Ali Memon

ڊجيٽل آدمشماري واري قومي مهم ۽ اعتراض

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ ستين آدمشماري ۽ عوام جي ڳڻپ وارو سلسلو هلندڙ آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ 20 فيبروري کان آن لائين يا پاڻمرادو ڳڻپ وارو سلسلو جيڪو 3 مارچ تائين رکيل هو، تنهن ۾هڪ هفتي جي واڌ ڪئي وئي آهي ۽ انهيءَ بعد ڳڻپ واري عملي ذريعي گهرن تي وڃي ماڻهن جي درن تي ڳڻپ ڪرڻ وارو سلسلو پڻ گڏوگڏ هلندڙ آهي. وفاقي حڪومت جي شماريات کاتي جي اعلان موجب پهرين اپريل تائين سموري ملڪ ۽ صوبن ۾ ڳڻپ مڪمل ڪئي ويندي.  ان بعد آدمشماري جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن موجب مختلف صوبن ۾موجود عوام جي تعداد بابت تفصيلي انگ اکر  ۽ نتيجاريڪارڊ تي اچي ويندا.  عوام شماري جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ بعد سمورن صوبن ۾صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن جون تڪ بنديون پڻ ڪيون وينديون. جنهن موجب شهرن جي آبادي موجب شهرن جون ۽ ٻهراڙين جي آبادي جي شمار موجب ٻهراڙي وارن علائقن جا تڪ  ۽ انهن جي تعداد  مقرر ڪرڻ بابت فيصلا ڪيا ويندا. خاص طور تي  ملڪ جي وفاقي مملڪت واري سرشتي ۾آدمشماري جي بنياد تي نئين سر صوبن جي حقن، پارليامينٽ يعني قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي درست تعداد  رکڻ کان علاوهه انهيءَ ئي آبادي جي بنياد تي وفاقي مالياتي وسيلن ۽ قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ صوبن جي حصن جو دارومدار سندن آبادي جي بنياد تي ئي ٿيڻو آهي ۽ اهڙي ريت وفاقي کاتن ۾ صوبن جي حصيداري ۽ حقن بابت اڻپوري ورهاست کي پڻ درست ڪيو ويندو.

هن کان اڳ 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جيڪا ملڪ ۾25 سالن بعد ٿيندڙ ڇهين آدمشماري هئي، جيڪا اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف واري دور ۾ سپريم ڪورٽ جي تنهن وقت جي چيف جسٽس جناب جسٽس انور ظهير جمالي جي ڏنل فيصلي تحت  حڪومت کي ضرور ڪرڻي پئي هئي پر تنهن وقت ۾مسلم ليگ ن واري حڪومت ۽ تنهن وقت جي وزير اعظم ميان نواز شريف جو سنڌ سان وير ۽ انتقامي ڪارروايون عروج تي هيون ۽ چونڊن ۾ مسلم ليگ کي سنڌ طرفان رد ڪرڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرڻ تي پڻ سندس سرڪار مڇريل هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هنن جي وس ۽ اختيارن ۾ جيڪي ڪجهه هو اهو وڏي زورآوري سان سنڌ سان ورتاءُ ڪيو ويو. وفاقي شماريات کاتي طرفان سنڌ ۽ بلوچستان سميت ننڍن صوبن سان زيادتي ڪئي وئي ۽ صوبن جي حڪومتن ۽ انتظاميا کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواء هڪ طرفي ۽ پنهنجي مرضي موجب ڳڻپ ڪئي وئي. خاص طور تي 2017ع واري ڳڻپ کي سنڌ صوبي خلاف بي دردي سان استعمال ڪيو ويو ، جنهن جي نتيجي ۾سنڌ جي عوام جي گهٽ ڳڻپ ڪرڻ  کان علاوهه پنجاب جي سرحد سان لاڳاپيل سنڌ جي ضلعن جي سرائيڪي ڳالهائيندڙ خاندانن جي 75 لک ماڻهن کي پنجاب جي آبادي ۾ شامل ڪرڻ  سميت صوبي جي 29 ضلعن ۾ ماڻهن جي اڻپوري ڳڻپ ڪرڻ واريون شاهديون ۽ رپورٽون پڻ منظر عام تي آيون.

ملڪ ۾ ننڍن صوبن سان ڏاڍائين وارو اهو سلسلو پنهنجي انجام کي ان وقت پهتو جڏهن ڪجهه عرصي بعدآخرڪار وزير اعظم ميان نواز شريف جي سپريم ڪورٽ طرفان نااهل ٿيڻ ۽ پنهنجي حڪومت وڃائڻ بعد آخري هڪ سال لاءِ  ساڳي جماعت جي وزير، شاهد خاقان عباسي کي وزير اعظم بڻايو ويو ته  پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ملڪ جي ٻين پارليماني جماعتن طرفان اهو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ويو ۽ ان بعد وزير اعظم طرفان سمورين جماعتن جي پارليماني ليڊرن سان پنهنجي گهر ۾گڏجاڻي ڪري تڪراري آدمشماري کي درست ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو ۽ 5 سيڪڙو ڳڻپ بلاڪن جي چڪاس لاءِ  ڪمپوٽر ذريعي ڪڻا ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي تڪراري ڳڻپ کي درست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انهيءَ ڏس ۾ حڪومت طرفان قدم پڻ کنيا ويا پر انهيءَ وچ ۾ 2018 وارين چونڊن ۾جادوگري ٿيڻ ڪري ڪپتان حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري انهن سمورن فيصلن تي ڪم کي روڪي ڇڏيو ويو ۽ تڪراري آدمشماري جا نتيجا يڪطرفه طور تي منظور ڪري جاري ڪري ڇڏيا ويا. اهڙي ريت،  سنڌ جي آبادي جيڪا ست ڪروڙ رڪارڊ تي اچڻ جا امڪان هئا، اها اڻپوري ڳڻپ سبب اها صرف ساڍا پنج ڪروڙ رڪارڊ تي اچي سگهي . سنڌ صوبي جي ڳڻپ جي اها تعداد ملڪ جي ايڪويهه ڪروڙ آدمشماري جو 23 سيڪڙو شمار ٿي سگهيو. وفاقي خزاني ۽ قومي مالياتي ڪميشن ۾ساڳي 23 سيڪڙو حصو ئي طي ٿيو. جڏهن ته سنڌ جي عوام جي ٿيل اڻپوري ڳڻپ ۽ صوبي ۾ موجود ٻاهرين ملڪن ۽ ٻين صوبن جي مجموعي طور تي گڏيل آبادي تي پڻ سنڌ کي ملندڙ محدود وسيلا ئي خرچ ٿين ٿا.

ملڪ ۾ هلندڙ ستين آدمشماري ۽ پهرين ڊجيٽل ڳڻپ جي حوالي سان سنڌ صوبي کي يقينن تمام گهڻيون مشڪلاتون ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هڪ ته آن لائين ڳڻپ ۽ گهر ن وٽ عملي طرفان ڳڻپ واري مدت صرف هڪ مهينو رکڻ يقينن تمام گهٽ وقت آهي اهو وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا ڪيو وڃي ۽ آن لائين يا پاڻمرادو ڳڻپ واري سلسلي جو وقت جيڪو 3 مارچ هو ان ۾ هڪ هفتي جي واڌ ضرور ڪئي وئي آهي پر ان کي سموري مارچ مهيني تائين وڌائڻ ضروري آهي.سنڌ جي ساڃهه وندن ۽ ڳڻپ جي ماهرن راءِ موجب، سنڌ ۾ عام ماڻهو ڊجيٽل ڳڻپ جي طريقيڪار کان اڻواقف آهن، ٻيو اهو ته هيڏي وڏي صوبي لاءِ  ڳڻپ جو مقرر ڪيل عملو تمام گهٽ ۽ گهڻو تربيت ورتل ناهي. ٽيون اهم سبب اهو ته هن آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي سان گڏ افغانين، برمين، بنگالين سميت سمورن پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي آبادي کي پڻ پاڻ ڳڻائڻ جو حق ڏنو ويو آهي جنهن سان ڌارين ۽ ٻاهرين کي سنڌ ۾ حق ملڪيت ۽ شهريت ملڻ جا حق حاصل ٿي وڃڻ ۽ سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ وارو خطرو وڌي ويو آهي.تنهڪري ڊجيٽل ڳڻپ جي سمورن مرحلن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جي شرط لاڳو ڪرڻ تمام ضروري آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ جي اصل آبادي کان ڌار ڳڻيو وڃي ۽ انهن کي سنڌ جي پي آر سي، ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ پڻ جاري نه ڪيا وڃن

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے