ممتازبخاري

نئين بحث لاء گذارش

بلاگ ليکڪ ممتازبخاري

ممتاز بخاري

عام ماڻهو هجي يا اديب ان جو سياسي هجڻ ڪنهن به ريت غلط ناهي ۽ ان کي ذاتي طور حق حاصل آھي ته اهو پنهنجي وابستگي ڪيئن ٿو نباهي, پر ان کي اهو ڪهڙو حق آھي ته مجموعي طور ڪنهن ادبي يا سماجي تنظيم توڙي مجموعي ادبي لڏي کي پنهنجي خواهش واري سياسي تنظيم جي سياسي سرگرمي ڏانهن گهلڻ لاء جذباتي (اموشنل) انداز جا دٻاءُ وجهي ۽ پنهنجي خواهش ۽ خيال مڙھڻ چاهي. ۽ اهي پڻ جيڪي اقتداري پارٽين ڏانهن لاڙڻ لاء ساڳيا توڙي لالچائڻ وارا طريقا اختيار ڪن. باقي ڪنهن تنظيم يا فرد جو ڪنهن جي خيال سان رضاڪاراڻي انداز ۾ شموليت ٿئي ٿي ته اهو مرضيء جو معاملو آھي. جيستائين سنڌ جي جياپي جا مسئلا آھن ان تي ڪير به نه ٿو لنوائين سگهي. گذارش اها آھي ته سياسي تنظيمن ڏانهن جابراڻي ۽ جارحاڻي رويئي سان ماڻهن کي موڙڻ سان اهي سياست کان ئي تنگ ٿي ويندا ان ڪري هر ڪنهن کي پاڻ فيصلو ڪرڻ جو وقت ڏنو وڃي جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻهو سياسي توڙي ووٽ ڏيڻ وارين سرگرمين ڏانهن لاڙو ڪري سگهن جي خلق تي اثر انداز ٿيئڻو آھي. ۽ ان ريت ئي پارلياماني سياسي تنظيمون پنهنجي عمل ۽ ڪارڪردگي سان اڳتي وڌڻ گهرجن. پنهنجي سياسي پروگرام وسيلي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهرجي ۽ ان لاء پوري تبليغ ڪرڻ گهرجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے