رياض ابڙو

پوءِ به انڌي منڊي جمهوريت هلڻ ڏيو 

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو 

اها ڳالھه مهڙ کان ئي پيا ٻڌندا اچون ته ملڪ نازڪ ۽ خطرناڪ صورتحال تي اچي بيٺو آهي، ملڪ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال آ،، ملڪ کي بيروني خطرا لاحق آهن، ملڪ ۾ ايجنسيون ڪم ٿيون ڪن، ملڪ ۾ اندروني خلفشار جي ڪري بيروني سيڙپڪار نه ٿا اچن، سياسي بي راھ رويءَ جي ڪري ملڪ جون صنعتون وڃن ٿيون ڏينهون ڏينهن ويهنديون، ڏيوالو نڪري چڪو آهي رڳو اعلان باقي آهي، رڳو مايوسيءَ واريون ڳالهيون هر هنڌ پيون بحث ٿين.

جيئن پهرين فرقي پرستي جون ڳالهيون وڌي وڻ ٿينديون هيون تيئن هاڻي رڳو اها ڳالھه سرگردان ضرور آهي ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي ۽ سياستدان ان تضبضب ۾ آهن ته روس کان تيل وٺڻ جي واعدي تي به اهي آءِ ايم ايف جي شرطن مڃڻ جي عيوض تيل مهانگو ٿا ڪن، 13 پارٽيون ان ڳالھه ۾ پريشان آهن ته ملڪ آمريڪي پاليسين تي هلي، روس کان تيل سستي اگهن تي وٺي عوام جي پريشاني دور ڪن، عمران خان جي دور ۾ جيڪا اوندھ ٿي وئي هئي ته هي شهبازسرڪار اچي سَوَنت، روشني ڪري هان، صنعتي ترقيون ڪري ڏيکاري هان، نوڪريون، روزگار، معيشت، خوشحالي، اندروني ۽ بيروني مسئلا معاملا طئي ڪري ملڪ کي وري خوشحال ڪري وڃي هان ته مڃون هان پر هنن به وري بدلي واري سياست ڪئي ۽ مخالفن کي مارَڪُٽَ ڪري ڏيکارين، اهو ثابت ڪري ڏيکارين ته جمهوريت واقعي کي بدلي واري سياست ٿي سيکاري.

بهرحال، ايتري پرتشدد سياست ۽ ٺڳين کانپوءِ به ڪجهھ سڌو ناهي، ڪجهھ صحيح ناهي، صحيح ٿيڻ جي اميد ۽ آسرو به ناهي،، اها ڳالھه به مڃون ٿا ته هي ڪجهھ ڪري به نه سگهندا، هاڻي 13 پارٽين ۾ بي چيني وڌي وئي ته آخر ڇا ڪجي، اهي اتحاد شل ايندڙ نين چونڊن تائين هلي سگهي، ان ڪري عوام جي همدردي ۾ اهي به وري ذرو ذرو ٿي ويندا جو اليڪشن ۾ هڪٻئي جو منهن به وڻندن، پر ڳالھه اها ضرور آهي ته ڪير به انهن سياسي مونجهارن، عوامي دردن جو درمان نه ٿو ٿئي، ڪير انهن ڳالهين جي صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڪجهھ نه ٿو ڪري، ڪير سمجهي ئي نه ٿو اهي مسئلا به ڪي عوام جا مسئلا آهن ملڪ اهڙي طرح شديد ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي،جنهن جو احساس غريب جي لاچاري ڏسي چئي سگهجي ٿو.

پر هاڻوڪي ڏڪار جهڙي صورتحال ۾ ملڪ ڪنهن به سياسي الزام بازيءَ جو متحمل ناهي رهيو، ڪنهن شيشي جي گلاس مانند آهي جنهن کي رڳو هڪ ٺئونڪر لڳي ۽ ذريون ذريون ٿي وڃي، ان ڪري اهڙين معاشي بدحالين ۾ حالتون تمام گھڻيون نازڪ ٿي ويون آهن جو هُش ٿئي ته ڌڻ جو ڌڻ ئي گم ۽ سطح تان ئي غائب ٿي وڃي،، کاڌي جي کوٽ، معاشي بدحالي جي ڪري عام ماڻهن جي حالت زار آهي، چوڻ کان ٻاهر آهي،ان ڪري جنهن شيءِ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي هان ان ڳالھه تي ڪير ڌيان نه ٿو ڌري، ڪير به ان مهانگائي، سيڪيورٽي ۽ حڪومتي پاليسين جي ڪري احتجاجن ڪير به روڊ تي نه ٿو اچي،، ان ڳالھه جو فڪر ڪري ته ملڪ جون حالتون ڪاڏي ٿيون وڃن، ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل ڇا ٿي ملڪ لائيف انڊيڪس ۾ ملڪ 180 کان ڪري وڃي 140 نمبر تي پڳو آهي، جيڪو به مخالف ڌر جي قطار ۾ ٿو بيهي ان جي جان کي خطرو لاحق ٿي ٿو پئي، جيڪو ڪرسيءَ تان لٿل آهي ان کي ڪو به سرڪاري پروٽوڪول نه ٿو ملي، هر ماڻهو عجيب خوف ۾ مبتلا لڳو پيو آهي،سياستدان ان ڳالھه تي پريشان ناهن ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ مان مراد رڳو مهانگائيءَ جو ٻج ڇٽڻ آهي.

اها ڳالھه وري ڪهڙي منهن سان شهبازسرڪار چئي ٿي ڏئي ته پيٽرول جو اثر عام ماڻهوءَ تي نه پوندو، عام ماڻهو ان ڳالھه کان آجو هوندو ته هاڻي سڀ ڪجھ صحيح آهي، پنهنجا ڪپڙا وڪڻڻ وارو هاڻي اهڙي ڪا ڊاڙ نه ٿو هڻي، مفتاح اسماعيل جڏهن پاڻ آءِ ايم ايف جي اعلانن جي ڀرمار لائي ڏيندو هيو، جڏهن ٽي ويءَ تي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪندو هيو تڏهن ته کِلَ نه بيهندي هيس، هاڻي وري پاڻ ئي ٿو چئي ته ملڪ جو ٻيڙو عمران خان ۽ اسحاق ڊار ٻوڙيو آهي،ته پوءِ ڪنهن تي ٽرسٽ ڪجي،، جيڪو هاڻي چئي ٿو اهو صحيح آهي، جيڪو ڪرسيءَ تان لهي هليو ٿو وڃي ته پوءِ ڪرسي تان لهي اکيون کلي ٿيون وڃنس، کيس کي ملڪ خطري ۾ ٿو لڳي، ملڪ جي خيرخواهي رڳو ان لٿل شخص وٽ ئي رهجي ٿي وڃي، اهو واحد شخص آهي جيڪو ملڪ سان سچو آهي باقي سڀ ڌوڙ ۽ ڪوڙا سياستدان آهن، ڦري گهري جڏهن اهي ئي مخالف ڌر ٿا بڻجن ته ته ملڪ خطري ۾ پئجي ٿو وڃي.

اها ڳالھه روا ناهي ته سياستدان پاڻ ۾ پيا وڙهن، هڪٻئي تي الزامن جي سياست ڪندا وتن، سمجهن ته ملڪ جو خيرخواھ رڳو زرداري آهي، نوازشريف جي اچڻ سان ملڪ خطري ۾ پئجي ويندو، عمران خان کي مارائي ملڪ ۾ نوان خوشحاليءَ جا سورج اڀرندا، ملڪ وري ٻيهر آزاد ٿيندو، عمران خان جي خواهش هوندي هئي ته آزاد ملڪ وري آزاد ٿئي،، طالبان سڀني اڳواڻن کي ڌمڪي موڪلي ڏني ته هاڻي پي پي ۽ نون ليگ جا اڳواڻ خطري ۾ آهن، عمران خان جي دور ۾ طالبان چپ لڳا پيا هئا، هر روز ڪنهن نه ڪنهن کي معافي ملندي هئي،، سڀ اڳواڻ به محفوظ لڳا پيا هئا پر هاڻي سڀ جا سڀ ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ رکيون پيا آهن.

اها ڳالھه به سمجھه کان مٿانهون آهي ته ٿئي ڇا ٿو ۽ ڪن ڇا پيا، ڪنهن کي عوام جي ڳڻتي آهي،ڪير ملڪ جو خيرخواهه آهي، ڪير ڪرسيءَ جو ديوانو آ،، ڪير پلان اي بي ۽ سي جوڙيون ويٺو آ،، ڪير آءِ ايم ايف ڏي قرضن کڻڻ لاءِ ڀڄ ڀڄان لايون ويٺو آهي، جيڪي به آءِ ايم ايف جون قسطون اچن ٿيون اهي وڃن ڪاڏي ٿيون، ڪيترا ترقياتي ڪم ٿين ٿا، آءِ ايم ايف سان بجيٽ جا ڪهڙا خسارا پورا ٿين ٿا، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا ڪيئن، ڪيستائين پورا ٿيندا، کوٽ جا سبب ڇا آهن، بجيٽ ڊيفيسٽ هر دفعي ڇو ٿو ٿئي، سرڪيولر ڊيٽس ڪڏهن ملي دنگ ٿيندا، مثال ڪو ماڻهو ٻاهران ڪمائي کٽي کڻي ٿو اچي، ڪو گهراڻو پنهنجي گهر ۾ اپت وارا ڪم ٿو ڪري جنهن مان اهي ڪچو مال گهرائي وري ڪنهن ڪاريگريءَ سان ٺاهي جوڙي ڪنهن سلائيءَ ڪڙهائيءَ جا ڪم ڪن ٿا، زرعي اپت ۾ پاڻ ڀرا آهن،، مال ڍڳي جو ڪري پنهنجي گهر جون ضرورتون پوريون ڪيون ويٺا آهن، اهڙا گهراڻا جيڪي ڪجهھ به نه ڪن ۽ گهر جا ٽپڙ وڪڻي گذرسفر ڪن، جي ڪير ائين ڪري ٿو ته آخر ڪيستائين اهڙا سلسلا هلائيندو، جي سڀاڻي گهر جا ٽپڙٽاڙي به وڪڻي چٽ ڪيائين ته پوءِ ڇا ٿيندو،، ادارا، روڊ، فيڪٽريون، صنعتون، زمينون ۽ معدني وسيلا به وڪڻي، سمنڊ درياءَ ۽ وسيلا به وڪڻي جي ائين گهرو ضرورتون پوريون ڪندو رهيو ته پوءِ گهر جو ڇا ٿيندو، آخر اهڙو گهر ڪيئن هلندو ان ڪري ملڪ جي صورتحال به ٿلهي ليکي ائين ئي ٿي وئي آهي ته انٽرنيشنل ڪو وقار ۽ ناموس ناهي رهيو، ملڪ جي ڪنهن به اپت تي ڪو به ملڪ، پنهنجا ماڻهو پاڻ ڀروسو نه ٿا ڪن، ملڪ جي وسيلن جي کوٽ ٿي وئي آهي، ڪڏهن سريلنڪا جا مثال ڏئي ٿا ڊيڄارن ته ڪڏهن افغانستان جو حالتون اسان وٽ پيدا ٿا ڪن، ڪڏهن بنگلاديش جي خوشحالي جون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي شرمندو ٿا ڪن جي سڀ ڳالهيون ائين ئي هلنديون رهيون ته نه اليڪشن ڪم جي آهي،نه اهي سڀ اڳواڻ ڪم جا آهن.

پ پ وارن پوءِ به، زرداري کڻي ڪنهن به طرح اها ڳالھه ڪري ڏيکاري ته بي بي جي شهادت تي ”پاڪستان کپي“ جهڙن ملڪ دوست نعرن سان ڳالھه ٺاري ويا پر جي اهڙي ڪا صورتحال پنجاب جي، ڪي پيءَ جي ڪنهن اڳواڻ سان ٿي ته پوءِ ملڪ ڪاڏي ويندو، اها ڳالھه اتي ضروري نه هوندي ته رياست کان ڪير به زور ناهي، پر عوام هاڻي تنگ آهي پر اها ڳالھه به ڄڻ قسطن ۾ ڪنهن ساهدار جو ساھ ڪڍڻ جي مترادف آهي ته بلوچستان جون حالتون ٻين صوبن کان الڳ آهن، جيڪا ويڌن طالبان جي ڪري ڪري ٿئي ٿي سا وري اسان وٽ ناهي، طالبان جي مرضي آهي ته اهي اسلام پسند هوندي ته ڪي پي جي مسجدن ۾ بم ڌماڪا ڪري ماڻهن کي جنت رسيد ڪن، جيڪو وڻين تيڪو ڪن، ملڪ ڪڏهن ڪي پي جي طالبان مان، ڪڏهن ڪراچيءَ جي ٽاگيٽ ڪلرن مان به اڙجي ٿو وڃي.

ان ڪري ملڪي صورتحال هاڻي ڄڻ ڪنٽرول مان نڪري وئي آهي، ادارا ڇڙواڳ لڳا پيا آهن، رياست ۽ سياست ٻه اهڙا پلر آهن جيڪو ويٺا ٿا راند ڪن ڪنهن کان ڪرسي ٿا کسن، ڪير ڏينهن ڏٺي گم ڪري وري اتي ئي ظاهر ڪري پوليس رمانڊ ۾ ڏيکاري وري ڄڻ عوام تي ٿڌو ٿورو ٿا ڪن،، وري ڪڏهن ائين لڳندو آهي حڪومتي رٽَ به ڪنهن مخصوص ايرياز ۾ آهي، ڪٿي صفا ناهي، ڪٿي وري گهڻي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے