محمد جمال ڊيڊي

اي ڪامرس انڊسٽري جو چمڪندڙ ستارو، نئين ٽهي لاء مشعل راه ، محمد جمال

اوهانجو موقف

اڄ ملاقات ٿي هڪ انقلابي سوچ ۽ تعميري نظريه سان

اڄ ملاقات ڪئي اتساه سان

اڄ ملاقات ڪئي ڪاميابين جي سفير سان

اڄ ملاقات ڪئي اخلاق ، محبت ۽ شفقت سان سرشار شخص سان .
اڄ ملاقات ڪئي هڪ اهڙي شخصيت سان جنهن جي ڪچهري ۾ سواء سماج جي ترقي ۽ قوم ملڪ ڀلائي کانسواء ڪجھ نه آ. اڄ ملاقات ڪئي محمد جمال ڊيڊي سان.
محمد جمال طبعيت جو انتهائي سادو ، کرو ۽ سڌو ماڻهو آهي ، محمد جمال سان زندگي جي مختلف موضوئن تي ڪچهري ٿي. جمال جو مرڪز اڄ جي نوجوان کي بهتر مسقبل ڏيڻ ، معاشري جو بگاڙ ختم ڪرڻ ۽ فقط ملڪ جي ترقي آهي . محمد جمال اڄ جي نوجوانن لاء اتساهيندڙ ڪردار آهي . جمال جو شاندار ڪيريئر ، ترقي ۽ ڪاميابي جو گس آهي .
محمد جمال هڪ ڪامياب نوجوان بزنسمين آهي ، محمد جمال ۱۷ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي پنهجي خوابن جي ساڀيان لاء غيرمعمولي قدم کنيا ۽ پنهجي ڪاروبار جي شروعات ڪئي . محمد جمال جنهن به شعبي طرف وڌيو ، ڪاميابين هر شعبي ۾ سندس قدم چميا .
محمد جمال پنهنجي ڪاميابين جي سفر ۾ پاڻ کي ڪنهن هڪ خاص پيشي تائين محدود نه رکيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٿاڪ ڄمايو.
محمد جمال ڊجيٽل دنيا ۾ پير پاتو ، اي ڪامرس جي شروعات ڪئي ۽ سوڀ پنهنجي ناء ڪئي ، جمال ريئل اسٽيٽ شعبي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به پنهنجي صلاحتين جا جوهر ڏيکاريندي پنهنجو ڳاڻيٽو ملڪ جي ناليواري ڪامياب ڪاروباري شخصيتن ۾ ڪرايو.
محمد جمال ڊيڊي پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار پڻ فراهم ڪيو، جمال جو ازم آهي ته ملڪ جو هر نوجوان روزگار سان هجي ۽ وطن جي ترقي ۾ پنهجو ڀرپور حصو ڳنڍي.
جمال جديد ٽيڪنالاجي جي دور جو جدت سان نه فقط گڏ هلڻ جو حامي سوچ جو مالڪ آهي پر هن جو خيال آهي ته اسانکي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ ايجاد ۽ دريافت به ڪرڻو پوندو. هن جو چوڻ آهي ته اڄ جي نوجوان جو اڳتي وڌڻ اڻ ٽر آهي .
محمد جمال اي ڪامرس جي دنيا ۾ انقلابي سوچ رکي ۽ سندس Ishoping.pk جي صورت ۾ شاهڪار موجود آهي . جمال مستقبل ۾ ملڪ اندر اي ڪامرس لاء بهترين قدم کڻي رهيو آهي ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرائي رهيو آهي. محمد جمال اي ڪامرس شعبي جي ترقي لاء ڀرپور محنت ڪري رهيو آهي.
محمد جمال ڊيڊي ان سان گڏوگڏ ريئل اسٽيٽ انڊسٽري ۾ به هڪ اعتبار ۽ اتساه جو نالو آهي . محمد جمال ڪيترن ئي شاندار پراجيڪٽس جو پڻ حصو آهي.
ان کان علاوه جمال اسٽاڪ ايڪس چينج ۾ به پاڻ ملهائي رهيو آهي ۽ ملڪ جي معيشيت بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
محمد جمال ڊيڊي پنهنجي اڻ ٿڪ محنتن ۽ شاندار ڪارڪردگي ساڻ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ خدمتون سر انجام ڏئي چڪو آهي .
محمد جمال ان سان گڏوگڏ سماجي سرگرمين ۾ پڻ وڌي چڙهي حصو وٺندو آهي ، محمد جمال جي محنتن ، ترقي ۽ قوم ملڪ لاء خدمتن جو سفر اڄ به جاري آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے