wusatullah khan

پاڪستاني سياست : کير تي وڙهندڙ ٻليون

اوهانجو موقف ليکڪ وسعت الله خان

وسعت الله خان

ننڍپڻ کان مثال ٻڌندا پيا اچون تھ ”مَن حرامي تِي حجتوُنِ کوڙ“ (يعني دل ٽٽي تھ بھانا گھڻا) مطلب ته جيڪڏهن دل بي ايمان آهي ته ڪجهھ نه ڪرڻ جا سوين بهانا آهن، آئين کي سئو سلام، پر جڏهن دل گهري تڏھن عمل ٿيندو.ڪڏهن ڪلي تھ ڪڏھن جزوي عمل ٿيندو،دل نھ چاهيندي ته آئين جي چيلھ تي سوين تشريحن جو بار وجھي ڇڏبو.

مثال طور، ھن ئي ملڪ ۾ جڏهن 23 مارچ 1956ع جي آئين جي لاڳو ٿيڻ بعد ھڪ بالغ فرد جي ھڪ ووٽ جي بنياد تي پهرين عام چونڊن جي لاءِ ماحول جڙڻ شروع ٿيو، ۽ سرد جنگ جي لئھ تي آمريڪي ڏونڪي تي تا ٿيا ڪندي حڪمران اشرافيه (ھٿ ۾ڪستو کڻي پنندڙ سياستدان گڏ فوجي قيادت ) کي لڳو تھ اڪثريتي صوبي (اوڀر پاڪستان) ۾ کاٻي ڌر جو قومپرست اتحاد وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ون يونٽ جي ساھمي جو توازن بگاڙي ڪري سگهي ٿو،تھ آمريڪا وارن کي سرخ ڀوت ڏيکاري رضامندي ورتي وئي۽ لولي لنگڙي جمهوريت جو تڏو ويڙھي مارشل لا لاڳو ڪئي وئي.

جڏهن نئين فوجي سيٽ اپ لاءِ امڪاني خطرو بڻجندڙ ’شرپسند بدعنوان‘ سياستدانن کي نااهل قرار ڏئي چونڊ واري راند کان ٻاھر ڪڍيو ويو ۽ مرضي جو ميدان تيار ٿي ويو، تڏهن 1964ع ۾ رن آف ڪڇ ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان ۽ ھند ستان ڇڪتاڻ ۾ مسلسل اضافي جي باوجود نه رڳو بنيادي جمھوريت جي نظام جي تحت 80 هزار ڪائونسلر چونڊيا ويا پر انهن ڪائونسلرن جي مدد سان صدارتي چونڊن جو ڊرامو رچايو ڪري خود کي جائز ڪيو ويو.

1970ع ۾ جيتوڻيڪ ڀت تي وڏن اکرن م لکيل ھو ته عوامي ليگ سڀني تي ٻھاري ڦيري ڇڏيندي،پر اوڀر پاڪستان ۾ تباهي واري سامونڊي طوفان ۾ هڪ لک کان وڌيڪ جانين جي نقصان جي باوجود انٽيليجنس ايجنسين جي انھن رپورٽن تي ڀروسي کان اڳ عام چونڊون ڪرايون ويون.جنھن موجب ڪنهن به پارٽي کي واضح اڪثريت نه ملندي. جيڪا به سويلين حڪومت ٺهندي ان کي اقتدار ۾ رهڻ لاءِ فوجي اسٽيبلشمينٽ اڳيان جھڪڻو پوندو،اهڙي طرح اقتدار جو توازن صدر يحيٰ خان جي هٿ ۾ رهندو ۽ پوءِ فوج چونڊون ڪرايون ۽ پنھنجي وات اڳيان وڏوگرھ کڻي ورتو.

ذوالفقار علي ڀٽي کي ايندڙ عام چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ جو ايترو يقين ھو جو هن اپوزيشن کي سرپرائيز ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي آئيني مدي ختم ٿيڻ کان هڪ سال اڳ ۾ ئي جنوري 1977ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڇڙوڇڙ ٿيل اپوزيشن پاڪستان قومي اتحاد جي صورت ۾ ڀٽي کي ان کان به وڏو سرپرائز ڏئي ڇڏيو.جوھري ريپراسيسنگ پلانٽ ۽ ٽين دنيا کي ميڙي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڀٽي صاحب جي اجاين ڦڙتين کان آمريڪا اڳ ئي بيزار هو، جڏهن ته ملڪ جي اندر اپوزيشن کي گذريل چئن سالن ۾ ڊفينس آف پاڪستان رولز (ڊي پي آر) جي لٺ سان سختيءَ سان دٻايو ويو ھو.تنھنڪري وقت کان اڳ چونڊن جي اعلان سان ئي سمورا ملڪ جا اندريان ۽ ٻاھريان ڀٽو ان ھڪڙي نقطي گڏجي ويا تھ ڀلي ڪارو چور اچي وڃي پر ڀٽو وري نھ اچي.ڀٽي صاحب پنهنجي بي پناھ مقبوليت ثابت ڪرڻ لاءِ جان محمد عباسي کي اغوا ڪرائي پاڻ کي بنا مقابلي چونڊائي ورتو .کيس ائين ڪندي ڏسي ھن سندس ڪيترن ئي وفادارن به اهو ئي رستو اختيار ڪيو. يعني ڪج شهر دي لوگ وي ظالم سڻ ڪج سانون مرڻ دا شوق وي سي، ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن ٻلو سڄو کير پي وئي.

اڻويھ سئو اسي جي ڏهاڪي جي فوجي سيٽ اپ به ملڪ سان اهو ئي حال ڪيو، جيڪو پنجاھ ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي برائلر جمهوري تجربي ڪيو ھو. بس هن ڀيري ايترو ڪم ٿيو جو آئين منسوخ نھ، معطل ٿيو ۽ ان ئي معطلي دوران آئين کي مارشل لائي ميز تي ليٽائي رکي مذهبي انسٿيسيا ڏئي ڪري خواھش موجب پلاسٽڪ سرجري ڪئي وئي. گڏوگڏ سياسي ڪلوننگ ذريعي هڪ پورو ھم خيال ڪلاس پيدا ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين تلوار وارن جي ٻانھن جو ٻل بڻيل آهي،ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي جي ھر آئيني نيم آئيني ۽ غيرآئيني صورت آزمائي وئي تھ جيئن چونڊن واري ڏينھن جمھوريت جي جھلڪي ڏيکاري عوام کي تسلي ٿيندي ئي سموري اقتداري عمل کي جي حرم ۾ تالو لڳائي رکي سگھجي.

ستر ۽ ستھتر جي تلخ اليڪشني تجربن مان سبق وٺندي، 1985ع کان ھن وقت تائين جيڪا بھ پولينگ ٿي آھي ان ۾ چونڊ بس ايتري ڪرڻي ھئي،تھ هز ميجسٽيءَ جي وفادار سرڪار کي ٻيھر چونڊڻ چاھي ٿي يا ھزميجيسٽيءَ جي وفادار مخالف ڌر کي موقعو ڏين چاھي ٿو.

جيئن ته ھن وقت ڪجھھ طئي ناھي ته 70ع وانگر چونڊن جو ۾اٺ ڪھڙي پاسي ليٽي ٿو. تنھنڪري ٽارڻ جي لاءِ اهڙا اھڙا توجھ ھٽائڻ وارا عذر گھڙيا پيا وڃن جو ڄڻ ته اوڀر پاڪستان جي سامونڊي طوفان، ڀٽو جي ڦاهي يا بينظير جي شهادت کان به ڪا وڏي آفت اچي وئي هجي ۽ ھن ماحول ۾ چونڊون قومي خودڪشي جي برابر هجن.جيستائين خواهش موجب مثبت فضا نٿي بڻجي تيستائين ساھمي جا مالڪ چونڊون جي ورڇ ٿيڻ نھ ڏيندا. جنهن کي تڪڙ آهي اهو آئين جي بانس تي چڙھي ويھي رھي. جنهن کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪڙ نه آهي، اهو آئيني بانس کي زور سان لوڏي رھيو آھي.

ھي ام الدليل به پاڪ سرزمين ۾ ئي ڏيڻ ممڪن آھي تھ ان ڳالھ جو ثبوت به ڏئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن 14 مئي تي رڳو ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته ھندستان اندروني ڇڪتاڻ مان فائدو کڻي سگهي ٿو، دهشتگردي جي لهر اچي سگهي ٿي، سياسي قوتن وچ ۾ پرتشدد ڇڪتاڻ ٿي سگهي ٿي. ملڪي معيشت 21 ارب رپين جو چيلھ چٻي ڪندڙ اضافي ٻوجھھ نھ سھي سگھندي.

پر اھي ئي چونڊون جيڪڏهن اهي ئي چونڊون ساڍن پنجن مهينن کانپوءِ 8 آڪٽوبر تي ٿين ٿيون ته پوءِ مودي يقين ڏياريو آهي ته هو را کي پاڪستان ۾ گڙٻڙ کان روڪڻ لاءِ ٻه چماٽون ھڻندو،طالبان ڇاتيءَ تي هٿ رکي چيو آهي ته هو پنهنجي اثر هيٺ علائقن ۾ چونڊ جلسن ۾ فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جا ڪارڪن روڊن تي هڪ ٻئي کي سان ڀاڪر پائي ملندا ۽ ملڪي معيشت ايندڙ پنجن مهينن ۾ ايتري صحتمند ٿي ويندي جو ھڪ ئي وقت سموري پاڪستان ۾ چونڊن لاءِ 80 ارب رپين جو آسانيءَ سان انتظام ٿي ويندو.

ھن جھيڙي سان منھنجو يا اوهان جو ڪو به سروڪار نه آهي، اها اصل کوالي تي ٻلين جي ويڙھ آھي.هڪڙي ٿلهي ٻلي بس ايترو چاهي ٿي ته ٻيو ٿلهو ٻلو سڄو کير نه پيئي. ساڳئي وقت رھنڊ ۽ پنجھ بازي بھ اھڙي نه ڪجي جو، گرم گرم کير جو ٿانءُ صفا اونڌو نه ٿي وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے