امير ابڙو

لاهوتي عاشق جو بيان ، سيده ڪوثر جي ڪتاب عشق لاهوتي تي تبصرو

امير ابڙو بلاگ ليکڪ

امير ابڙو

شاعرن جي هڪ الڳ دنيا ٿئي ٿي. تصور اهڙن پئمانن مان گذرندا آهن جتي ڏک جو ديرو آهي. ڏک هڪ انتهائي مثبت جذبو آهي جيڪو انسان کي حساس، حقيقت سان لاڳاپيل ۽ غير شعور سان جڙيل رکي ٿو. ڏک ئي آهي جيڪو گوتم ٻڌ کي رات جي اونداهيءَ ۾ نفس کي مارڻ لاءِ بيابانن جي طرف ڌڪي ويو ۽ خالق حقيقي جي تلاش هو ڪندو رهيو. اهو ڏک ئي آهي جنهن حضور صلعم کي 13 سال غار ثور ۾ رکيو جنهن جي نتيجي ۾ قرآن شريف جهڙو ڪتاب سندس شخصيت جي ذريعي هن ڪائنات لاءِ مشعل راهه بنجي ويو آهي. خوشي هڪ لمحي جي تند آهي جيڪا اوچائيءَ ۾ ته تمام وڏي ٿي سگهي ٿي پر ويڪر ۾ هڪ ٽٻڪي جهڙي حيثيت رکي ٿي. ڏک نيوٽن کي ڌرتيءَ جي مقناطيس جو فارمولا ڏنو ۽ تازو اهڙي ريسرچ اسٽيفن هاڪنگ ڪري هن دنيا مان لاڌاڻو ڪري ويو ۽ وقت جي ختم ٿيڻ لاءِ هن دنيا جي ايندڙ نسل کي ٻڌائي ويو ته دنيا جي ڀسم ٿيڻ جو يقين آهي ۽ ڌرتي ويڙهجي ويندي.

ڪافي سالن کان لنڊن ۾ تقريبن ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو پر معياري شاعري يا معياري ڪهاڻيڪار گهٽ ملندا اهن جو هتي گهڻو ڪري ڪاروباري ماڻهو پاڪستان يا انڊيا مان لڏي آيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪوئي اديب يا صحافي آيا به آهن ته فرصت واري شاعريءَ جون محفلون ڪونه ٿيون ٿين. پر سال کن اڳ ۾ سيده ڪوثر جي شاعري سندس ڪتاب جي مهورت ۾ ٻڌي تمام گهڻو ڇڪجي ويس. هن ڪتاب جو نالو عشق لاهوتي آهي پر هن ۾ اهڙين ڪيفيتن جو ذڪر ٿيل آهي جيڪي واقعي ماڻهو پس منظر سوچيندو آهي مگر سامهون کان چئي نه سگهندو آهي. شاعري هونئن به هڪ لازوال سفر هوندو آهي جيڪو انسان سان پاڇي جيان هلندو آهي. ڪوثر جي شاعري جڏهن آئون بڌي رهيو هوس ته ائين لڳو پئي ته هن صرف ڪنهن مرد جي بي وفائيءَ کي محسوس نه ڪيو آهي پر اهڙي مردن جي اسان جو سماج هڪ ماحول ڏئي ٿو تنهن ڪري سندن رويو عورت سان غير برابري وارو آهي. سندس شاعريءَ ۾ غيب کان ايندڙ آواز محسوس ٿين ٿا پر جڏهن اهي آواز هوءَ لکڻ وهي ٿي ته شعوري ڪوشش ۽ رديف ڪافيي کي ذهن ۾ رکي پنهنجي جذبن کي ڪاغذ تي لاهي ٿي.

هي هڪ شعر آهي

يه بات اس سي ڪهي گئي تهي يه بات اس ني ڪهي نهين تهي

يه شعر مجهه سي ڪها گيا هي يه شعر مين ني ڪها نهين هي.

هي وڏو تخيل آهي جو شاعريءَ ۾ اسان وٽ اهي پئمانا مقرر ٿيل ته ناهن ته ماڻهو غير شعوري طور تي شاعري ڪري ٿو پر انسان جنهن مهل به ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو جيڪڏهن اهو سڀڪجهه سندس اندر جو فطري عمل آهي ته ڳالهه وڻي ٿي پر جيڪڏهن هو مصنوعيت جو شڪار آهي ته ڳالهه ڪنهن پس منظر ۾ هلي ويندي آهي. سو اهڙي طرح سان انسان جو دل سان ڳالهائڻ ئي اهميت رکي ٿو ۽ آئون سمجهان ٿو ته اهو شاعر لاءِ خود به هڪ اهڙي دوا بنجي ٿو جو هو شاعري ڪرڻ کان پوءِ ٿورو آرامده ٿي وڃي ٿو. ائين عشق به جڏهن سچو آهي ته دليل ۽ ثبوت جي ضرورت نه هوندي آهي ، اهو پاڻ ئي ڳالهائيندو پيو آهي پر جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته لڳندو آهي ته ڪنهن انتهائي بي وجهه ملاقات ۾ ماڻهو ڦاسي پيو آهي.

ڪوثر جو هڪ شعر آهي

يه ان دنون کي شنيد هي جب مري دعا مين خدا نهين تها

وه شخص مجهه ڪو ملا تها ليکن وه شخص مجهه ڪو ملا نهين تها

اتان کان ڏک جي هڪ لهر شروع ٿيندي آهي جڏهن ڪير اهو چوندو رهي ته مون کي تو سان پيار آهي پر اهو محسوس نه ڪجي. عشق ۾ ٻڏل رهڻ سان اهو ناممڪن آهي ته معشوق جي جذبن جو تعين ڪري سگهجي، اها مسلسل هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي پاڻ سان ئي جوڙي رکي ٿي پر معشوق سان جوڙي نه ٿي سگهي. سسئيءَ جي پيرن ۾ لڦون پئجي ويون جو هوءَ پنهونءَ کي پهچي سگهي ، مومل راڻي جا تخيلي ڦيرا ڏيندي ڏيندي کيس راضي ڪرڻ ۾ ئي پنهنجو سمورو جيون گذاري ٿي ڇڏي ۽ آخري منزل پنهنجي پرينءَ جي منزل ٿي سمجهي. تنهن ڪري اهو سفر مجاز کان حقيقت جو سفر آهي، معشوق جو ڪردار فقط ڊرامي جي پورائي ڪرڻ لاءِ آهي ، حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڳولهي رهيو هوندو آهي.

شاهه لطيف جو مومل راڻي مان هڪ شعر آهي

مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس

نه عام نه خاص جي ويا سي وڊهيا

ڪوثر جي ڪتاب جو عنوان عشق لاهوتي شايد ان ڪري آهي جو هن لاهوت لا مڪان جو تصور ڏيڻ چاهيو آهي ۽ پنهنجو پاڻ سان ملاقات گهڻي ڪئي آهي. سندس هڪ شعر آهي جيڪو خود ئي پنهنجي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي

مري بهي پاس عقيدت کي اشڪ تهي ڪوثر

مين اپني آپ سي خود مين نڪاح ڪر ليتي

بهرحال هڪ شاعر هڪ جدائيءَ جي ڪيفيت ۾ رهندو آهي. سندس سوچون اڪثر انهن خيالات مان گذرنديون پيون آهن ته هو پيار ۾ آزاديءَ جو قائل آهي ۽ جيڪڏهن سندس معشوق کي هن سان عشق ناهي ته ان کي زور به ته نه ٿو ڪري سگهجي. پر ماڻهوءَ کي پنهنجي خيالات ۽ خواهشن تي ڪوبه ڪنٽرول نه هوندو آهي تنهن ڪري هو انهيءَ عشق لاهوتي ۾ جنگلن جو رخ ڪندو آهي.

ڪوثر جو شعر آهي

سرخ تشبيه مين اب زير اثر ڪوئي نهين

مين جس سمت مين جانا هي ادهر ڪوئي نهين

مين وه صحرا بهي نهين جس مين هو پاني ڪمي

اور تو ايسا سمندر کي ڀنور ڪوئي نهين

عورت جي ناتي سندس جذبات کي سمجهڻ ڪيترو ڏکيو آهي جو عورت جي دل مان ڳالهائڻ هڪ وڏو سفر آهي. ائين جيئن ماڻهو چاهيندو آهي ته هوءَ مون تي الزام هڻي ته مون کي خبر پوي ته مون ۾ ڪهڙيون گهٽتايون آهن. يا هوءَ پنهنجي عشق جو اظهار ڪري ته خبر پوي ته سندس دل ۾ ڇاهي ڇو ته اسان جهڙا خود غرض انسان فقط پنهنجي ئي نفساني خواهشن جا غلام رهن ٿا. پنهنجي محبتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهن ٿا، پنهنجي منزل جي ئي تلاش ۾ رهن ٿا پر پنهنجي ساٿيءَ جي جذبات کي سمجهڻ تڏهن ٿيندو جڏهن پاڻ مان نڪرنداسين. ڪجه شعر هڪ تمام وڏي مزاحمت کڻي اچن ٿا جيڪي ڪوثر جي هن مجموعي ۾ آهن

عزت نفس ڪو اچهال نهين

اس کي قيدي هون يرغمال نهين

ههڙي نظم جي پويان جيڪو پس منظر آهي ، انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي معنائون سمايل آهن. قيدي محبت جي قيدي آهي، پنهنجي پاڻ چونڊيل قيدي آهي، يرغمال زوريءَ جي ڪيفيت آهي ته هوءَ چوي ٿي ته منهنجي انداز مان اهو نه سمجهه ته آئون يرغمال آهيان پر اهو سمجهه ته مان محبت جي قيدي آهيان پر سندس انداز مان يرغمال هجڻ جي بوءِ ان ڪري ٿي اچي جو هن سماج ۾ غير برابري جي تصور ۽ سندس ساٿيءَ جي رويي جي ڪري اهڙي تصوير سامهون اچي ويئي آهي. سماج هڪ تمام وڏي غلاميءَ جي سفر مان گذري رهيو آهي، جنهنجو اظهار ههڙن شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ڪيو پيو وڃي . شاعريءَ جي سونهن سندسن اظهار ۽ نغمگيءَ جي ڪري کيس اڀاري رهي آهي ۽ وڻندڙ انداز سان پڙهندڙن جي آڏو آئي آهي. سندس انداز بيان جيڪو مهورت جي موقعي تي مون ٻڌو، اهو پڻ دل ۾ هڪ جڳهه جوڙي ويو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے