يوسف جميل لغاري

پهرين ڊجيٽل آدمشماري ڪيتري شفاف آهي؟

اوهانجو موقف ليکڪ يوسف جميل لغاري

وسف جميل لغاري

ملڪ پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري، جنهن کي بهتر انداز ۾ پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. آدمشماري ڪرائيندڙ اعليٰ طاقتون هنن انگن اکرن مان ڪهڙو فائدو حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون. اهو علم نه ئي هتان جي عوام کي آهي ۽ نه ئي آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي کي اهڙي قسم جي ڪا معلومات فراهم ڪئي وئي آهي کين صرف ايترو ٻڌايو ويو آهي ته هي نج ۽ خالص ڳڻپ آهي. جنهن کي پنهنجو فرض سمجهي اوهان سهڻي نموني سان مڪمل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ستين ڊجيٽل آدمشماري ڪجھ ئي ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ واري آهي ۽ هيستائين جيڪا ڳڻپ/آدمشماري ٿي سگهي آهي ان جا ڪجھ انگ اکر سامهون آيا آهن. هر دفعي آدمشماري مهل سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن توڙي قومپرست پارٽين پنهنجي خدشات جو کلي نموني اظهار ڪيو آهي ۽ ان متعلق سنڌي عوام ۽ سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ ڌُرين جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. تنهن هوندي به هن رياست خداداد ۾ نه ئي انهن خدشن کي ڪڏهن ٻُڌو ويو آهي ۽ نه ئي انهن تي سنجيده نموني سان غور و ويچار ڪيو ويندو آهي. ملڪ پاڪستان جي هي ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري به هن وقت تائين ساڳين خدشن ۽ انتشارن جي ور چڙهيل نظر اچي رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آدمشماري جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين ماڻهن سان ساڳي نموني ويساھ گهاتي ڪندي انگن اکرن ۾ هير ڦير ڪئي وڃي ٿي يا واقعي هن کي شفاف نموني سان پيش ڪيو وڃي ٿو.

آدمشماري ۽ سنڌ جا اٻوجھ ماڻهو؛
آدمشماري متعلق سموري سنڌ اندر ڪنهن به قسم جي ڪا وڏي آگاهي مهم ڪونه هلائي وئي. جنهن جي ڪري ٿيو ائين جو سنڌ اندر کوڙ سارن ڳوٺن ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرين هن سروي کي تباھ ٿيل گهرن جي سروي سمجهي هن مان اميدون رکڻ لڳا. بينظير انڪم سپورٽ مان مالي مدد حاصل ڪندڙ سنڌ جو ڏُتڙيل ۽ غريب طبقو انهي خوف ۾ وٺجي ويو ته ڪٿي غلط معلومات ڏيڻ سان انهن کي ملندڙ پيسا نه بند ٿي وڃن. پڙهيل لکيل طبقي ڇا ڪيو جو پنهنجي هوش ۽ هواس ۾ هوندي آدمشمار ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي کي غلط معلومات ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو. الائي ڪنهن انهن کي اهو چيو ته؛”جيڪڏهن اوهان پنهنجا حقيقي اثاثا جهڙوڪ پڪو گهر، بجلي، بورچي خانه، لينٽرين، واش روم ۽ گهر ۾ پيل ٽي وي کي ڳڻايو ته اوهان حڪومت جي نظر ۾ امير ليکيا ويندا ۽ حڪومت اوهان تي ٽيڪس لاڳو ڪندي“. انهي خوف ۾ جن جا پڪا گهر هيا. انهن به چيو ته اسان ڪاٺ جي ٺهيل ڪوٺي ۾ رهون ٿا. آدمشماري جي تربيت دوران عملي کي انهي ڳالھ جو پابند بڻايو ويو هو ته معلومات فراهم ڪندڙ ڌُر اوهان کي جيڪا معلومات ڏي، اوهان ان معلومات کي درست سمجهندي ان جو اندراج ڪرڻو آهي. پوءِ ڀلي ڇو نه اوهان کي سامهون واري ماڻهو جي ظاهري حيثيت ۽ ڌن دولت جو علم هجي. جيڪڏهن اُهو چوي ٿو ته آئون غريب آهيان ته اوهان کي غريب ئي لکڻو آهي. ان سان ڪنهن به قسم جو بحث ناهي ڪرڻو.

آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استاد؛
استاد طبقو انتهائي مظلوم طبقو آهي. حڪومت هميشه پنهنجي خاص مقصدن جي حاصلات دوران ڏکئي کان ڏکيو ڪم استادن کان ئي وٺندي آهي. استاد ويچارا به معاوضي جي آسري تي ڪم سان لڳي ويندا آهن. هن دفعي ڊجيٽل آدمشماري دوران جنهن قدر استادن تي ٺٺوليون ٿيون ۽ انهن جي عزت نفس مجروع ٿي آهي. اهڙو مثال ڪٿي نه ٿو ملي. سوشل ميڊيا تي هر نئين ڏينهن ڪا نه ڪا ويڊيو يا پوسٽ اپلوڊ ٿئي ٿي جنهن ۾ استادن کي خوار ٿيندي ڏيکاريو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت اُن جي ابتڙ آهي. آدمشماري جي ڊيوٽين کان وٺي ڪري بلاڪن جي ورهاست تائين پنهنجا نوازي ڪئي وئي آهي. ڪٿي هڪڙي استاد کي سموري بلاڪ ۾ ڏيڍ سئو گهر ڏنا ويا آهن ته وري ڪٿي ڪن استادن کي هڪڙي بلاڪ ۾ پوڻا چار سئو گهر پڻ مليل آهن. جڏهن ته آدمشماري جي تربيت دوران اهو چيو ويو هو ته هر هڪ استاد کي هڪڙي بلاڪ اندر مجموعي طور تي اڍائي سئو گهر ڏنا ويندا. هن آدمشاري ۾ معاوضي جي لالچ تي ڊيوٽي ڪندڙ اهڙا استاد به نروار ٿيا آهن. جن پنهنجي ڪم کي فرض سمجهڻ بدران مڙئي خانا پوري سمجهي مڪمل ڪيو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اهڙيون شڪايتون ملي رهيون آهن ته ڪٿي گهرن جا گهر ڳڻپ کان رهايا ويا آهن ته ڪٿي وري مورڳهو پهتا ئي ڪونه آهن. جتي پهتا آهن ته اتان وري اڻپوري معلومات گڏ ڪري اها ڊوائيس ۾ فيڊ ڪندا ويا آهن. جڏهن ته کين پنهنجي ڪم کي احسن نموني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ حلف نامو پڻ کڻايو ويو هو. نوڪري ڪندڙ فرد کي بيروزگار، پڙهيل کي اڻ پڙهيل، ٻار کي وڏو ۽ وڏي کي معزور، ڪچن گهرن کي پڪو ۽ پڪن گهرن کي ڪاٺين توڙي بانس جو ٺهيل لکيو ويو آهي. ڪجھ استاد سڳورا وري پنهنجي بلاڪ مان گهر ڀاتين جا تفصيل وٺي پين سان ڪاغذن تي لکي گهر پهچڻ کانپوءِ ڊوائيس ۾ پنهنجي مرضي تي فيڊ ڪرڻ جو ڪم ڪندا رهيا. ڪراچي ۾ آدمشماري جي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪو فارميٽ گهرن تائين پهچايو ويو ان مان ٻوليءَ جو خانو ئي غائب ٿيل هو. جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته هن ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪراچي اندر رهندڙ سنڌين کي اقليت ۾ ضرور ڏيکاريو ويندو. سنڌي قومپرست ڌرين توڙي سڄاڻ ماڻهن جو اهو خدشو حقيقت جي تمام گهڻو ويجهو نظر اچي رهيو آهي.

آدمشماري دوران عام ماڻهن جو رويو؛
بک، بدحالي، غربت، ڏڪار، برسات ۽ ٻوڏ جا ستايل ماڻهو هن آدمشماري کي حڪومت جي ڪنهن امدادي سرگرمي جو حصو سمجهي پنهنجا ذاتي ڏک، ڏوجهڙا، تڪيلفون ۽ ذلتون معلومات فراهم ڪرڻ مهل اسان اڳيان بيان ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هيا. جهڙوڪ اسين انهن لاءِ ڪي مسيحا هجون يا اهڙو ڪو طبيب جنهن وٽ انهن جي دردن، لڙڪن، آهن ۽ سڏڪن جو ڪو درمان هجي. غريب گهراڻن جي اڱڻ تي خوشي جو خاموش ٿيل وڻ ڏسي اکيون ڀرجي اينديون هيون ۽ اندر مان ٿڌي شوڪاري سان گڏ هي لفظ بي اختيار ٿي نڪرندا هيا ته؛”مالڪ سائين _ ڪٿي آهين؟“. الائي ڇو انهن کان اها ڳالھ وسري ويندي هئي ته حڪومت جي جنهن بي حسي جو شڪار اُهي آهن. اُنهي ساڳي بي حسي ۽ بي ڌياني جو شڪار اسين به ساڳي ئي نموني آهيون. اسان ۽ انهن جي دردن جو خالق ساڳيو ئي آهي. گذريل سال واري برسات ۽ ٻوڏ کانپوءِ غريب طبقي کي راشن، مالي مدد ۽ سهڪار جي آسري تي کوڙ جاين تي وڪيو ويو آهي. کوڙ سارا اهڙا فرد مليا جن اهو چيو ته؛”اڳم به فلاڻا فلاڻا ماڻهو/ادارا سروي ڪري ويا هيا پر انهن هن مهل تائين ڏنو ڪجھ به ڪونهي. اوهان به ائين ئي ڪندا“. ڪن وري چيو ته؛”سائين اسان جي غريباڻي حال کي ڏسندي ڪجھ اهڙو لکجو جو من اٽي جو لپ ملي پوي ته اسان جا ٻچا اوهان کي دعائون ڪندا“. هڪڙي بيواھ عورت چيو؛”ابا ڇا حڪومت منهنجي يتيم ٻچن تي رحم کائيندي؟“. آئون کيس ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيس. آدمشماري دوران جنهن به فرد سان ملاقات ٿي انهن سڀني جي چهرن تي پريشاني جا چٽا عڪس چٽيل هيا. ڪو برسات ۽ ٻوڏ دوران ڊهيل گهر کي ٺهرائڻ واري پريشاني ۾ مبتلا هو ته ڪو اناج جي ڳاٽي ٽوڙ رقم کي سامهون رکندي ان جي وقت سر خريداري لاءِ پريشان هو. ڪو جوان ڌي جي ڏاج وٺڻ لاءِ پاڻ سان جهيڙي رهيو هو ته ڪو بيمار پيءَ جي دوا ۽ دارون لاءِ لڇي رهيو هو. ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر ڪونه آيو جيڪو پنهنجي مالي معاملات ۽ ملڪ جي تازي حالات کان راضي هجي ها.

ڊجيٽل آدمشماري جي شفافيت جو سوال؛
آدمشماري جي پهرين ڏينهن کان وٺي ڪري هن مهل تائين استادن ۽ خاص طور تي سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ غير يقيني وارو ماحول رهيو آهي. هڪ ته آدمشماري جي شروعات اهڙي مهيني ۾ ڪئي وئي آهي. جنهن مهيني ۾ سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ غريب ۽ پورهت طبقو ماني ڳڀي جي حاصلات لاءِ اناج جي لپ خاطر لابارن ۽ ٿريشرن جي منهن ۾ هوندو آهي. بنا معاوضي پوليس جا جيڪي جوان استادن سان گڏايا ويا آهن. اُهي ويچارا پڻ حيران ۽ پريشان نظر اچن ٿا. آدمشماري ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيبليٽس جا ٽيڪنيڪلي مسئلا، استادن کي بنا ڪنهن اڳواٺ معاوضي ۽ تيل پاڻي جي دور دراز علائقن تائين موڪلڻ، گهر ڀاتين جا گهرن ۾ وقت سر موجود نه هجڻ، استادن جي عدم موجودگي سبب اسڪولن ۾ تدريسي ماحول جو متاثر ٿيڻ، وڏي ۽ اهم ڳالھ ته اڌوري توڙي غلط معلومات تي مڪمل ٿيندڙ هي آدمشماري هن ملڪ ۽ هن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ چڱائي جي ڪهڙي راھ هموار ڪندو. اهو هڪڙو وڏو سوال آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے