اياز لطيف پليجو

مردم شماري جي تاريخ ۾ فقط ڪراچي لاء واڌ امتيازي سلوڪ آهي ،خدشاختم نه ڪيا ويا ته نتيجن کي رد ڪيو ويندو

اياز لطيف پليجو بلاگ ليکڪ

اياز لطيف پليجو

وزير اعظم شھباز شريف صاحب، وفاقي وزير احسن اقبال صاحب، اوهان کي چڱيءَ ريت خبر آهي تہ بين الاقوامي اصولن ۽ آئين موجب هر 10 سالن کانپوءِ نئين آدمشماري جي ضرورت هوندي آهي، پر ڪجھ نسلي گروهن جي اثر هيٺ پنجن سالن بعد ٻي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي. اوهان کي خبر آهي تہ سنڌ جا ماڻهو ھن آدمشماري تي پريشان آهن ۽ جيڪڏهن سنڌ سان ناانصافي ٿيندي تہ خاموش نہ رهندا. ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جون ٻيون سياسي پارٽيون جنوري 2023ع کان چتاءُ ڏينديون رهيون آهن تہ جيڪڏهن سندن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته اھي نتيجن کي رد ڪندا.
تازين رپورٽن ۽ انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ڳوٺاڻن سنڌ جي آبادي کي هڪ خاص منصوبي تحت گهٽ ڏيکاريو ويو آهي ۽ مردم شماري جي تاريخ ۾ واڌ لاءِ فقط ڪراچي شھر جي 6 ضلعن جي چونڊ ڪرڻ امتيازي سلوڪ آهي ۽ اهو عمل پاليسي سازن جي ڳوٺاڻي سنڌ سان تعصب جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي سنڌ جا اصل رهواسي لکين سالن کان آباد آهن.
واضح رهي تہ مردم شماري لاءِ ورڪنگ پيپر کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جوڙيل 12 رڪني ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ به سنڌ مان هڪ بہ ڊيموگرافر موجود نہ هو. مردم شماري ڪرائڻ، جيتوڻيڪ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اختيارن وارو ڪم آهي، پر ان عمل بابت سمورا فيصلا سنڌ مخالف ماڻهن جي هڪ ٽولي پاران ڪيا پيا وڃن، جن 2017ع ۽ 2023ع جي آدمشماري کي تڪراري ۽ ناقابل قبول بڻائي ڇڏيو آھي. ڊجيٽل مردم شماري ۾ استعمال ٿيل ٽيبلٽس ۾ انتهائي غلط بلاڪن وارا نقشا ڀريا ويا هئا ۽ هزارين ڳوٺ رهايا ويا آھن.
ڊجيٽل مردم شماري ۾ سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، بينظير آباد ۽ حيدرآباد ڊويزن جا هزارين ڳوٺ ۽ درياهه وارين علائقن، ڪوهستان، ٿر، نارا، اڇڙو ٿر، سامونڊي پٽي ۽ ڪاڇي جي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي رهايو ويو آهي. اھا ڪيڏي نه شرم جي ڳالھ آھي جوبرطانوي ڪالوني واري پراڻي دور جي ڪاغذ ۽ پينسل واري ڪارڪردگي کان به ھاڻوڪي جديد دور جي ٽيڪنالاجي واري ڪارڪردگي خراب ۽ ناانصافي واري آھي.
ٻيا ملڪ آدمشماري جي هڪ ئي ڏينهن ۾ ڳڻپ مڪمل ڪن ٿا، اسان ٻن مهينن کان ناڪام آهيون. نام نهاد ”مردم شماري“ تي خرچ ٿيل 35 ارب رپيا ضايع ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته نه رڳو طريقيڪار پر ارادو بہ خراب هو. ان ڪري آدمشماري جي تاريخ ۾ ڳوٺاڻي سنڌ ۾ واڌ نه ڪرڻ سان سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان کي پورو نٿو ڪري سگهجي. هي سنڌ جي عوام کي ورهائڻ جي سازش آهي. پر ياد رکو ته ورھايو ۽ حڪومت ڪريو وارا زمانا ھليا ويا.
مٿين حقيقتن، غيرقانوني عملن ۽ تعصب ۽ متڀيد واري روش کي نظر ۾ رکندي، مان اياز لطيف پليجو صدر قومي عوامي تحريڪ، مطالبو ڪريان ٿو تہ موجوده مردم شماري کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها بي ايماني ۽ تعصب تي ٻڌل آهي ۽ اھا ڳڻپ ان سنڌ دشمن سازش جو حصو آهي، جنھن تحت سڄي سنڌ ۽ خاص طور ٻهراڙي جي سنڌ کي ڳڻپ ۾ گھٽ ظاھر ڪرڻو آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے