رياض ابڙو

ملڪي سياست جون ست رنگيون

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو 

اسان وٽ مقابلو ان ڳالھه جو ناهي ته اڳيان سياستدان جيڪا، جهڙي تهڙي سياست کڻي ڪري ويا، اها پوءِ ڪيتري به صحيح هئي، ڪيتري به غلط هئي، هاڻوڪا سياستدان انهن ماضيءَ جي بدتر سياست کان بهتر سياست ڪري عوام جي حقيقي خدمت ڪري ڏيکارن پر مصيبت اها آهي ته هر سياستدان اهو ٿوسمجهي ته عوام جي خدمت جيستائين هيٺين سطح تي منتقل نه ٿي ٿئي تيسائين وفاقي، صوبائي وزيرن کان خدمت واري سياست ڪرائڻ ممڪن ناهي، جائز، مناسب ناهي، ان ڪري جيڪي به قومي، سينيٽ، صوبائي ۽ بلدياتي چونڊن ۾ نمائندا سوڀارا ٿين ٿا اهي سمجهن ٿا ڪم رڳو بلديات کي ڪرڻو آهي باقي جيڪي مٿيان نمائندا آهن انهن جو ڪم رڳو ”ڦيٿو ڪٽڻ“ آهي.

ان ڪري سياست ڪجي پر مناسب، جائز طريقا به ضرور پرکيا وڃن، جنهن جي ڪري اهو فيصلو اڃا ناهي ٿي سگهيو ته عوام جو ڪم ۽ خدمت ڪير ڪندو، سياست ڪير ڪندو، ڳالھه اها به آهي ته اسان وٽ ان ڳالھه جو مقابلو ضرور آهي ته ٽي وي اسڪرين تي ٽائيم ڪير گھڻو ٿو وٺي، ميڊيا جي ڪوريج ڪنهن سياستدان کي گهڻي آهي، ڪورٽون ڪنهن جو گھڻو پاسو ٿيون کڻن، فوج هاڻي ڇا ٿي ڪري، اهي سڀ اڳواڻ فوجي اسٽيبلشمينٽ جو پارو ۽ طبيعت چيڪ ٿا ڪن ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ ڪنهن کي محبوب ٿي سڏي، هاڻي اها ڳالھه به سمجهي سگهن ٿا ته نئون وزيراعظم بنان ڪنهن اسٽيبلشمينٽ جي آڇ ۽ پسند تي ايندو، ان ڪري ته 17 وڏن برگيڊيئر ليول جي فوجي آفيسرن کي جيڪي گھڻي ڀاڱي سياست سان چنبڙيل، وچڙيل، شامل رهندا آيا هيا اهي ويا، ائين چوڻ به آسان ٿيندو ته ڪورٽن ۽ قانون وانگي فوج به ٻه اڌ ٿي پئي هئي، جيستائين باجوا هيو تيستائين فوج ۾ به ٻه اسٽيٽمينٽ هلنديون آيون هيون هڪڙا ”پُروعمران“ هيا ته ٻيا وري 13 پارٽين کي همٿائيندا آيا، هڪڙن کي اهو يقين هيو ته جي فوجي اسٽيبلشمينٽ گرين سگنل ڏنو ته پوءِ پنجئي آڱريون گيهھ ۾ آهن، ان ڪري انهن به هٿ تي هٿ رکي واري جو انتظار ڪيو، پر هاڻي فوجي اسٽيبلشمينٽ جي ان فيصلي جي روشني ۾ اها ڳالھه وري پختي ٿي وئي آهي ته هاڻي 2018ع وارو دور ناهي ان ڪري عمران خان جو تازو يوٽرن به معنيٰ ٿو رکي ته هو عوام جي طاقت تي ڀاڙي ۽ عوام هن دفعي هن سان گڏ آهي ۽ ڪجھه به ٿئي هي ڪرسي ماڻي ويندو ۽ ڪنٽينر مان جان ڇڏائيندو.شهبازشريف به ان ڳالھه ۾ عمران خان کان ٻه هٿ اڳتي نڪتو ان ڪري ته سياستدان اليڪشن، پارليامان جي نوڪري کان اڳ هڪڙا هوندا آهن ته وري ڪرسي ملڻ کانپوءِ ٻيا رنگ ڪڍي بيهندا آهن.

مڃون ٿا ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اوگرا جا آرٽيڪل بدلائي آءِ ايم ايف جي مرضي مطابق ڪيا ويا هئا معنيٰ انهن اسٽيٽ بينڪ وانگي اوگرا کي به خودمختيار ڪري ڇڏيو هيو ته اهي هاڻي وزيراعظم جي هڪ نه ٻڌندا، جڏهن آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڳالھه ايندي ته اهي 100 سيڪڙو گيس مهانگي ڪندا، بجلي 13 سيڪڙو مهانگي ڪندا، پيٽرول ۽ ڊيزل تي 35،35 رپيا وڌائي ڇڏيندا، وري پنج رپيا گھٽائي عوام تي احسان ڪندا پر ان سمريءَ تي وزيراعظم صحي به نه ڪندو، پڇندس به نه ۽ وري جڏهن آءِ ايم ايف کان ٻي قسط جو وارو ايندو ته اهي اوگرا کي رڳو هڪ اشارو ڪندا جيڪي پيٽرول ۽ گيس جون قيمتون وڌائي ڇڏيندا ۽ حڪومت وري جڏهن اسٽيٽ بينڪ ڏي رخ ڪندي ته اهي ماضيءَ وانگي حڪومت کي قرض ڏيندا ته اسٽيٽ بينڪ انهن حڪومتي نمائندن جي ڳالھه ته مڃيندي پر اهي ساڳي وياج جي شرح تي حڪومت کي ڊيل ڪندا، حڪومت جي فرمائش تي ڪڏهن به نوان نوٽ نه ڇاپيندا، ان ڪري ته جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندو هيو ته مشرف پنهنجي دور ۾ نون نوٽن جي چڪر ۾ اوترا ئي پئسا ڇاپيا جيترا نوٽ خزاني ۾ موجود هيا ۽ ان شرط تي ته جيستائين پراڻا نوٽ مارڪيٽ مان واپس وٺون تيستائين حڪومت اوترا نوان نوٽ ساڳن نمبرن سان ڇاپي مارڪيٽ ۾ پئسو آڻي ۽ جام پئسي جي ڪري ترقياتي بجيٽ جي نالي جا پئسا عام جام ٿي پيا، ان ڪري ترقياتي بجيٽ جي عام ٿيڻ سان صنعتون ۽ مارڪيٽ زور وٺندو آهي معنيٰ جيڪي به روڊ رستا، اسڪول، سرڪاري عمارتون، پُليون، ٻئي اهڙي ئي نوعيت جا ترقياتي ڪم جڏهن عام جام هلندا ته ماڻهن ۾ خوشحالي ايندي ۽ پئسو مارڪيٽ ۾ ٻيڻو چئوڻو ٿي پوندو آهي، صنعتون زور وٺنديون.

ان ڪري عمران خان به اهي سڀ اوزار تيار ڪري ورتا هيا پر اسٽيٽ بينڪ جي هٿن مان نڪري وڃڻ جي ڪري، اوگرا جي خودمختياري ڳچيءَ ۾ پئجي ويس ۽ ساڳي ويڌن هن سرڪار سان به آهي ته هنن جي هٿ وس ڪجھه به ناهي ۽ رهندو ڪندو سڪوڪ بانڊن جي ڪري آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري، 700 ارب روپين جا نوان ٽيڪس مڙهڻ جي ڪري، ادارا خانگائڻ واري فرمائش ۽ ادارا گروي رکڻ جي ڪري هي به ٻه واٽي تي ڦاٿل آهن، ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن ان ڪري هي جيترا ڏکيا فيصلا ڪندا اوترو هنن جو گراف ڪري پوندو، اڃا ان نور کان به ويندا، ان ڪري ته اهڙا ابتاسبتا ڪم ڪري عمران خان جي سياست ٻڏي وئي، اهڙن غير مقبول فيصلن جي ڪري عمران خان پنهنجي سياسي گاڏي نه هلائي سگهيو ته پوءِ اهي سڀ ڪم ڪري شهبازشريف سياسي پرواز ڪيئن ڪري سگهندو، ان ڪري مريم نواز ڀلي سڄو ڏينهن اسڪرين تي بيهي، ڀلي عمران خان کي موالي چئي، پنهنجي ”فيمنسٽ سياست“ جا دائرا رڳو پنجاب جي شهرن تائين رکي، پر نون ليگ اها ڳالھه ڀلي ڀت سمجهي ٿي ته ائين ڪري هيل اهي 14 مئي تي ٿيندڙ ضمني چونڊون رهڙي ويندا، ان صورت کٽي ويندا جو اهي سڄو ڏينهن اينٽي عمران سياست ٿا ڪن، سڄو ڏينهن جيترو برو ڀلو عمران خان کي ٿا چون، سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان هنن جي ڪيل فيصلن کي عوام وساري ڇڏيندو ته اها نون ليگ جي ڀل آهي.

هيل جنهن سياسي ميرٽ ۽ ڪارڪردگيءَ تي اهي پارٽيون پاڻ آزمائي ڪنديون، زور آزمائي سوڀاريون ٿينديون، پر هاڻي اهو هنن جو ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ امتحان به هوندو، خاص ڪري نون ليگ جو ۽ ڪي پي جي اندر پي ٽي آءِ جو ان ڪري پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيڪي ڪي پي ۾ ڦاڙها ماريا آهن اهي سڀني ڏٺا، ان ڪري هيل سياسي پارٽيون پنهنجي دم ۽ خم تي چونڊون جي کٽي آيون ته وڏي ڳالھه هوندي، هن دفعي انهن پارٽين کي ڪنهن به فوجي اسٽيبلشمينٽ جي بي ساکين جي آسري جي آڇ ناهي.

عمران خان جي غير سنجيده سياست جو نتيجو اهو به نڪتو جو هن شخص وٽ دور انديشي ناهي ته جي هي اعلان ٿو ڪري ته آمريڪا مرده آباد، اسرائيل تي لعن طعن ٿو ڪري، ڊينمارڪ، فرانس جي خلاف ڪجھه به چئي ٿو ته ان جو سڌو سنئون اثر هن پنهنجي سياست تي ٿو پئي، لانگ مارچ، شارٽ مارچ، اسميبلين ٽوڙڻ واري ڳالھه به رياست سان گڏ هن جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، ان ڪري جنهن ملڪ جي ماڻهن وٽ اٽي لٽي ۽ اجهي جي همت ناهي، جيڪا رياست روز روز اهو اعلان ٿي ڪري ته اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ذخيرا ختم ٿي ويا آهن، جيڪا رياست اهو سوچي هاڻي کان ئي ٽال مٽول ۾ لڳي پئي آهي ته الله ڪري اليڪشن ملتوي ٿئي، اهڙو بهانو ملي جنهن ۾ عام چونڊون نه ڪرائي سگهجن، پر بجيٽ ڊيفيسٽ جي ڪري هن سرڪار، رياست جي مٿان هاڻي هروڀرو پنجاب جي ضمني اليڪشن جو بار وجهڻ مناسب نه هيو، ڇو ته سڄي ملڪ ۾ جي عام اليڪشن ڪرائي وڃي ته اتي 50 ارب کان به مٿي جو خرچ ٿو ٿئي ته اتي ٻن صوبن معني پنجاب ۽ ڪي پيءَ ڪي ۾ اڌ جيترو ته خرچ ضرور ايندو هوندو، ان ڪري عمران خان جي اهڙي سياست ملڪ کي اڃا به ڏچي ۾ وجهندي، ملڪ ان نور کان ئي ويندو.

هاڻي ته ملڪي سيڪيورٽيءَ جي خدشن سبب اها ڳالھه به ڳوري ٿي پئي آهي جنهن ۾ بلاول ڀٽي، عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمٰن کي جاني نقصان جون ڌمڪيون ٿيون ملن ته اتي حڪومت الڪيشن ڪيئن ڪرائي سگهندي، حڪومت جي انڌ جي اها به ڳالھه ڪجي ته جيڪا آدمشماري 2017ع ۾ ٿي ته اها وري ايندڙ آدم شماري وري 2027ع ۾ ئي ٿئي هان سا هاڻي ڪيئن ممڪن ٿي، ناڻي جي کوٽ جا سبب، بهانا پنهنجي جاءِ تي پر ڳالھه ته وري به ڳچيءَ ۾ ضرور آهي ته هي سرڪار انهن سڀني معاملن کي ڪيئن ڏسندي جنهن ۾ سڀ کان وڏو چيلينج پنجاب ۾ ضمني اليڪشن ڪرائڻ هوندو، سيڪيورٽي جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي، پر عمران خان سميت انهن سڀني پارٽين کي هاڻي ميچوئر سياست ڪرڻي پوندي، ڇو ته ملڪ هاڻي ٻه واٽي تي ضرور آهي جنهن ۾ ڊفالٽ ته پنهنجي جاءِ تي، پر جي سيڪورٽي جا مسئلا وڌي ويا ته رياست پوءِ ڪنهن کي منهن ڏيندي ڇو ته هتي هر ٻئي ڏينهن تي سياسي پارٽيون ڪنهن نه ڪنهن اليڪشن جي بهاني جهنڊا کنيون روڊن تي بيٺون هونديون آهن ان ڪري سياستدان کي ميچپوئر ٿيڻو پوندو ۽ بهترين سياست ڪرڻي پوندي نه ته ملڪ جو نقصان ڀرڻ جهڙو نه هوندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے