رياض ابڙو

انڌير ننگري، چرٻٽ راجا 

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

اسٽيبلشمينٽ کي ۽ پي ٽي آءِ جي سرڪار کي ان ڳالھه جي پرواھ ناهي ته عوام جي مٿان ڇا ٿي گذري، غريب عوام ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آ، عوام غربت جي لڪير کان به ڪرندو ٿو وڃي يا عوام پي ٽي آءِ جي پاليسين جي ڪري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي ٿي وڃي، ان ڳالھه جي پرواھ ڪنهن کي به ناهي، پر هنن کي بُنڊَ تي پٽڪو ٻڌڻو ضرور آ، معني هروڀرو جي مڳي، هروڀرو جي سياسي ٺڳي، سياسي حرفتون، ايوانن ۾ ڳوڙ، گهمسان، لڙبکيڙو، وٺ وٺان، معني اهڙي صورتحال جنهن ۾ عوام کي يا انٽرنيشنل ڌرين کي اهو لڳي ته پي ٽي آءِ سرڪار ڪيڏو نه ملڪ جو ڀلو ٿي چاهي، پر مخالفن ۽ اڻپڙهيل عوام رڳو وچ ۾ رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بڻيا بيٺا آهن، نه ته عمران خان ته اهڙيون مشينون، ٽول ۽ ٽيڪنيشنز کڻي ملڪ کي پڇ ٻڌي مهري به ڪري چڪو هجي هان.

ڳالھه ته رڳو اچي ووٽن واري انقلاب تي اچي اڙي آ، باقي سڀ ڪجھه ٺيڪ لڳو پيو، پر جي ها مشين اچي وڃي ته نئون پاڪستان ٺهي راس ٿي ويندو، ڇو ته عمران خان جي ڪنٽينر واري ”تبديلي“ نظريي ۽ خواب ۾ اها شيءِ به شامل هئي ته هن ملڪ جي عوام کي گھٽ ۾ گھٽ ووٽن جي مشين نئين ۽ جديد طريقي جي ڏئي ويندو، جنهن ۾ ڌانڌلي اهڙي ٿيندي جو ماڻهن کي خبر ئي نه پوي ته آخر ووٽ ويو ڪاڏي يا هنن ووٽ ڏنو به يا هنن جي جاءِ تي فرشتا ۽ ملائڪ لڙي آيا ۽ هن عمران خان جي لاءِ وري ٻيهر ووٽ وجهي ويا، ان ڪري هن جو زور ۽ ضد ڪو هروڀرو به ناهي، يا اسٽيبلشمينٽ به اهو ٿي چاهي ته جتي هيترا سال گذري ويا، غربت وڌي وئي ۽ غريب وڌي ويا، ماڻهن ۾ بيرزگاري، بک بدحالي، بيماري، بڇڙائي، بدڪاري يا بي حالي جي وڌي به ته ڇاهي، هونئن به ايف اي ٽي ايف ۾ هوندي ملڪ ڪهڙو گري لسٽ کان ٻاهر ايندو، ان ڪري گھٽ ۾ گھٽ هي ٻه دور وٺي ملڪ کي رهي کهي نور مان نه ڪڍي وڃي، يا يارنهن يارنهن سال آمر به حڪومتون هلائي ويا ملڪ جو ڪهڙو ٻيڙو ٻڏو جو هاڻي ماڻهو کڏ ۾ ڪري پوندا، هي به ائين ئي سول مارشل لا جا سال ڪڍي ويندو، پوءِ عوام به ڪنهن جهاز جي ڦاٽڻ جو انتظار ڪندو، ٻيو ڇا؟

ڇو ته هنن جي سرڪار ۾ غريب عوام جو سِرُ ٿو وڃي پر هنن کي اهڙي بيڪار حالتن ۾ به سياست جي مذاق لڳي پئي آ ۽ اهڙين حرفتن ۾ رڌل لڳا پيا آهن جو عوام جي ڪا ڳڻتي ئي ڪونهين پر اهو فڪر ضرور اٿن جو جنهن صورتحال ۾ عوام کي کائڻ لاءِ ٻن ويلي جي ماني نه هجي اتي هي غريب عوام اليڪٽرانڪ ووٽ وجهي، هاڻي غريب عوام انهن اليڪٽرانڪ مشين مان ڇا ڄاڻي، جن جي آڏو هر پنجين پنجين سال کانپوءِ بيلٽ پيپر ئي وڏو طلسم هوندو آ جو انهن پيپرن تي ڏنل ووٽ به خارج ٿي ويندا آهن، انهن کي انهن مشينن جي ڪهڙي خبر، پر هيل ته اهو ووٽن وارو حق به اسٽيبلشمينٽ پنهنجي چنبي ۾ رکي ڇڏيو ته هاڻي جي هي اسٽبلشمينٽ وارا کڻي نئين محبوبيت جو اعلان به ڪن ته پوءِ انهن جي لاءِ مشيني ووٽ ”جنريٽ“ ڪرڻ يا ”پيدا“ ڪرڻ، ليڊر، سياستدان ۽ وقتي اڳواڻ پيدا ڪرڻ يا ٺاهي وٺڻ کٻي هٿ جو کيل هوندو، عوام کي ڪهڙي خبر، عوام ته روڊن تي، جلسن جلوسن، جھنڊن ۽ لغڙين ۾ پورو لڳو پيو آ، هي ويچارا رڳو سياسي ونگارن ۾ پورو لڳيا پيا آهن، اهي ڪنٽينرن وارن سان به گڏ، روڊن تي نچڻ ۾ به پورا، سياري جي ولھ راتين تي به رڳو هڪ اشاري تي اڳواڻ سان گڏ ۽ ٻِٽُ بيٺا هوندا آهن، انهن کي انهن ووٽن، مشينن، ٺڳين، رياستي هٿ ڪنڊن ۽ حرفتن سان ڪو سروڪار ناهي.

پر پي ٽي آءِ وارن ۽ پي ڊي ايم وارن گڏجي عوام سان اهڙي ڪئي آ جو ”وئي نه وسرين“ ڇو ته سچا ته ٻئي نه هيا، ڀلا جي هي شروع ۾ ئي ان مهانگائي خلاف اٿي کڙا ٿين هان ته هن سرڪار کي دم نه هيو ته اهي عوام جي اهڙي احتجاج جي آڏو اچي به هان، پر هنن پي ڊي ايم وارن جي نيت نه هئي ته ڪو اهڙو احتجاج يا ڪو آسرو به ڏين هان جنهن ۾ عوام جو ڀلو ٿئي هان، معني جنهن جاءِ تي پي ٽي آءِ وارن عوام سان ڪوڙ بدوڙ هڻي ڪرسي هٿ ڪئي پر ان جاءِ تي پي ڊي ايم به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، پوءِ ان ڪري جو جڏهن اسٽبلشمينٽ اندر ئي اندر پي ڊي ايم سان به ملي ۽ پي ٽي آءِ جي به ٻانهن ٻيلي ٿي ته پوءِ رهجي رڳو عوام ويو، جن کي هي آسرن ۾ رکي ويا، ڇو ته آشرواد جي ڪري شيون مسلسل پي ٽي آءِ جي حق ۾ ٿيون وڃن.

پهرين به رات پيٽ ۾ جڏهن 2018 وراين چونڊن ۾ ”باپ“ (بلوچستان عوامي پارٽي) ٺاهي رڳو عمران خان جو ٻيڙو تارين وري ساڳي ڳالھه هئي جو سينيٽ جون چونڊون آيون ته هن جي پسند جو وچٿرو ۽ اسٽبلشمينٽ جو به پسنديده سينٽ جو چيئرمين آندن جو مخالفن جا ترا ئي نڪري ويا، ڇو ته يوسف رضا گيلانيءَ واري سيٽ کٽڻ به پ پ جي لاءِ ايترو ئي وڏو ڪارنامو هيو جيترو پي ٽي آءِ جي پٺ ڀرائي واري سينيٽ جي چيئرمين جو ٿيڻ، وري هاڻي به 33 بل هڪ ڌڪ پاس ڪرائڻ ڪا مذاق نه هئي ۽ نه ئي ٿي سگهن هان، ڇو ته اليڪشن ڪميشن جتي هڪ خودمخيتار ادارو آ اتي اليڪشن ڪميشن جي مرضي آ ته اهي چونڊون ڪهڙن اوزارن سان ڪرائن، ڪهڙن طريقن سان ڪرائن، يا ڪهڙي ٽيڪنڪ يا ڪمپيوٽر ۽ مشينري استعمال ٿا ڪن، اها ته انهن جي صوابديد آ، جنهن کي چيلينج نه ٿو ڪري سگهجي، پر ساڳي ڳالھه وري عمران خان به ڪري ڏيکاري جو ايوان مان پاس ڪرائي ويو، ان سان گڏ بيا اهڙا تڪراري بل جن جي پاس ٿيڻ جي ڪا اميد ۽ آسرو يا چانس به نه هئي جو گھٽ ۾ گھٽ هن حڪومت ۾ ته نه ٿين هان.

اها ڳالھه به واضح آ جيتري ڌڪار ۽ نفرت خان جي لاءِ عوام ۾ پيدا ٿي وئي آ جو عوام هاڻي هو انڌو منڊو به نه ٿو سوچي ته خان به ڪو سياستدان آ، يا عوامي سياست ڪندو يا ڪري به سگهندو، ان ڪري ته هن جي افعالن، هن جي عملن ۽ هن جي بيڪار سياست مان عوام ته ايترو تنگ ٿي چڪو آ جو هاڻي هي قران به کڻي سياست ڪري ته به هن تي ڪو اعتبار نه ڪندو، ساڳي ويڌن هن سان ائين ئي رهندي، جو هن جون پاڙون ته عوام ۾ به ناهن، نه ئي هن جو ڪو خاص وارثي سلسلو آ جنهن جي ڇانوَ ۾ هن جي بيڪار سياست هلي سگهي يا پ پ وانگي هيڪڙ ٻيڪڙ کڻي اولاد مان ئي ڪم وٺي يا نون ليگ وٽ جيئن اڳواڻن جو فقدان ناهي پر هن سان اها ويڌن ضرور آ، پر جيترو ساٿ هن جي لاءِ اسٽبلشمينٽ ٿي ڏئي، ۽ جيترو ساھ صدقو هن جي لاءِ ڪيون ويٺا آهن جو هر ڳالھه هن جي حق ۾ ڪيون ٿا وتن، ڀلي اها آءِ ايم ايف واري ميٽنگ، انهن جا شرط، بجيٽ جون سختيون.

اليڪشن ۾ ائين سمجهو ته رڳو هي سال باقي آ، مٿيون سال ته چونڊن جي تياري ۾ گذري ويندو، ان ڪري سڀئي پارٽيون انهن ٺنيگ ٽپن ۾ لڳي وينديون، ان ڪري سال هي هيو جنهن ۾ هي ڀرپور سياست ڪري پئي سگهيا، پر پي ڊي ايم جو شيرازو وکريل جو وکريل ئي رهيو ان ڪري اهي نه پختي سياست ڪري سگهيا نه مخالفت، پر پي ٽي آءِ جي اڳواڻن وانگي رڳو رڙيون ڪري ڪري پ پ ۽ نون ليگ وارن رڳو ضمني اليڪشن ۾ پنهنجون سيٽون پختيون ڪيون يا کٽي ويا، وري سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي به آڻڻي اٿن (پر هنن جو اتحاد شل رهي) ڇو ته بلن جي ووٽن ۾ لڪ ڇپ ۾ چار ووٽ حڪومت جي ”بڪيٽ“ ۾ وڌيڪ به پيا، ڇو ته اندر ئي اندر هي پي ڊي ايم وارا سڀ جا سڀ اسٽبلشمينٽ سان ٻڌل به آهن، 33 بلن مان سڀ بل پنهنجي جاءِ تي (طلاق جي اميڊمينٽ جو بل پڻ پيش ڪيو ويو جيڪو مذهبي ڌرين ۾ تڪرار هيو پر ڪرائي ويا ۽ آدمشماري وارو به جن تي الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو) پر سڀني بلن کان وڌيڪ ڳڻتي وارا بل ووٽن جي مشين ۽ اليڪشن جي ترميم وارا بل، اوورسيز پاڪستانين جي ووٽن ۾ ترميم وارو بل به شامل هيو، پر ڳالھه ته حڪومت پنهنجي وري مڃائي پوءِ عوام وٽ هنن جي اها عزت هجي يا نه پر بل دٻردئونس ۽ اندر ئي اندر پريشر ڪرائي وزيرن کي خريد ڪري بل پاس ڪرائي جنهن سان پاڪستان هاڻي ذري گھٽ يورپ ٿي ويو آ.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے