رياض ابڙو

معيشت ۽ ادارن جو خانگائڻ

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

 رياض ابڙو 

هاڻي حڪومت ٽي وڏا انٽرنيشنل ايئرپورٽ خانگائيندي، جنهن ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي، علامه اقبال انٽرنيشل ايئرپورٽ لاهور ۽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ شامل آهن ۽ انهن ٽنهي ايئرپورٽن ۾ هاڻي پبلڪ ۽ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت حڪومت ڪم هلائيندي، ائين ئي جيئن هنن پهرين 1997ع کانپوءِ،مشرف جي دور ۾ جهڙي طرح ورلڊ بينڪ جي نمائندن جي نگرانيءَ ۾ خاص ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي ماهراڻين صلاحن سان ان وقت جون سرڪاري بئنڪون خانگائيون هيون ۽ هلي هلي اهي پبلڪ پارٽنرشپ مان نڪري نج خانگي بڻجي ويون ۽ هاڻي اهي سرڪاري کاتي ۾ ناهن ۽ حڪومت رڳو انڪم ٽيڪس جي مالڪ آهي ته اهي ادارا جڏهن کٽي ڪمائي بيهندا آهن ته وقت جي حڪومت انهن جي آڏو هٿ ڊگهو ڪندي آهي ته هتي تري تي ٽيڪس رکو پوءِ ٻي ڳالھه ۽ باقي ملازتون، ملازمن جون پگهارون، رهتو ۽ پينشن،،اوورهيڊس،،ٻيا مٿي جا سور خانگي ادارو پاڻ ڄاڻي پنهنجا ڪم.

شهباز سرڪار اهڙا ٽيڪنيڪل مشورا ۽ صلاحون ورلڊ بينڪ جي ماهر کان گهري ورتا آهن جيڪي اهي سڀ کاتا ۽ ليکا چوکا سڌا ڪري، حساب ڪتاب جوڙي حڪومت کي ڏيندا ۽ حڪومت وري کٽئي ليکي جي مالڪ هوندي پوءِ اهي ايئرپورٽن جا مالڪ انهن ايئرپورٽن کي جيئن وڻين تيئن هلائن،ڳالھه خراب ناهي پر حڪومت ائين اهي سڀ ادارا کپائي پنهنجا هٿ ڌوئي ٿي ويهي جو سڀاڻي اتي ڪو ٻاهرين ملڪن جو ماڻهو،سيٺ اهي ايئرپورٽ هلائي،اتي جهازن جي رواني ۽ هلچل ۾ ٻين ملڪن جا ادارا هلائين،شهرن کان شهرن تائين سستي ايئر سروس شروع ڪن،چٽاڀيٽيءَ (ڪمپٽيشن) جو ماحول جڙي، جيڪو ايترو بعيد ناهي جو ماڻهو بجاءِ بسن جي رڳو جهازن جا سفر ڪن.

آهستي آهستي اسٽيٽ وقت جي سرڪار جي چنبي مان نڪري وڃي جو روڊ رستا ۽ سرڪاري ادارا ائين گروي رکندا وزير پاڻ وڃن کسڪندا ۽ سڀاڻي ملڪ ۾ عوام رڳو پاڪستاني هجي پر ادارا پاڪستاني نه هجن،آهستي آهستي ڪري اهي زمينون، ايئربيس، بحري، هوائي اڏا ٻين ملڪن جي حوالي ڪندا وڃن ته پوءِ حڪومت جي پنهنجي رٽ سڀاڻي سوال بڻجي وڃي،اهو چوڻ آسان ٿئي ته هتي سرڪاري کاتا ناهن،هتي ڪنهن ٻئي ملڪ جا ادارا ڪم ٿا ڪن.

سوال ته اهو به اٿندو ته هن سرڪار، کان پهرين جيڪي به حڪومتون آيون ويون انهن به اهڙي طريقي سان ملڪ کي اڏوهي بڻجي کاڌو، ڪٽيو،ڪتريو آهي جو ملڪ کوکلو ٿي ويو آهي وري سوال اهو به اٿندو آهي ته ملڪ جي انٽيليجنس جڏهن ٽيليفون،اطلاعاتي ادارن جي ماتحت،ڳيجهو هوندي آهي ته پوءِ ضروري هوندو آهي ته اهي ادارا ڪنهن به صورت حڪومت جي نگراني ۾ هجن،اهي سرڪار جي چنبي ۾ هلندا هجن پر مصيبت اها به آهي ته ”نيولبرل اڪانومي“ ۾ هاڻي دنيا جا سڌريل ملڪ،جيڪي ملڪ مسلسل سڌرن ٿا پيا اهي غريب ملڪن جا ادارا ائين ئي خريد ڪندا ٿا وڃن،جيڪي به سروس سيڪٽر آهن اهي انهن جي حوالگيءَ ۾ ڏيندا پيا وڃن پوءِ حڪومتي رٽ ائين به آهستي آهستي وڃي ٿي گھٽبي جو سرڪاري ادارا پاڻ ان ڳالھه تي پريشان آهن ته وزيراعظم هائوس جو آڊيوليڪ ڪير ٿو ڪري،اهي سڀ وڊيوليڪس ڪٿان ٿيون ٿين جو ادارا پاڻ مٿو ٿا کنهن ته ٿئي ڇا پيو ،سرڪار پاڻ پنهنجي کل لڪائي ٿي گهمي،مجبور آهن جو هاڻي بندوقون صاف ڪري نه ٿا بيهن پر درٻان ماڻهن جي موبائيل کي ان بندوق کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿا سمجهن ۽ سمجهن ٿا ته وزيرن جي ڪيريڪٽر اسيسينيشن رڳو انهن جي موبائيل ڊوائيسز سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري بندوق وڃي پئي کڏ ۾ هاڻي موبائيل ڊوائيسز جي نگهباني ڪيو، ساڳي ڳالھه ادارن جي خانگائڻ،حڪومت جي اثر جي بي اثر ٿيڻ ۾ به آهي ته اهي پاڻ هاڻي رڳو ملازمت ڪندا،ايوان جي ڇسي ۽ بي اثر نوڪري ڪندا، باقي سڀ خير آهي.

اڪانومڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي اهي ورلڊ بينڪ جا معتبر، ڏاها ۽ ادارن خانگائڻ ۾ ماهر شخص شهباز سرڪار کي رڳو اهو ڏس ڏيندا ته اهي ٽئي ايئرپورٽ جي ٻين ملڪن کي ايندڙ 25 سالن لاءِ کپائي گروي ڪري ڏنا وڃن يا 25 سالن جي ليز تي ڏنا به وڃن ته حڪومت کي ڪيترا پئسا بچندا جو اهي پنهنجا ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا پورا ڪري سگهي،حڪومت وٽ ڪيتري آمدني ايندي جو اهي اٻوجهھ عوام کي اها ڪوڙي خوشخبري ٻڌائي سگهن ته هاڻي آءِ ايم ايف جي ٻه ارب روپين سان گڏ (جن جي ضمانت سعوديءَ ۽ چين کنئي آهي) ته جي شهباز سرڪار هي پئسا نه ڏئي سگهي ته ايندڙ سرڪار جي لاءِ اهي ڪهڙي پلصراط کڻي ايندا جو اهي اچڻ سان رڳو راڳ ڳائيندا ته سائين شهباز سرڪار اهي ظلم ڪري وئي آهي هاڻي اسان ڇا ڪيون جو سريلنڪا جي ”همباٽوٽا“ بحري پورٽ وانگي جو سريلنڪا وٽ 25 سال گذرڻ کانپوءِ اهي پئسا ڪيئن گڏ ٿين ها جو جنهن جي عوام جي اها حالت هئي جو انهن ٽن ويلن جي ماني ڪٽي ۽ گھٽ ڪري ٻه ويلا ڪري ڇڏي،انهن جي وزيراعظم اهڙو اعلان ايوان جي فلور تي بيهي فورن ڪيو ته ”چين ڀلي همباٽوٽا بحري اڏا کڻي جو ملڪي خزاني ۾ ٽڪو ناهي جو چين کي ان گروي رکيل بحري پورٽ جا پئسا موٽائي ڏئي سگهجن“ .

ساڳي هتان جي عوام جي سمجهھ ۾ اچي ٿي ته هي جيڪي 25 سالن جي لاءِ ايئرپورٽ گروي ٿا رکن اهي 25 سالن کانپوءِ ڪو به ڇڏائي نه سگهندو ۽ اهي 25 سالن کانپوءِ اها ڳالھه چوڻ ۾ بجا هوندا ته سائين اسان جو ڪهڙو ڏوھ جو اسان جنهن ايوان ۾ بيٺا آهيون،جنهن روڊ تي گاڏي ٿا هلايون،جنهن موٽروري تي ”ٽول ٽيڪس“ ٿا ڀريون سا به اسان جي ناهي، جو هن ملڪ سان گذريل 100 سالن ۾ حڪمران دشمني ڪري ويا آهن پوءِ هيٺ ويٺل مقتدي (عوام) به زارو قطار روئندا ٻيو ڪجھه به نه ڪري سگهندا.

پرائيوٽائيزيشن ڪاميٽي وٽ هڪ اهو زبردست بهانو آهي ته اهي ادارا هاڻي ڀلو پرفارم نه ٿا ڪن، ان ڪري انهن جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي انهن ادارن کي ٻاهرين ملڪن (خاص قطري،عربي حڪومتن) جي حوالي ڪري رڳو انهن جي پرفارمنس بهترين ڪئي ويندي ته جيئن اهي ادارا من نه من ڀلو هلن،اها به پڪ اٿن ته اهي ادارا ڀلو هلندا، ان ڪري جو اهي ملڪ اهي ادارا خريد ڪري انهن تي زبردست انويسٽمينٽ ڪندا،ڪو دور هوندو هيو جو سعودي عرب وارا پي آءِ اي جي سروس مان ايترو ته مطمئن هوندا هيا جو اسان جي ملڪ جي پائليٽ کي ٻيڻي چئوڻي پگهارن تي به پنهنجي ملڪ جي کرتل جهازن تي به نوڪريون ڏيندا هيا پر وقت وري اهڙو ڦيرو کاڌو آهي جو ڪو به ماڻهو هاڻي پي آءِ اي ۾ سفر نه ٿو ڪري ۽ ماڻهو سعودي، قطري ۽ اماراتي جهازن ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ٿا ڏين ۽ سمجهن ٿا ته پاڪستاني جهازن ۾ سفر ڪرڻ معنيٰ الله کي وڃي پرتڻ آهي ان ڪري انهن جهازن ۾ سفر ڪرڻ کان بهتر آهي ٻه ٽي ڏينهن ماڻهو جي وٺي جو انهن جهازن ۾ جيڪي به پائليٽ هجن ٿا انهن جي سروسز ۽ لياقتن مان ائين ٿو لڳي ته اهي پهرين ڪنهن ٽرڪ جا ڊرائيور هوندا هيا جو نقلي لائيسنس ٺهرائي پي آءِ اي جي جهازن جا پائليٽ بڻجي ٿا وڃن،

جيئن 22 مئي 2020 تي ڪراچيءَ جي ماڊل ڪالونيءَ تي رمضان جي مهيني ۾ پي آءِ اي جي جهاز پنهنجن ئي مسافرن کي جنت رسيد ڪيو ۽ پوءِ خبر پئي ته اهو جنت رسد شده پائليٽ هڪ ڪوڙي ڊگري ۽ لائيسنس تي جهاز جو پائليٽ بڻيو ويٺو هيو، پر ڳالھه ان جي ڪوڙي لائيسنس جي ناهي، ڳالھه اداري جي ساک جي آهي ته ڪيئن اهي آهستي آهستي ڪري انهن ادارن جي ساک خراب ٿا ڪن،انهن ادارن جي ساک کي داوَ تي ٿا هڻن جو سڀاڻي ڪو مسافر انهن جي سروس تي يقين نه ڪري ۽ سمجهي ته اهڙي جهاز کان بهتر آهي ماڻهو باءِ روڊ سفر ڪري جو اهڙو سفر وري انگريزي وارو Suffer ٿي ٿو پئي جو آر،پار، ان ڪري بهانا هزار، هن حڪومت کي رڳو اهو کپندو آهي ته آهستي آهستي ڪري ادارن جي ساک خراب ڪري، انهن جي پرفارمنس کي بهانو بڻائي رهيا کهيا ادارا به هٿ مان ڪڍي ڇڏي.

انهن ادارن جي لائين ۾ هاڻي اسٽيل مل کان وٺي پاور جنريشن ۽ پاور ڊسٽريبويشن جا ادارا به آهن جن جي خانگائڻ سان حڪومت وٽ ڊالرن جا انبار لڳي ويندا ۽ اهي اهو چوڻ ۾ بجا هوندا ته هاڻي حڪومت بجيٽ ڊيفيسٽ مان ٻاهر نڪري آئي آهي هاڻي حڪومت بحري جهازن کي ”ايل سي“ اشو ڪندي ۽ 350 امپورٽيڊ شين جي آمد تان به پابندي هٽائي ويندي جن ۾ موبائيل کان وٺي ليپ ٽاپ ۽ کاڌي پيتي جون شيون،ڪنفيڪشنري به شامل هوندي جن مان حڪومت جا کيسا ڀربا پر لوڪل شين جي عزت ۽ کَپَتِ ۾ خاطرخواھ گھٽتائي ايندي (ان ڪري ته لوڪل شين ۽ ماڻهن جي عزت مڙئي ڪجھه گهٽ آهي) ان ڪري هاڻي هن حڪومت کي ڇا پر ايندڙ هر حڪومت جو ڌنڌو رڳو اهو هوندو ته اهي ملڪ جا ٽين ٽپڙ وڪڻي رڳو ملڪي پينشنرن جا ڀڀ ڀرينديون ۽ اسٽاف ليول جي ايگريمينٽ ڪري آءِ ايم ايف جا نوان نيکٽ عوام جي آڏو پڌرا ڪندا رهندا ۽ پنهنجن عياشين کي طول ڏيندا رهندا باقي ٻيو مڙئي خير آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے