بلاول ڀٽو زرداري

مارشل لا جو خدشو آهي،ججن کي سوچڻ گهرجي : بلاول ڀٽو زرداري

خبرون

پ پ چيئرمين , پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مارشل لا جو خدشو آهي، چيف جسٽس سميت ٽنهي ججن کي سوچڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير بابت ڪيس تي لارج بئنچ نه ٺهي ته مارشل لا جو خدشو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران دور ۾ ناقص فيصلن سبب ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي آهي، جنهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته آصف زرداري 18هين ترميم ذريعي 73 جي آئين کي بحال ڪيو، پ پ سدائين آئين جي سربلندي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، ملڪ جي موجوده مسئلن جو حل آئين ۽ قانون جي عملداري ۾ آهي.

چونڊن بابت ڪيس جي معاملي تي سندس چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو قوم جي سامهون آهي، چونڊ معاملي تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ 9 مان گهٽجي 3 ججن تائين محدود ٿي پر گذارش آهي ته ان معاملي جي ٻڌڻي فل بئنچ ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهم ترين قومي معاملي تي فل ڪورٽ نه ٺهڻ سان آئيني بحران پيدا ٿيندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے