رياض ابڙو

ٻولين جي اهميت ۽ تهذيب 

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

ماڻهو ڪنهن به پوشاڪ ۾ هجي يا ماڻهن جي آئوٽ فٽ ڪجھه به هجي پر انهن جي لٽن ڪپڙن کي ڏسي اهو بخوبي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي ماڻهو ڇا هوندو، ڇا ڪندو هوندو، ڪير هوندو، ڪهڙي طبقي سان تعلق رکندو هوندو، ڪهڙي تهذيب جو هوندو، ڪهڙي ثقافت وارو هوندو (ڀلي اهو ثقافتي ميلو موسمي به هجي، ڇو ته انگريز ڪلچر ۾ اهو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي يا لڳڻ ۽ پرکڻ مشڪل آهي ته هي ڪهڙي خطي سان تعلق رکندو هوندو) يا ڪڏهن ڪڏهن اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندو هوندو، ڪهڙي خطي يا ملڪ جو هوندو، يا ائين ئي دنيا جي وڏن وڏن نسلن جي سڃاڻپ به ڪي قدر آسان هجي ٿي، (جيستائين دنيا جي نسلن جي ڊي اين اي نه ٿي ٿئي جنهن مان اهو پتو لڳائي سگهجي ته ڪير ڪٿان جو آهي يا ڪنهن جو نسل ڪٿي ۽ ڪنهن سان ٿو ملي) جن ۾ مثال چيني نسل جا ماڻهو ڏسون، يا ڪوريا جي نسل جي ماڻهن کي ڏسون، يا ان سڄي خطي ۾ رهندڙ ماڻهو يا انهن جي منهن مهانڊي مان خبر پئجي سگهجي ٿي ته اهي ماڻهو چيني، ڪورين نسل جا، يا ساڳي طرح وري بنگالي نسلن تائين ڦري به اچن ٿا جن جي رنگ ۾ وري ڦيرو اچي ٿو وڃي يا وک وک تي ميل ميل جي سفر تي ٻولي ۽ ثقافت، اٿڻي ويهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ بدلجي ٿو وڃي.

وري سائوٿ ايشيائي ملڪن جا ماڻهو، يا بنگلاديش جا ڪجھه نسل ۽ ماڻهو، يا ڀارتي نسلن جا ماڻهو (ڪولمبس جڏهن آمريڪا ڳولهي لڌي هئي تڏهن انهن کي ڏسي هن کي لڳو هو ته هي ماڻهو به انڊين آهن پر ريڊ آهن ان ڪري آمريڪي نسل جي ماڻهن کي ريڊ انڊين سڏيو ويو جو اهي کل ۽ رنگ ۾ ڳاڙها هيا ۽ اڃان تائين آهن، پر آفريڪي ڪارا اصل آفريڪي ئي آهن ۽ اهي آمريڪا جا اصل باشندا ناهن) وري آفريڪي نسلن جي سڃاڻپ، آمريڪا يا يورپي نسلن جي ماڻهن کان وٺي اوشنيا معني آسٽريليا جي نسلن جي ماڻهن جي پرک ۽ گھڙيءَ ۾ سڃاڻپ ڪرڻ به ڪي قدر آسان آهي يا ائين انهن جي پوشاڪ مان گھڻي ڀاڱي اندازو لڳائي يا ڪري به سگهجي ٿو يا وري جيستائين اهو ماڻهو ڪجهھ ڳالهائي يا ڪجھ چوي ته پوءِ ان جي ٻوليءَ مان ان جي خطي جي ڄاڻ ۽ خبر به پوي ٿي (يا ساڳي طريقي ان جي پرسنلٽي به ظاهر ٿي ٿي پئي) يا هڪ ٻي ڳالھه به آهي ته وڏي پيماني تي نسلن جي سڃاڻپ به پنهنجي جاءِ تي پر ماڻهن جي شڪل شبيھه ڏسي به اندازو ڪرڻ به ڪڏهن ڪڏهن مشڪل هوندو آهي يا جڏهن اسان هڪ ئي خطي ۾ هجون يا هاڻي وري اهو به آهي ته نسلن جي مٽاسٽا يا هڪٻئي سان ملي وڃڻ جي ڪري رڳو شڪل شبيھه تي به نه ٿو ڀاڙي سگهجي، يا انهن جي بيهڪ کي ڏسي يا انهن جي چمڙي يا چهري جي کل ڏسي يا گهڻي ڀاڱي ماڻهن جي جسامت کي ڏسي اندازو ڪرڻ به هڪ ٻي ڳالھه آهي معني گهڻي ڀاڱي ”آئوٽ فٽ“ به ان ذمري ۾ اچي ٿي.

ساڳي ڳالھه وري شهرن جي لُڪ، شبيھه يا بيهڪ جي به آهي، وڏين عمارتن، روڊن رستن يا شهرن جي مخصوص ٺاهيل نشان، قومي بلڊنگيون، مقبرا، عمارتون، مسجدون، تاريخي محل به ٻڌائيندا آهن ته هي ڪهڙو شهر آهي، اڳي ائين هوندو هيو ته شهرن جي نظارن کي ڏسي چئبو هيو ته هي آمريڪا آهي يا اها لنڊن آهي يا اها فرانس آهي پر هاڻي ڪجھه شيون، شهر، روڊ رستا ۽ عمارتون به هڪجهڙائي جي ڪري مونجهاري جو شڪار آهن، اها ڳالھه شهرن جي بازارين ۾ لڳل سائينِ بورڊن، دوڪانن جي مٿان لڳل ۽ لکيل نالن نشانن، بئنڪن جي مٿان لڳل بورڊن ۽ بئنڪن جي نالن، يا مارڪيٽن جي مٿان لکيل نالن، يا بازار جي هر دوڪان جي مٿان لکيل نالن، دوڪان جي اندر پيل شين، سروسز، وکرن ۽ سامان، جن جي مٿان هلڪو تعارف ضرور لڳل هوندو آهي ته جيئن ماڻهو سمجهن ته هي عينڪ جو دوڪان آهي، سيڌي سامان جو دوڪان آهي، اسپتال يا اسڪول يا يونيورسٽي آهي يا روڊن تي لڳل بورڊن ۽ اشارن مان سمجهي سگهجي ٿو يا اها ڳالھه ان تي نشانن مان، سائين بورڊن ۽ اشارن مان ائين ئي سمجهي سگهجي ٿي جئين ماڻهن جي ٻولين يا ڳالھائڻ مان سمجهي سگهجي ٿي ڇو ته جيتريون ٻوليون ڳالهائڻ ضروري آهن اوتريون ئي اهي نشانيون، بورڊ ۽ اشارا به ضروري آهن ڇو ته شهرن جي سائين بورڊن جو به ايترو ئي عمل دخل هجي ٿو جيترو ٻولين جي ڳالهائڻ جو، ماڻهن جي ڳالهائڻ جو، ڇو ته ملڪن ۽ ڪلچر جي سڃاڻ جو عنصر اهو ئي هجي ٿو.

1964 ۾ بنگلاديش ۾ ٿيل ٻولين جي جاڳرتا يا جڏهن بنگالين تي زور وڌو ويو هو ته اهي به اردو ڳالهائن تڏهن انهن احتجاجن يا پهرين ڌڪ ۾ پنهنجن دوڪانن، روڊن، اسڪولن ۽ ڪاليجن تان اردوءَ ۾ لڳل بورڊ لاهي ڇڏيا هيا ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهي سڀ بورڊ لڳايا هئا، معنيٰ ان مان اهو سمجھڻ آسان هيو ۽ هوندو آهي، مثال اهي سائين بورڊ جي عربي ٻوليءَ ۾ ڏسبا ته اندازو لڳائبو ته اهي عربي ملڪ هوندا، جي بنگالي يا هندي ۾ لکيل سائين بورڊ ڏسبا ته جرمن يا اطالوي ٻولين ۾ لکيل سائينِ بورڊ ڏسبا ته پوءِ اهو پڪ سان چئي سگهبو ته اهو فلاڻو ملڪ هوندو يا آهي ڇو ته ساڳي ماڻهن واري مشابهت وري ٻولين سان به ڪري سگهجي ٿي جيئن ٻوليون ملڪن ۽ ماڻهن جي ميزباني ۽ نشاندهي ڪنديون آهن جن کي ٻڌي، ڳالهائي يا ڏسي چئي سگهي ٿو ته هي ماڻهو فلاڻي ملڪ جو هوندو يا ساڳي ڳالھه شهرن جي باري ۾ به ڪري سگهجي ٿي ته هي شهر فلاڻن جو هوندو يا آهي يا هن شهر ۾ فلاڻا ٽيرا مٽيرا ماڻهو رهندا هوندا يا رهن ٿا، ان ڪري اهڙن سائين بورڊن وانگي ماڻهن جي ٻولي به انهن جي ملڪ، ڪلچر ۽ خطي جي نشاندهي ڪري ٿي، ان ڪري ڌار ڌار ٻولين جي نمائندگي ضروري آهي، يا ڪمپيوٽر جي ونڊوز ۾ جيئن هر ٻولي آهي، يا جئين ڪمپيوٽر جي ٻولين ۾ هر ٻوليءَ جي ڪوڊنگ موجود آهي يا هر ٻوليءَ ۾ پڙهي، لکي، ڳالهائي سگهجي ٿي، گانا، ڊراما، ادب، اخبارون، شاعري، يا اهڙي ڪهڙي ڳالھه آهي جيڪا ملڪن جي ٻولين جي وڏن گروپن ۾ نه ٿي ڪري سگهجي پوءِ انهن ٻولين جي اهڙي طريقي نمائدنگيءَ کان انڪار به ناهي.

هر خطي جو پنهنجو مائينڊ به سيٽ آهي، هر علائقي جا ماڻهو مختلف ٿا سوچن، هر ملڪ جي ماڻهن جي مزاج ۾ به فرق هجي ٿو، اهي معاشي، معاشرتي، ثقافتي ۽ تمدني طور رهن ئي ڌار ڌار سيٽ اپ ۾ ٿا، پوءِ انهن جي سوچ به انهن جي رهڻي ڪهڻي سان ٻڌل هجي ٿي، موسمن جا فرق پنهنجي جاءِ، انهن جي اٿڻ ويهڻ جا انداز پنهنجي جاءِ، انهن جي کاڌي پيتي جا جز ۽ ”مينو“ پنهنجي جاءِ تي، انهن جي تعليمي اسٽيٽس، معاشي اسٽيٽس، مذهبن، ايمانن ۽ مڃتائن جا فرق پنهنجي جاءِ، پر اها ڳالھه به انڪاري ناهي ته انهن جا اثر انهن جي مٿان نه ٿا پون، اهي سڀ سيٽ اپ حقيقت ۾ انهن جي سياسي، سماجي، تهذيبي ۽ تمدني ليول کي به اثرانداز ڪن ٿا، انهن جي سياسي طرز به انهن جي انهن روين مان ظاهر ٿئي ٿي، انهن جي علم، مشاهدي، تهذيب ۽ تجربي کان وٺي انهن جي بک، بدحالي، بڇڙائي، بي حالي ۽ عياشي به انهن جي روين جي مٿان پئي ٿي، پوءِ اهي سبقتون انهن جي اڳواڻي، انهن جي ناموس ۽ عزت جو سبب به بڻجن ٿيون ۽ ملڪ جي عزت به وڌي ٿي.

يا انٽرنيشنل ٻوليءَ جي ڇاپ پنهنجي جاءِ تي، پر عرب ملڪن کان وٺي يورپ جي ملڪن ۾ انگريزي ٻولي ناهي يا چئون ته اوڀر جا ملڪ انگريزيءَ کانسواءِ گذارو ڪري سگهن ٿا، يا جن ملڪن ۾ ماڻهو ٻولي به ڳالهائيندو يا سمجهندو هجي اتي اهو اشارن جي ٻوليءَ تي به گذارو ڪري سگهي ٿو، پر ملڪي ڪارونهوار به ته اهي انهن ٻولين جي پنهنجي هجڻ يا انهن ملڪن جي قومي ٻولين يا انهن خطن جي ٻولين ۾ هلن ٿا، اتي ڀلي ٻولين جي ڪوڊنگ نه هجي، مثال ٽي وي، اي سي، موبائيل، ريل، بس، ڪار، موٽرسائيڪل، واءِ فاءِ يا روڊن رستن کان وٺي جيڪي به نيون ايجادون ٿين ٿيون انهن جي ڪوڊنگ ناهي يا نٿي ٿي سگهي يا فزڪس، ڪيمسٽري، بايولاجي يا انهن جي سڀني شاخن کان وٺي، ميٿميٽڪس کان وٺي ڪمپيوٽر جي نون نالن کان وٺي جيڪا به ڪوڊنگ اچي ٿي انهن جو انهن مقامي ٻولين ۾ ڪو به ترجمو موجود ناهي، يا هاڻي اهي ملڪ، ٻوليون، خطا يا ماهر انهن ڪوڊن تي ڪم نه ٿا ڪن يا حڪومت نه ٿي ڪرڻ چاهي، يا جيڪي به ٻولين کان علاوه ٽيڪنيڪلي، زرعي، بينڪاري يا ٻين شعبن ۾ جيڪا به ترقي ٿئي ٿي انهن جي ڪوڊنگ انهن جي ٻولين ۾ موجود ناهي پر ٻولين جي اهميت کان انڪار ناهي يا ٻوليون مرن نه ٿيون ٻولين جي لکڻ پڙهڻ ۽ اچارڻ ۾ ڪو به ابهام، يا ڪا مشڪل ته ناهي، پر ٻوليون پوءِ به ڪم ڪن ٿيون اتي هڪ ڳالھه يا مثال وٺجي ته عربن جي ملڪن کان وٺي جيڪي به ملڪي نمائندا يا حڪمران ٻين ملڪن سان ملن ٿا ته انهن جي وچ ۾ ٽرانسليٽر ويهي ٿو جيڪو انهن جي ٻولين جو ترجمو ڪري ٻنهي جي ڳالھه سمجهي ٿو ۽ سمجهائي ٿو، پر ٻولين جي اهميت پوءِ به گھٽ ناهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے