Ali Memon

ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا ۽ نوان تڪرار

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ ستين آدمشماري وارو سلسلو هلندڙ آهي جنهن ۾ عوام جي ڳڻپ جي حوالي سان منظر عام تي آيل نئين ڳڻپ رڪارڊ موجب سنڌ صوبي جي 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي انگن اکرن جي مقابلي ۾ 2023ع واري هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۾سٺي واڌ نظر آئي آهي جڏهن ته ڪراچي ڊويزن ۾توقع جي برخلاف تمام معمولي اضافو رڪارڊ تي آيو آهي. آدمشماري جي آخري ڪيل واڌ جي آخري ڏينهن 30 اپريل تي شماريات کاتي سنڌ طرفان جاري ڪيل ڳڻپ نتيجن موجب، سنڌ صوبي جي آبادي 2017ع جي ڳڻپ موجب پوڻا پنج ڪروڙن مان وڌي 5 ڪروڙ 46 لک 58هزار 463 ٿي وئي آهي. جڏهن ته صوبي پنجاب جي آبادي ساڍا 11ڪروڙ، خيبرپختونخواهه جي آبادي پوڻا 4 ڪروڙ ۽ بلوچستان جي آبادي پوڻا 2 ڪروڙ ٿي ويئي آهي. اهڙي ريت هن وقت تائين جي نامڪمل نتيجن موجب ملڪ جي آبادي 23 ڪروڙن کان به وڌي وئي آهي.اهڙي ريت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڳڻپ جو عمل مڪمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ صوبي ۾ پڻ ڳڻپ جو عمل اڃان اڻپورو آهي ۽ رهيل آبادي جي ڳڻپ وارو ڪم هلندڙ آهي.

سنڌ صوبي ۾گهر شماري ۽ خاندانن جي ڳڻپ تي مقرر عملي يقينن پنهنجي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. سنڌ جي سماجي ڌرين ۽ ساڃاهه وندن طرفان هرممڪن مدد ۽ تعاون سان ڳڻپ وارو ڪم ڪافي اڳتي وڌيو آهي.آدمشماري واري هن لازمي عمل ۾ سنڌ صوبي ۽ قوم جي پوري ڳڻپ جي نتيجن ۾ واڌ ۽ درستگي ٿيڻ سان جيڪا بهتري رڪارڊ تي اچي رهي آهي، اها يقينن بهتر ۽ خوشي جي خبر آهي.

سڄي ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري واري عمل جا يقينن حيران ڪندڙ نتيجا رڪارڊ تي آيا آهن جنهن ۾ آدمشماري 2023ع واري هن لازمي عمل سنڌ جي جملي آدمشماري ۾واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 76 لک ، حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 20 لک، لاڙڪاڻي ڊويزن جي آبادي 80 لک ۽ سکر ڊويزن جي آبادي 62 لکن تائين پهچي وئي آهي ۽ ڳڻپ وارو اهو عمل اڃا هلندڙ آهي.

ڊجيٽل آدمشماري واري خاص عمل جي نتيجي ۾ڪراچي ڊويزن جي حوالي سان پرڏيهين ۾ لکين افغانين، برمين، بنگالين ۽ هندستانين جي وڏي پيماني تي ڳڻپ ٿيڻ ۽ ڪراچي جي آبادي 3ڪروڙن تائين پهچائڻ وارن انديشن جي باوجود هن وقت تائين ٿيل ڳڻپ ۾ڪراچي جا 6 ضلعن جي جملي آبادي ۾ اڳوڻي آدمشماري جي مقابلي ۾سوا 10 سيڪڙو واڌ ٿيڻ جي باوجود ڪراچي ڊويزن جي آبادي اڃا 2 ڪروڙ به نه ٿي سگهي آهي. جڌهن ته ڪراچي جي قديم آبادين ۽ ٻهراڙين وارن ضلعن ملير، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه ضلعن ۾ ڳڻپ گهٽ ٿيڻ ۽ انهن علائقن ۾ سموري سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن کان به آبادي جي وڏي تعداد ۾ آبادڪاري ٿيڻ جي باوجود انهن ضلعن ۾ آدمشماري 2017ع کان به گهٽ ريڪارڊ تي آئي آهي.خاص طور تي ڪراچي جي قديم ۽ ڳتيل آبادي لياري واري ضلعي ڏکڻ، بلوچستان سان لاڳاپيل سرحدي ضلعي اولهه ۽ اوڀر ضلعي ۾ آبادي اڳ کان به گهٽ ۽ مائنس ۾ڏيکاري ويئي آهي. ڪراچي جي انهن ضلعن جي حوالي سان اهي خبرون عام آهن ته انهن ڏورانهين علائقن ۾ ڳڻپ عملو نه پهتو آهي ۽ ڪنهن هنڌن گهر شماري وارا نمبر ته لڳايا ويا آهن پر اتي آدمشماري نه ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي، وفاقي سرڪار طرفان ڪراچي ڊويزن جي 6 ضلعن ۽ سنڌ جي ٽن شهرن ٺٽي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڳڻپ واري عمل ۾ پنجون ڀيرو واڌ ڪري 15مئي 2023ع مقرر ڪئي وئي آهي. پر ان سان گڏ عجيب معاملو اهو پڻ ٿيو آهي ته، سنڌ جي باقي 21 ضلعن ۾ڳڻپ مقرر ڪيل انگ کان وڌيڪ ٿيڻ ڪري شماريات کاتي طرفان اتي ڳڻپ وارو ڪم بند ڪيو ويو آهي.وفاقي حڪومت جي اهڙي تڪراري ۽ تعصب پرست ڌرين جي پسند تي هلڻ ۽ سنڌ حڪومت ۽ صوبي جي عوام جي اڻپوري ڳڻپ کي قانوني قرار ڏيڻ واري عمل تي سنڌ حڪومت طرفان وزير اعظم ميان شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي خط لکي احتجاج ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڳڻپ مڪمل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي ٻي صورت ۾ تڪراري ڳڻپ جي نتيجن کي قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اها پڻ حقيقت آهي ته، ڪراچي ڊويزن واري هيڏي وڏي شهر جي 6 ضلعن ۾يقينن ڳڻپ مڪمل نه ڪئي وئي آهي. خاص طور تي ڪراچي جي ٻهراڙين وارن ضلعن ملير، اوڀر، اولهه، ڏکڻ ۽ ڪياماڙي ضلعن جي پکڙيل وسيع ايراضين ۽ آبادين جي ڳڻپ تمام گهٽ ڪئي وئِي آهي. ٻهراڙين ۾ پاڻ ۽ پنهنجا خاندان ڳڻائڻ جي اهميت ۽ ذميواري ۽ فائدن کان پنهنجا ماڻهو يقينن اڻ واقف آهن يا اهي مونجهارن جو شڪارآهن. آدمشماري ۾سنڌ ۽ قوم جي مڪمل ڳڻپ ٿيڻ ۽ وفاق ۾ پنهنجي ڀرپور نموني حصيداري حاصل ڪرڻ ۽ قوم کي پنهنجو پاڻ مڃرائڻ وارو مليل هي قيمتي موقعو وري پنهنجن ۽ پراون ڌرين جي نامناسب ۽ غير ذميواراڻي روئين ۽ اڻوڻدڙ ڪردار سبب وري خطرن ۽ نقصان جو شڪار ٿي رهيو آهي.

ڊجيٽل آدمشماري ملڪ ۾ يقينن پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي، انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ۽ ٽيبليٽ ذريعي ٿيندڙ انهي ڳڻپ ۾ هڪ پاسي هر ڪنهن کي پنهنجو پاڻ ڳڻائڻ ۽ پنهنجن خاندانن کي ڳڻائڻ تمام آسان ٿي ويو آهي ۽ آدمشماري ۾ ٿيندڙ سڌارن سان ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ واري انداراج ۽ نادرا جو رڪارڊ شامل ٿيڻ ڪري هاڻي انهي عمل ۾کلئي عام جعلسازي ٿيڻ کي روڪڻ پڻ ممڪن ٿي ويو آهي . ته ٻئي پاسي، سنڌ ۾ تعليم ايتري گهڻي ناهي پر ڪمپيوٽر ۽ سوشل ميڊيا ۽ اسمارٽ ٽيليفون رکندڙ لکين نوجوان ۽ هر عمر جا ماڻهو جيڪي هن قومي ڪم ۾ ماڻهن جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ ڳڻپ واري عملي کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مدد مهيا ڪري سگهن ٿا. اهي ڊجيٽل آدمشماري واري ڪم ۾ پاڻ ملهائڻ ۽ قوم جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ بجاءِ ڊجيٽل آدمشماري کپي ۽ نه کپي واري تڪرار جو شڪار ٿي رهيا آهن . جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻهراڙي وارن شهرن ۽ علائقن ۾ سنڌي قوم جي مالڪي ۽ وارثي نه ٿيڻ ڪري لکن جي تعداد ۾ آباد خاندان ڳڻپ کان محروم ٿي وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ جا شهر قومي ڳڻپ ۽ شمار کان محروم ٿيڻ ڪري سنڌي قوم پنهنجي صوبي ۾ پنهنجي اڪثريت وارا حق ۽ مالڪي پڻ خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.

سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري وارو قومي ڪم يقينن، وفاقي شماريات کاتي ۽ صوبائي حڪومت جي عملي جي مدد ۽ صوبي جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سماجي ادارن جي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت سنڌ سرڪار طرفان ڪوٺايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ جماعتن جو به ڪنهن حد تائين سهڪار حاصل آهي . جڏهن ته سنڌ جي قوم پرست جماعتن ۾ مونجهارا ۽ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ واريون عجيب ڪارروائيون، پڻ منظر عام تي اچي رهيون آهن . ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ڊجيٽل ڳڻپ ۾ مونجهارا پيدا ڪري قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ حصيدار بنجڻ وارا ڪم ڪيا پيا وڃن. اهو نامناسب عمل بنادير روڪڻ گهرجي ۽ هن قومي جياپي ۽ مڃتا جي عمل ۾ پنهنجا هر قسم جا ويڇا وساري ۽ انا ۽ ضد کي پاسيرو رکي آيل وقت کي همت، اتفاق ۽ ايڪتا سان نڀائڻ گهرجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے