ واري سودي جي ڪري، آءِ ايم ايف وٽ سرينڊرنگ جي ڪري حڪومت جا هٿ ڪپجي پيا آهن، هاڻي ممڪن ناهي ته اسٽيٽ بئينڪ ڪنهن صورت ڪو فنڊ جاري به ڪري، حڪومت جي ڪنهن چئي آکيي ۾ اچي، هجي پوءِ اهڙي خالي خزانن جي ڳنڀيرتا جي ڪري ڪورٽن جو اسٽيٽ بينڪ کي چوڻ جڳائي نه پيو پر سياسي ونگارون به ادارن وٽ معني ٿيون رکن ۽ ادارا به اهو ٿا سمجهن ته انهن جي سياسي پارٽين جي ونگار نه اڙهي ته انهن ادارن ي ساک ۽ پت، ڊاڙ ڌوڙ ٿي ويندي، ائين به لڳندو آهي ته ڄڻ ادارن اندر ئي اندر ڪا ڪمٽمينٽ ڪئي هجي، سياسي پارٽين جي مٿي تي هٿ رکيو هجين، پُٺي ٺپي ان ڳالھه جي خاطري ڪرائي هجين ته هاڻي پي ٽي آءِ وارن جو ڪو به ڪم جي ڪورٽن ۾ ڦاٿو ته ڪورٽون بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءَ جي عمران خان جي سپورٽ ڪنديون، ڪورٽون پنهنجي پرِ ۾ وس ڪنديون ته توشاخانا جو ۽ فارين فنڊنگ جو ڪيس نه اٿلي، عمران خان جي مٿان ڪا به ڳالھه ثابت نه ٿئي، پي ٽي آءِ وارن جي مٿان آشرواد جو هٿ رکيون اچن، جيستائين هي چيف جسٽس آهي تيستائين عمران خان جي بلي بلي آ، ان ڪري ته جنهن تيزيءَ سان ڪورٽن ورَ کڻي عمران خان ڏي سمن جي مٿان سمن پئي موڪلي هئي سا اسپيڊ هاڻي جهڪي ٿي وئي آهي.

چاهن ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ هنن عام چونڊن (جيڪي ٿينديون ته ڪو نه) تائين جي عمران خان بچي ويو ته نئون ڄائو ۽ حت الامڪان قانوني ادارن جي به اها سرتوڙ ڪوشش آهي ته عمران خان بچي وڃي ۽ تاحال ڪا به سمن ۽ سڏ نه وڃينس جو جي ويس ته وري ٽامو مچائي ٿيندو، ڌرتي تپائيندو، ڪورٽن کي اها به پڪ آهي ته جي ڪو به فيصلو عمران خان جي خلاف آيو ته هن جو ”رينٽيڊ ڪرائوڊ“ چپ ڪري نه ويهندو (ان ڪري ته ادارن تي ڪنهن جو يقين ناهي) ۽ وري ڀڀڪيون ڇڏيندو پر تيستائين جي اهي 13 پارٽيون ۽ پلس عمران خان جي الله رسول کي مڃي ڳالهين جا ڪي دڳ ڪڍن ٿا ته هيل ڪورٽن جي پڳ بچي ويندي ان ڪري ڳالهين کانپوءِ ڪورٽن جي لاءِ فيصلو ڏيڻ آسان ٿي پوندو ته عام چونڊون هڪ ڏينهن تي ٿين، هڪ هڪاڻي ٿئي، ان ڪري جو اليڪشن جو ٿيڻ کڻي سياسي پارٽين کي فائدو ڏئي، نه ڏئي پر اليڪشن ڪميشن ۽ ڪورٽن جي جان ڇٽي ويندي ۽ اهي پنهنجا سر آجا ڪري نڪري ويندا نه ته ٻي صورت ۾ جي قانون ساز اسيمبليون جيڪي پهرين ئي باھ ٻريون پيون آهن، جن کي 13 پارٽين جي حمايت ته پنهنجي جاءِ تي پر عسڪري ادارن جي اخلاقي سپورٽ به حاصل اٿن، اليڪشن ڪميشن به ٺري پوندي ان ڪري جو هيل تائين اهي سڀ ادارا ڌُر بڻيا بيٺا آهن، صدر جا آرڊيننس به هاڻي کڻي بي معني هجن پر اسٽروڪ پوءِ به هڻي سگهن ٿا.

مڃون ٿا ته انصاف وارا ادارا به هاڻي ”انصافي“ ٿي پيا آهن ۽ سياسي سپورٽ کان علاوه انهن ادارن ۾ جمهوري ڳالھه ناهي، ڀلا جي پنج رڪني بئينچ ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي هجي ته ڇا ٿيندو، جسٽس فائز عيسي جهڙو ماڻهو جنهن جي ”پليس آف برٿ“ ڪوئٽيا آهي ان جي مٿان به ڪورٽون ۽ پي ٽي آءِ به پنهنجي دور ۾ ٻريون پيون هونديون هيون، جنهن جي مٿان ڪرپشن جي الزامن ۾ ڪورٽ ۾ ريفرسن به داخل ٿيل آهي ان ڪري کڻي اعلي عدالتن ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي نه به هجي پر جمهوري اقدار به بشمول هجن جو اهي شارح پاڻ قانون سمجهائڻ کان اڳ اهي قانون مڙهي به سگهن، هيل ته اسيمبليون به اهڙا ڪات ڪهاڙا تکيون ڪيون ويٺيون آهن جو عرب ملڪن جي طرز ايوان، عسڪري ۽ عدالتون پوءِ هڪ چنبي ۾ نه اچي وڃن، ان ڪري سياسي ڳالهين جو فائدو جي سياسي پارٽين کي نه به ٿئي پر ڪورٽن جي قانون پڳ بچي ويندي، باقي ملڪ جو خير آهي نه ته 90 ڏينهن واري عام چونڊن جي مهلت وري ضياءَ جو دور نه ورجائي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے