رياض ابڙو

فارين فنڊنگ ۽ پي ٽي آءِ جي مداخلت 

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

حڪومت جي وڏي ڳالھه آ ته هي ويچارا ڪنهن تي به اثر انداز نه ٿا ٿين، نه ئي ڪو چيو آکيو ٿا ڪن، بس چپ ويٺا آهن، رڳو پيا ٿا تماشو ڏسن، معنيٰ جي جهانگيرترين جي ڳالھه آهي ته هي رڳو جاچ آفيسر ٿا مٽائن، پنهنجي دادلن وزيرن جي ڳالھه ٿا رکن، بس انهن جي چوڻ تي عمل ٿا ڪن، هڪڙو جاچ آفيسر جيڪو سخت هيو جنهن باھ ٻاري ڏني هيس اهو جهانگيرترين کي نه وڻيو، هنن کي جاچ آفيسر به فرمائش تي کپن، جيڪي جونءَ پير جاچ ڪن، جيڪي فائيل دٻائي رکن جيڪي هنن جي وات کي ڏسن، جيڪي اونءَ ڪن جيئن هي چون، جيئن هنن جي مرضي هجي، هاڻي اها به ڪا جاچ هوندي يا دوستي نڀائڻ، جنهن ۾ ڪا سختي نه هجي، جنهن ۾ ڪا وٺ وٺان نه هجي، جنهن ۾ جيئن هي دادلا وزير چون تيئن ٿيندو وڃي، اها ڀلا ڪهڙي جانچ ٿي، معنيٰ عمران خان بليڪ ميل ٿي ويو هن لڪ ڇپ ۾ اين آر او ڏنو، ڇو ته هن جي وزيرن اهو خط مڙئي سڙئي ڪو نه لکيو هو ته جي جهانگيرترين کي ڪجھه به ٿيو، يا هي شخص جيل ويو يا ڪا ڪارروائي ٿيس ته هي سڀ جا سڀ پارٽي مٽائيندا، يا پي پيءَ جي جهولي ۾ ويهي رهندا يا مريم نواز جي ڊاڙ پوري ڪندا ته پي ٽي آءِ جو باغي ڌڙو يا فارورڊ بلاڪ هنن سان گڏ آهي، ۽ عمران خان ايئن انهن وزيرن کان ڊڄي ويو، هن کي اها ڳالھه سمجهھ ۾ اچي وئي ته جي هن جهانگيرترين تي سوڙھ ڪئي ته هي به نه بچندو، جي هي جهانگيرترين جيل ويو ته هي به گهر ويندو، ڇو ته فارين فنڊنگ جو ڪيس اڃان باقي آهي، رياست به چالاڪ آ معني ڀاڳين کي چئي ٿي ته هوشيار ٿجو چور چوري تي نڪتا آهن وري چورن جي ساٿي بڻجي انهن کي رستا به ڏيکاري ٿي، وري ڳالھه اها به ماري ٿي ته ڀلا جي ڪارروائي ڪرڻي اٿن ته ڪري وٺن.

اليڪشن ڪميشن جي آڏو 26 فيبروري تي پي ڊي ايم جي ڌرڻي ۾ اليڪشن ڪميشن اها خاطري ڪرائي هئي ته ڪورٽ کي اهي ڪاڳر ڏنا ويندا جن ۾ پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ظاهر آهي، جن ۾ هنن جا 4000 اڪائونٽ به اٿلايا ويا هئا جن ۾ هن جي خاص ماڻهن جا به اڪائونٽ چيڪ ڪيا ويا هئا جيڪي هن (خان) جا شروع کان ئي ٻانهن ٻيلي هئا (۽ آهن) پر وري چپ ٿي وئي، وري اليڪشن ڪميشن کي اندر ئي اندر حڪم ناما جاري ٿا ڪن ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ڊاڪومينٽس کي هٿ نه لائجو، انهن جي جاچ پڙتال نه ڪيو، ۽ ان ڳالھه کي هيترو عرصو گذري ويو آهي جو فيبروريءَ ۾ مخالف ڌر پي ٽي آءِ جي خلاف اهڙي درخواست داخل ڪئي هئي پر عمل هن مهل تائين ناهي ٿيو، اِي سي پي جي هڪ ميمبر ارشاد قيصر (جيڪو ڪي پي جو رٽائرڊ جسٽس آهي) ان اِي سي پي (اليڪشن ڪميشن) کان گهر ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ گهربل فائنانشل ڊاڪيومينٽس کپن تنهن جي جواب ۾ اِي سي پي جي ڊاريڪٽر جنرل آف لا (جيڪو جاچ ڪميٽي جو اڳواڻ به آهي) جو جواب هيو ته ”هي ڪيس ته پيو هلندو هن ۾ ڪهڙي تڪڙ آهي جو توهان کي اهي ڪاڳر مهيا ڪيا وڃن“ هاڻي ڪيڏو نه صاف ظاهر آهي ته هي خان ڀلي پاڻ کي ڪيترو به ايماندار، مديني جي رياست جو اميرالمومنين چورائي پر ڊڄ به ايترو اٿس جو ڪا ڳالھه نبيرڻ نه ٿو ڏئي، يا هر ڳالھه تي پنهنجو اثر ڏيکاري ضرور ٿو، ۽ پاڻ سينيٽ جي چونڊن ۾ ايترو سرگرم رهيو جو سر پيو وڃينس، صوابديدي فنڊ، صدارتي آرڊيننس، وزيرن سان لھه وچڙ، معنيٰ ايترو سرگرم جو هر ڳالھه هن جي پوري ٿئي معني مڪمل ”پزيزو“ هاڻي به هر ڳالھه ۾ ٽنگ اڙايون ويٺو آهي، ڪڏهن جاچ آفيسر تبديل ٿو ڪري، ڪڏهن وزيرن جي ٿو ٻڌي، معنيٰ بي اثر ناهي، نا سمجهي جو ڪيترو به ڊرامو ڪري پر سمجهي سڀ ٿو.

جسٽس ارشاد قيصر اِي سي پي کي خط به لکيو آهي ته 27 آگسٽ 2020 تي هن (اي سي پي جي ڊائريڪٽر جنرل آف لا) پاڻ واعدو ڪيو هو ته اها جانچ ترت ۽ تڪڙي هلائي ويندي ۽ ڪميٽي ڇهن هفتن ۾ معنيٰ مهيني سوا ۾ جاچ مڪمل ڪندي ۽ فارين فنڊنگ ۾ جيڪي به آئيني ڀڃڪڙيون ٿيون آهن انهن جو ازالو ٿيندو، ائين ناهي ته شوڪت خانم اسپتال جي چندي وانگي هن کان هاڻي به ڪير پڇڻ وارو ناهي، ڳالھه اها به هوندي ته ميجارٽي جڏهن ڳالھه ڪري يا گهڻائي ماڻهن جي ان ڳالھه جي هجي ته هي پي ٽي آءِ وارا ايجنٽ آهن ته معنيٰ آهن، هي پاڻ واعدا ڪري ڦري ٿا وڃن، اھڙيون ڳالهيون ۽ واعدا پنهنجي جاءِ تي جيڪي هي اليڪشن کان پهرين ڪندا هيا اهي سڀ ڌوڙ، وري ٽي ايل پي سان ڪيو واعدا نه پاڙي سگهيا جنهن ۾ هنن پي ٽي آءِ وارن پاڻ هنن ٽي ايل پي وارن سان ڳالهيون ڪيون هيون ته هي (پي ٽي آءِ) فرانس جي سفير کي واپس موڪلڻ جي لاءِ ايوان ۾ رٿ پيش ڪندا، انهن جي پروڊڪٽس جو بائيڪاٽ ڪندا، انهن سان قطعي ڳالھه ڪندا، پر 20 نومبر 2020 جي ڏنل تاريخ به حيرت جهڙي هئي جو ان ئي تاريخ تي هنن جو خادم رضوي لاڏاڻو ڪري ويو، هنن ٽي ايل پي وارن جي ڳالھه اڌ ۾ رهجي وئي،

وري هنن سان ٻيهر ڳالهيون ڪري 20 اپريل 2021 جي تاريخ طئي ڪين ته خان ايوان ۾ رٿ پيش ڪندو پوءِ جيئن ايوان چيو تيئن ڪندا نه ته ٻي صورت ۾ هي ٽي ايل پي وارا 20 اپريل تي لانگ مارچ ڪندا، پر هي پي ٽي آءِ وارا لانگ مارچ کان ايترا ته ڊنل هيا (۽ آهن) جو جڏهن به پي ڊي ايم وارن لانگ مارچ جي ڳالھه چوري ٿي ته هي عسڪري نمائندن کان مٺڙي ڌمڪي ڏياري ٿا ڇڏن ته ”اچو اچو اسان ته توهان کي چانهھ پارٽي ڏينداسين“ هي ويچارا پي ڊي ايم وارا پاڻ ۾ وڙهي ٿا پون، معنيٰ ساڳي ڌمڪي جيڪا ٽي پي ايل وارن هنن کي ڏني جو هنن جو سر پيو وڃي ۽ 20 اپريل اچڻ کان پهرين وٺ وٺ ٿي وئي جو 14 اپريل تي هنن سعد رضوي کي پڪڙي اندر ڪري ڇڏيو، وارو وارو ڪري تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڳالھه کي ڦيري ويا، وري ساڳي تنظيم جي ڪالعدم هئي به ته ان کي ڪراچيءَ واري اين اي 149 تي اليڪشن وڙهڻ ڇو ڏنن، يا ڳالھه وسري وين، يا ٽي ايل پيءَ تي هٿ هلڪو رکين، ڇو ته ٻچاپڙائپ ڪير هنن پي ٽي آءِ وارن کان سکي، ان ڪري هاڻي به ايترا خوفزده آهن جو جهانگيرترين جو ڪيس ٿو اچي ته جاچ آفيسر مٽائي ٿا ڇڏن، وري فارين فنڊنگ جا ڳالھه ٿي اچي ته هي جاچ ڊائريڪٽر کي ئي دٻائي ٿا ڇڏن، هنن کي اهو به خوف آهي ته جي جاچ هلي ته هي گهر نه پر سڌو جيل ويندا، هنن جا ڪوڙ هاڻي ماڻهن کان لڪيل ناهن جو ڪورٽ به هن جي چالاڪي کي نه سمجهي، جي کنڊ جي بحرانن جي ڪري جهانگيرترين کي رعايت ملي سگهي ٿي ته پوءِ حمزا شهباز به رعايت لهڻي، مريم نوزا به ڍر سمجهي، شهبازشريف به بچي ويندو، ڇو ته انهن جون چوڌري شگرمل کان وٺي جيڪي به ملون آهن انهن به گهٽ ناهي ڪئي پر سرفهرست ته جهانگيرترين آهي جنهن بلين روپيا ٺاهيا، هي نون ليگ وارا ٻين ڪيسن ۾ جي ڦاسندا ته ڦاسي سگهن ٿا ”شگر اسڪَيم“ ۾ هنن جا هٿ صاف آهن،

جهاگيرترين جي بهاني هنن مڙئي 30 شگرملون ۽ 40 کن ايجنٽ به ڦاسايا هيا ته جيئن جهانگيرترين پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي (پر رعايت ته وري به وٺي ويو) ڇو ته مديني جي رياست جي اميرالمومنين هن جي پٽ، ڄاٽي ۽ گهر جي عورتن تي هلڪو هٿ رکڻ جي پرميشن ڏئي ڇڏي هين، هاڻي رهيو رڳو جهانگيرترين ان جو ڪيس به ائين هلندو جيئن فارين فنڊنگ وارو ڪيس آهي، يا بم تڏهن ڦاڙيندا .جڏهن پي ڊي ايم وري هٿ پير هڻي تيستائين هي به چپ هلندا رهندا، ڪيس دٻائي رکندا، جاچ آفيسر بدلائيندا رهندا، تيستائين سال چڙهي ويندو، يا پي ڊي ايم وري حڪومت جي پويان لٺ کڻندا، وري اهو به آ ته اِي سي پي جو ڊائريڪٽر جيڪو جاچ ڪميٽيءَ جو اڳواڻ به آهي سو هاڻي رٽائر ٿيڻ وارو آهي، پوءِ وري ٻيا اهڙا جاچ آفيسر رکندا جيڪي وري مهينا لائيندا، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾، ڇو ته نوان ماڻهو ڪيسن کي وري ٻيهر اٿلائيندا، وري انهن کي سمجهڻ ۾ وقت لڳندن تيستائين حڪومت به چار سال ڪڍي ويندي، پوءِ جا ڀاڳ پوءِ سان، پي ٽي آءِ جي فائونڊر ميمبرن جو اهو به چوڻ آهي ته هن ڪيس کي چار سال گذري ويا آهن پر ڪا به ترت جاچ ناهي ٿي، ان جاچ ۾ 23 ٻيا اهڙا اڪائونٽ به آهن جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ٿيندي رهي ٿي سي ته ڳجهھ ۾ رکيا ويا آهن ڇو ته 2009 کان 2013 تائين مسلسل هي پي ٽي آءِ وارا اهڙا چندا وٺندا رهيا هئا جن جي جاچ ضروري آهي، جنهن ۾ اهي دادلا ميمبر به آهن جن جي مٿان آشيرواد پيا هلن،

ان جو مطلب اهو به آهي ته جي هنن جا دادلا ميمبر هڪڙي ڪيس ۾ اندر ٿيا ته اهي ٻيا ڪيس ۽ فراڊ به مڃي ويندا پر هن جي سرڪار ۾ اهي ڳالهيون نه نبرنديون، ان جي لاءِ وري هنن جي مخالف ڌر جو حڪومت ۾ اچڻ ضروري آهي ڇو ته هتي سياست آهي ئي بدلي واري نه ڪي تبديلي واري.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے