ملڪ سیاسي غیر یقیني صورتحال مان نڪرڻ جي ويجهو؟ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ راضي

خبرون

ملڪي سياست ۾ اهم اڳڀرائي، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ راضي

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي سياستدانن کي گڏ ويهارڻ جي ڪوششن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

ذريعن موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته سراج الحق اڄ 3 رڪني وفد سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان کانپوءِ سراج الحق وفد سان گڏ زمان پارڪ پهتو، جتي هن عمران خان سان ملاقات ڪئي.

ياد رهي ته سراج الحق ڪجهه ڏينهن اڳ به عمران خان سان مليو هو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے