Imtiaz Alam

سول ادارن جي ختم نه ٿيندڙ ڄنڊا پٽ

امتياز عالم اوهانجو موقف ليکڪ

امتياز عالم

ڇا ٻڌائجي،ڇا نھ ٻڌائجي؟ڪنھن کي ٻڌائجي؟ سمورا اختياري ۽ اقتداري جي جنگ ۾ پنھنجا اوسان خطا ڪري ويٺا آھن،آھي ڪنھن کي ڪو فڪر تھ سندن محلاتي سازشن ۽ ادارتي وائڙپ جي ڪري ملڪ ڪھڙي پاتال ۾ لھندو پيو وڃي،ھڪ اھڙو المياتي۽ مزاح وارو سيريل آھي جيڪو ختم ئي نٿو ٿئي. بس نالو، صورتون ۽ تاريخ بدلجي ويا آھن،حال ۽ عمل اھي ئي آھن،رياست جو پڇ،ساڳيو ئي ٽيڙو آھي،جيڪو پھرين گورنر جنرل جي وقت ھو،جيڪو ان کي سڌارڻ کان اڳ ئي پاڻ ھليو ويو. ڪنھن کي ياد آھي تھ ھڪڙي ڀيري روئڻ آيو ھو ۽ ان بعد تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جون ختم نھ ٿيندڙ تباھيون.ڪنھن کي اھو بھ خيال آھي تھ ضروري شين جي قميتن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو واڌ ۽ عام ماڻھون جي خريداري جي قوت 40 سيڪڙو کان بھ گھٽ ٿيڻ سان پاڪستان جي عوام جي اڪثريت روزي روٽي جي لاءِ سڪي وئي آھي.اٽي جي ھڪ مفت ٻوري سان اوھان بک تھ نٿا مٽائي سگھو،البتھ سموري قوم کي پنڙيات ضرور بنائي سگھو ٿا.

اشرافيا ۽ حڪومتن جي درياھ دلي ڪيتري منافقي۽ بي رحمي واري آھي ۽ اھا بھ ٽيڪس ڏيندڙ جي رقم مان. معاشي تباھي ۽ ٻوڏ واري مسئلي بعد ھاڻي ملڪ جا ادارا ڊھڻ واري رخ تي ھلي پيا آھن.پر ڪنھن اصول،آئيني،قانوني شفافيت ۽ ادارتي ٽڪنڊي جي حد بندين ۾ نھ آھن.صرف پاور جي لاءِ چاھي اھو شخصي ھجي يا گروھي ھجي يا ادارتي ۽ ان جي ڪا حد ناھي. جڏھن پاور اسٽرڪچر بابت سوچيان ٿو،تھ لڳي ٿو تھ پاڪستان ھڪ ادارتي جاگيرن ۽ مافياز جي ڪنفيڊريشن آھي،جنھن ۾ ھر ڌر ۽ ڌڙو پنھنجي مفاد ۾ خودمختيار ئي نھ بلڪھ ٻئي جي حد ۾ والار لاءِ تيار آھي،چارٽر آف ڊيموڪريسي جي ٿوري گھڻي اثر جي ڪري جيئن تيئن ڪري لڏندڙ لمندڙ جمھوري عمل ھلندو رھيو آھي ۽ آئيني،عدالتي اجائي مداخلت جا ڌڪا کائيندو رھيو آھي، پر گورنر جنرل جي وائسرائي نوآبادياتي روايت ۾ عوام جي اقتدارجي گنجائش بس ايتري ئي آھي تھ اھو ڪڏھن مقتدرھ نھ ٿي سگھي. تنھڪري سڌي ريت مارشل لا واري نسخي جي جاءِ تي ھاءِبرڊ نظام جو ٻج پوکيو ويو،جنھن جي لاءِپاپولر خوبرو قومي ھيرو ۽ سيليبرٽي جي ھٿ ۾ تسبيح ڏئي اقتدار جي مصنوعي مسند تي براجمان ڪيو ويو. جنھن جي واڳ پوليٽڪل انجنيرز جي ھٿن ۾ ھئي.پاڪستان جي ھن وجاھت واري ھيرو جي جمالياتي ۽ مرداڻي خوبين ۽ ان جي پرتش تھ برقرار رھي،پر ھن وٽ وائڙپ واري تبليغ ۽ مخالفن سان بدترين سلوڪ کانسواءِ ڪجهھ نھ ھو ۽گورننس جي لاءِ وقت نھ مليو.پوءِ پوليٽڪل انجنيئرز بھ کڻي بس ڪئي ۽ ھڪ صفحي وارو ورد گڏيل تلخي جي نذر ٿي ويو.جئين ئي ھاءِبرڊ نظام ڊٿو، تھ سمورو پاور اسٽرڪچر اھڙو وکريو جو ھاءِبرڊ نظام دوئم،جي جوڙڻ تائين ھٿن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.جيڪا وڇوٽي پيدا ٿي ۽ آئيني ڊانچي جا ڪل پرزا ڊرا ٿيا تھ يونٽي آف ڪمانڊ بيرڪن تائين محدود ٿي رھجي وئي،جنھن ڪري ھر ڪو ان خلا کي ڀرڻ جي ھڻ وٺ ۾ ڪپڙن کان ٻاھر نڪري آيو.مٿان وري زخمي ٿيل پرنس محلاتي سازشن ۾ ڦھان ڪري اھڙو ڪريو جو ھمدري جي ھڪ لھر اڀري جيڪا جھڪي ٿيڻ جو نالو نھ پئي وٺي.اھو مڊل ڪلاس جيڪو پاڪستان جي ڪليدي بيانيئي جو وڪيل ھو،جيڪو سياست کان نفرت ڪندڙ ۽ عسڪري قوت سان محبت ڪندڙ واري واري نظرئي سان جوڙيل ھئي.ان کي ھڪ نجات ڏياريندڙ ملي ويو ۽ سياست وئي ڌوڙ ۾.

ھاڻي ھر پاسي گارين جو طوفان آھي، سڀ پنھنجن پنھنجن مفادن ۾ آئيني ۽ جمھوريت جا قسم کڻي ان کي دفنائڻ ۾ اڳي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھڪ ٻئي جا ڪپڙا لاھڻ جي ڌنڌي ۾ جنبيل آھن. ان سان جيڪو خال پيدا ٿيو ان ۾ مقتدرھ جي ٽن حصن، پاڪ فوج،عدليھ ۽ سول سروس پنھنجو پنھنجو رستو ورتو.جمھوري طور تي لاٿل ھيرو اھڙو دل لاڀائيندڙ ماتم ڪيو جو ھر ادارو، ھر شعبو ۽ ھر ڪميونٽي ورڇجي وئي.پاڪ فوج جي سياست کان لاتعلقي ٿي تھ سياسي ڀڃ ڊاھ جي حل جي لاءِ ميدان ۾ لٿي بھ تھ اھا عدليھ جنھن جي آمريت سان شرمناڪ سمجھوتن ۽ سياستدانن،چونڊل ادارن سان ٽڪراءُ جي ناقابڪ رشڪ تاريخ رھي آھي.پر ان فرق سان تھ ھن ڀيري جھڙيندڙ چاھتن ۽ انائن جو شڪار ٿي ڪري بري ريت ورھائجي وئي آھي.عدليھ جي بحالي جي تحريڪ جي بدقسمت مقدر ۾ اسان کي جيڪي تحفا مليا،سي چيف جسٽسز، افتخار محمد چوڌري،ثاقب نثار ۽ گلزار احمد جي صورت ۾ مليا ۽ جن ديدھ دليري سان مفاد عامھ جي نالي تي ٻن چونڊيل حڪومتن جو جنازو ڪڊيو۽آرٽيڪل 184 (3) جو استعمال ڪيو. ان سان عدليھ ۾”ون مين ون رول “ قائم ٿي ويو.مٿان وري ارڙھين ترميم ۾ ڏنل ججن جي مقرري جي متوازن پئماني تي، افتخار محمد چوڌري پارليامنٽ کي اوڻيھ ترميم آڻڻ تي مجبور ڪيو.ان سان عدليھ مدر پدر آزاد ٿي وئي.پوءِ ڇا ٿيو پوسٽ پي سي او جوڊيشري اقربا پروري جي نذر ٿي وئي،جيڪو سينارٽي جو اصول ججز ڪيس ۾ جسٽس سجاد علي شاھ مقرر ڪيو ھو، اھو کڻي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪيو ويو.ايئن چيف جسٽس پنھنجي طرز جو چيف آف اسٽاف بڻجي ويھي رھيو.

ھاڻي وڻ وڻ جي ٿڙن سان گڏائي جوڙيل ڪيل شھباز شريف حڪومت چيف جسٽس جي ججن جي چونڊ ۾ پسنديدگيءَ کان ڪئين منھن موڙي سگھي ٿي۽ ان جي قانون واري وزير کي سينارٽي جي اصول تي قلابازي کائڻي پئي،تھ ان گناھھ جي سزا ملي بھ تھ 8 رڪني بينچ پارليامينٽ جي سپريم ڪورٽ جي ضابطن بابت مسودي جي ڄمڻ کان اڳ ئي ان جو مادر جي پيٽ(پارلياميٽ ) ۾ ئي ٻار ڪيرائن جي صورت ۾ ملي.ھاڻي عدليھ جي اڪثريت چيف جسٽس جي قيادت ۾ ھڪ اھڙي انتظاميھ ڪم ڪري رھي آھي،جنھن کي پارليامينٽ جي خودمختياري ۾ پناھ وٺڻي پئي.

سويلن ادارن ۾ جنگ جھڙي ڪيفيت آھي. مٿان کان وري ورھايل وڪيلن جي فوج ظفر موج آھي، جيڪا آئين جي مختلف شقن جي اھڙي گولھ باري ۾ رڌل آھي، جو حيرت ۾ پيل ماڻھن کي سمجھھ ۾ نٿو اچي.تھ ڪير آئين جي ڪھڙي پاسي آھي. اصل مسئلو چيف جسٽس جي بلا شرڪت برادر جج صاحبان جي ھڪ ھٽي ۽ حڪومت جي پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ جي اسيمبلين جي وقت کان اڳ چونڊن کان فراريت.

عدالت عظميٰ سياسي ٽڪراءَ مان نڪرڻ جو ڪو مناسب ۽ قبوليت جوڳو رستو ڪڊي ھا،ان جي بجاءِ سياسي جنگ جو محور بڻجي وئي آھي،ھاڻي چيف جسٽس تقسيم ٿيل عدالت ۽ وزيراعظم جي پڇ ڪٽيل پارليامينٽ سان اھڙي جنگ وڙھي رھيا آھن،جنھن ۾ ڪا بھ ڌر گدلي ٿيڻ بنا نٿي رھجي سگھي.معاملو رڳو چونڊن جي وقت تي اتفاق راءِ جو ھو جيڪو ڌرين جي سياست جي نذر ٿي ويو. سپريم ڪورٽ جيڪڏھن انتظاميھ ،پارليامينٽ جي مخالفت جي باوجود 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن ڪرائڻ ۾ ڪامياب بھ ٿي وڃي تھ نتيجو فساد کانسواءِ ٻيو ڪھڙو نڪرندو ؟ سويلين ٻالڪن جي ھٿ ۾ واڳ ڪھڙو آئي جو پوري جو پورو سويلين ڊانچو ئي ڊھي ڪري پٽ پوڻ وارو آھي،شايد ڊراپ سين گھڻو پري ڪونھي بس پاڻي مٿي کان گذرڻ جو انتظار آھي.

ھزارون ھين شکوھ کيا کيا سنائون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے