رياض ابڙو

ادارن جو ٽڪراءُ ۽ آئيندو

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

اها ڳالھه مڃڻ جهڙي آهي ته قانون ساز اسميبليءَ جا ممبر ڀلي ڪجھه به نه هجن پر قانون سازي ڪري سگهن ٿا يا اسيمبليءَ مان ڪڏهن ڪڏهن ڪم جا بل به پاس ڪرائي سگهن ٿا يا اهڙا بل جنهن ۾ ملڪ جو ڀلو ٿئي يا ڪجھه ممڪن به هجي ۽ ائين نه ته جيئن عمران خان پنهنجي دور ۾ 33 بل راتو رات پاس ڪرائي رڳو پي ڊي ايم کي ڪري ڏيکاريو هيو ته هو ڪيترو دادلو آهي جو اندر ئي اندر پي ڊي ايم جي ميمبرن به لڪيل سپورٽ ڪئي هيس ان ڪري ته انهن سڀني کي لڪيل اشارو هيو ته هو ان بل جي پاس خاطري ڪن ۽ عمران خان جي سپورٽ ڪن پوءِ انهن بلن ۾ اسٽيٽ بيئنڪ جي خودمختياري کان وٺي اليڪشن ڪميشن جهڙي خودمختيار اداري جي صوابديد به داوَ تي هئي ته اهي ڪو به ڪم پاڻ نه ڪري سگهن يا انهن تي پي ٽي آءِ پنهنجو اثر ڏيکاريو اها ڳالھه ٻي هئي.

چيف جسٽس جي ”بينچ جي جوڙجڪ“ به ڪنهن جي وس جي ڳالھه نه هئي ته اهي ڪورٽ جي اهڙن معاملن ۾ ڳالهائي سگهن يا ڪجھه چئي سگهن ان ڪري اها ڳالھه ته هاڻي سڀني کي وڻي هوندي جو پي ٽي آءِ وارا هجن يا پي پي وارا يا نون ليگ وارا هجن انهن سڀني جي مٿان هڪ خوف جي تلوار ٽنگيل هوندي هئي ته جي اهي ڪجھه ڪڇندا ته انهن جي نڙي تي نَهنُ رکيو ويندو يا انهن جي مٿان “ڪورٽ ڪانٽيمپ“ ته کٻي هٿ جو کيل هيو يا ڪنهن جي مجال نه هوندي هئي ته اهي ٻڙڪ ڪڇي يا ڪالهھ 30 مارچ واري اسيملبيءَ جي ڪاروائي ۾ بلاول ڀٽي جي لاءِ جڏهن اهو چوڻ آسان ٿي پيو ته ماضيءَ جا چيف جسٽس فرعون هيا يا جيڪي به چيف جسٽس هيا ۽ انهن جيڪي به پاڻمرادو نوٽس ورتا جن ۾ انهن وقت جي اڳواڻن، وزيراعظمن کي به داوَ تي هڻي ڇڏيو هيو ۽ پناماليڪس جي ڪري نوازشريف به داوَ تي لڳي ويو هيو جو ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس ۾ ڄڻ ونگار وهي هئي ۽ بنا ڏوھ جي ثابتي جي هو ڪرسيءَ تان ته لٿو پر تاحيات نااهل به ٿي ويو جو ملڪ مان نيڪالي وٺي يا پاڻ هڙتو ملڪ بدري وٺي وڃي لنڊن وسائي ويهي رهيو جڏهن ته ملزم کي ڪڏهن به اهڙي رويي ۾ نه ٿو آڻي سگهجي جنهن ۾ هو مجرم بڻائي سزايافتا ڪيو وڃي جو ڏوھ ثابت ئي نه ٿئيس پر سزا کائي يا جن تي وڏھ ثابت هجي اهي سزا نه کائي سگهن يا ڪورٽ جي نه ٻڌن يا ڪورٽ جڏهن کين جي مٿان گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍي ته وري لڪي عوام کي ڪٽرائي سٽرائي پاڻ بچائي وڃن جو ”ڌڪ جهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير“ پر هاڻي ته شيون اڃان به واضح ٿي ويون ته ڪورٽ يا اعليٰ عدالتن ۾ ڪير به پنهنجي مرضي سان يا ڪنهن جي فرمائش تي يا ڪنهن جي ڀر وٺي رڳو ان هڪ ڌر کي راضي نه ڪري سگهندو ايستائين جو جيڪا به بئينچ جڙندي ان جي ٻه ڀاڱي ٽي حيثيت به پهرين طئي ڪبي يا انهن جي فيصلي جي ادراڪ يا سمجهھ ماڻهن کي به پوندي ته هاڻي پاڻمرادو نوٽيس به ڪو سياسي رنگ ۾ رنڱيل نه هوندو پر ان جي به جيستائين ٻه ڀاڱي ٽي حيثيت نه هوندي تيستائين ممڪن ناهي.

ججن جي ڀرتي به هڪ وڏو مسئلو بڻيل هيو يا جيڪي به اڳواڻ جي پسند يا ناپسند جا جج هوندا هيا اهي فيصلا به وري وچٿرا نه ڏيندا هيا ان ڪري هن سياسي ڌر خوش ته بي ناراض يا اهو به هيو ته انهن جي فيصلن ۾ تعصب واري بوءِ هوندي هئي جو اهي ڀلي نون ليگ جي خالف هجن يا پي پي جي حمايت ۾ نه هجن پر سڌو سنئون پي ٽي آءِ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪيا ويندا هيا جو پي ٽي آءِ جي عسڪري ادارن مان پنهنجو وقار ۽ مان مرتبو وڃائي ويٺي ته اهي پوءِ پنهنجون نظرون اعليٰ عدالتن ۾ وجھي ويهندا هيا ته هاڻي سڀني ادارن مان ڌڪاريل پارٽي گھٽ ۾ گھٽ اعليٰ عدالت مان فائدو ۽ حمايت وٺي ويندي جو فيصلا سدائين هڪ پاساهان ٿيندا هيا جنهن ۾ رڳو عمران خان خوش باقي ٻيا سڀ منهن گهنجائي ويهندا هيا ان ڪري 75 سال گذري وڃڻ جي باوجود به ڪو ادارو ۽ ڪو قانون يا ڪا شق ۽ ڪو آئين جي لائين اڃان تائين سڌي ناهي يا انهن ۾ اڃان تائين جي ور وڪڙ آهن جو جيڪو به عقل جو اڪابر ۽ سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ يا کڻي گھٽ پڙهيل سياستدان به اچي ٿو ته اهي هڪ ٽارگيٽ کڻي ضرور ٿو اچي جو سمجهي ٿو ته ان قانون ۽ شق يا آئين ۽ آرٽيڪل کي اڳين سرڪار پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري وئي مثال نيب جا قانون پي ٽي آءِ جي فائدي ۾ هئا به ته اها نيب واري لٺ هن ڀيري نون ليگ يا 13 پارٽين پنهنجي حصي ۾ نه آندي ۽ اچڻ سان ئي انهن قانون ۾ ضروري تبديليون آڻي ان ۾ ترميم ڪري انهن ”آلي لڪڻ“ کي وري ڦيرائي ويا يا اهو هن ڀيري هنن کڻي صحيح ڪيو ته جيستائين ڪنهن به ملزم تي الزام ثابت نه ٿئي تيستائين اهو مجرم ناهي يا ان تي جرم ثابت ٿيڻ کان اڳ ڪنهن به قسم جون چارجز لاڳو نه ٿيون ڪري سگهجن جن جازجز ۾ سڀ کان پهرين ان ملازم (يا خاص) وزير ۽ مشير جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي يا ته ان جي چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پامال ڪري يا ڪڏهن ڪڏهن ته کيس اسيمبليءَ ۽ ايوان مان به کنڀي کڻي ويا پر هاڻي نيب جي قانون ۾ اهڙي گنجائش موجود ناهي ان ڪري ان ڳالھه جو فائدو ته پي ٽي آءِ وارن کي به ٿيندو توڻي جو جهانگير خان ترين تي يا فواد چودري يا ڊاڪٽر شهباز گل تي به ڪيس موجود آهن يا عمران خان تي به ڪيس هلن ٿا پر ڪي قانون ڪجھه ڀلايون به کڻي اچن ٿا جيڪي اڳواڻن ۽ سياستدانن کي مخالفت ۾ رهي سمجهه ۾ نه اچن يا سمجھڻ نه چاهن ته اها ٻي ڳالھه آهي.

هونءَ آرٽيڪل 184 (3) تحت ڪنهن به وزيراعظم کي ڪوڙ ڳالهائڻ تحت کڻي ناهل ڪجي پر پاڻ مرادو نوٽس وٺڻ غلط هيو جيڪو هاڻي چيلينج ڪري سگهجي ٿو، يا شروع ۾ اها ڳالھه پي پي پنهنجي دور ۾ ڪرڻ چاهي پئي يا پي ٽي آءِ وارا به اها ڳالھه ڪن ٿا ته اهي ائين ڪري سگهن پيا پر ڀلو ٿئي عمران خان جو جنهن ادارن جا ٽڪراءَ ڪري شيون آسان ڪري ڏنيون ۽ سڀني کي ”اسٽروڪ“ ٺاهي ڏنئين ته هاڻي ”ڊوائيڊ اينڊ رول“ ڪيو يا آرٽيڪل 191 تحت پارليامان وٽ اهو اختيار ۽ صوابديد آهي ته اهي ان ڪورٽ جي قانون ۾ ردوبدل ڪري سگهن ٿا جيڪا انهن هاڻي ڪئي، ۽ هاڻي ”سي جي پي“ (سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس) کڻي قانون کي ابتو پڙهي يا سبتو يا پاڻ ئي قانون جي تشريح جي لاءِ اپيل داخل ڪري ته اهي سڀ قانون جا شارح آهن انهن جي هٿ وس قانون ٺاهڻ جا جوڙڻ ناهي اهي رڳو قانون جي تشريح ڪري سگهن ٿا يا هن جي مٿان اهو به الزام صادر آهي ته انهن ڪي پي ۽ پنجاب جي اليڪشن جو سوئو موٽو نوٽيس ڇو ورتو يا هاڻي چيف جسٽس پان مرادو سينيئر ججن جي بئينچ به نه ٿو جوڙي سگهي يا پنهنجي مرضي نه ٿو هلائي سگهي يا پنهنجي مرضيءَ جا سينيئر جج بئينچ ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهي يا ججن جي مقرري به هاڻي ڪنهن هڪ جي مرضيءَ تي رکيل ناهي پر ان ڳالھه ۾ سڀني جو ڀلو آهي ۽ سڀ پارٽيون هاڻي شڪر ڪن جو هونءَ شهبازشريف ته موڳو مٽر آهي پر اسيمبليءَ تائين اهي سڀ همتون جوڙي اها ترميم پاس ڪرائي ويو جنهن ۾ 13 پارٽين جو ڀلو ته آهي پر سڀني پارٽين جو به ڀلو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے