فرحان خان تنيو

ڊجيٽل آدمشماري جي سازش، سنڌ جا خدشا ۽ سانا ڪانفرنس

اوهانجو موقف فرحان خان تنيو ليکڪ

فرحان تنيو

جيتوڻيڪ آدمشماري ۽ گهر شماريء جي عمل کي سڄي دنيا ۾ هڪ ٽيڪنيڪل معاملي طور ورتو وڃي ٿو پر رياستي ادارن پاران گهر ۽ آدم ڳڻپ ۾ سنڌ سان منظم رٿابنديءَ تحت جيڪا هميشه ٻه اکيائي ۽ ويساهه گهاتي ڪئي پئي وئي آهي ان کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ڪروڙين رهواسين هر آدمشماري جي نتيجن تي نه رڳو پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي پر نج سياسي انجنيئرنگ تحت جاري ڪيل انگن اکرن کي رد پڻ ڪيو آهي پر اها انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو رياست اهم ترين صوبي سنڌ جي رهواسين جا خدشا سدائين نظرانداز ڪندي آئي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتي سڀ کان پهرين آدمشماري سال 1951ع ۾ ڪرائي وئي هئي، جنهن موجب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر رهجي ويو هو، جڏهن ته ان کان اڳ 1941ع ۾ انگريز سرڪار پاران ڪرايل آدم ڳڻپ موجب ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 62 سيڪڙو هئا، ڏهن سالن جي مختصر عرصي ۾ سنڌي ڪراچي شهر پاڪستان ۽ اسلام جي نالي تي کسرائي ويهي رهيا. ان کانپوءِ 1961، 1972, 1981, 1998 ۽ آخري ڀيرو 2017ع ۾ آدمشماري ڪرائي وئي هئي پر ڄاڻايل سمورن موقعن تي وڏي سرڪار سنڌ ۽ خاص طور راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي آدمشماري جا نتيجا پنهنجي مرضي موجب پڌرا پئي ڪندي رهي آهي. 2017ع جي آدمشماري موجب ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ 10 سيڪڙو ڄاڻائيندي شهر جي ڪل آبادي رڳو 2 ڪروڙ ڏيکاري وئي. پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي رڳو 5 ورهين ڪي مختصر عرصي بعد هڪ ڀيرو وري گهر ۽ آدم ڳڻپ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، هن آدم ڳڻپ کي ڊجيٽل مردم شماري جو نالو ڏئي سنڌين کي پنهنجي ئي صوبي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي مستقل طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري خطرناڪ سازش تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن بابت ڪراچيء کان ڪشمور تائين رهندڙ 5 کان 6 ڪروڙ سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران سجاڳيءَ جو سنيهو پهچائڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ڪارائتي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي.

سانا جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ناليواري دانشور، سماجي ماهر نصير ميمڻ صاحب پنهنجي روايتي انداز ۾ نج زميني حقيقتن کي سامھون رکندي بريفنگ ڏني ۽ انگن اکرن سان واضح ڪري ٻڌايو ته ڪيئن نه ڊجيٽل آدم شماري سنڌ جي ڊيموگرافيء کي تبديل ڪرڻ جي گهري سازش آهي. نصير ميمڻ صاحب جي بريفنگ دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جو انگ بنهه گهٽ آهي، جنهن جو ثبوت 2017ع جي آدم ڳڻپ ۾ لاهور ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ مقامي ماڻهن جو انگ 86 سيڪڙو، پشاور ۾ پشتو ڳالهائيندڙن جو 92 سيڪڙو، جڏهن ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ رڳو 10 سيڪڙو آهي.

سانا پاران ڪوٺايل ڪانفرنس کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي زبردست خطاب ڪندي سنڌ جا خدشا ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت جي مجرماڻي ڪردار کي وائکو ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ سينيٽر نثار کهڙي پنهنجي ۽ پارٽي جي بچاء ۾ ڳالهايو.

ناليواري ليکڪا نورالهدي’ شاهه پنهنجي خطاب ۾ هاڪاري تجويزون پيش ڪندي قومپرست قيادت تي زور ڀريو ته ڊجيٽل آدمشماري جي سازش خلاف تحريڪ هلائي وڃي.

ڪانفرنس کي سانا جي صدر اعجاز ترڪ، جسم سربراهه خالق جوڻيجي، عوامي تحريڪ جي لال جروار، امان الله شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته سانا پاران منعقد ڪرايل هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورين ڌرين ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌين خلاف خطرناڪ سازش قرار ڏيندي گهر ڪئي ته گهر ۽ آدم ڳڻپ وارو عمل بنا دير ملتوي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وسيلن ۽ زمين جي انچ انچ جا مالڪ صرف سنڌي آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي 40 لک غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سنڌ بدر ڪيو وڃي. سنڌ دوست ڌرين جا خدشا ۽ مطالبا پنهنجي جاءِ تي جائز قانوني ۽ آئيني آهن پر ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي وفاقي حڪومت سنڌين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي سندن مطالبا تسليم ڪري ٿي يا ڊجيٽل آدمشماري جي بهاني هڪ نئون تڪرار پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے