ابراھيم ڪنڀر

خان صاحب ھن ملڪ جي لاءِ آخري آپشن ڇو ناھي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

عمران خان ، سندس پارٽي اتحادي حامي انھي خيال جا آھن تہ ھي بحراني ڪيفيت رڳو انھي جي ڪري آھي جو ملڪ ۾ عام چونڊون نٿيون ٿين،عام چونڊون ٿين تہ سڀ جا سڀ معاملا حل ٿي ويندا، اھا ھڪ قسم جي خام خيالي آھي اصل ڳالھ اھا آھي تہ ھي جيڪو بحران نظر اچي ٿو تہ اھو مسلسل خرابين، غلط تجربن، ھڪ ھٽي، ڳٺ جوڙ، غلط فيصلن، مداخلت،ادارن جي حدن اورانگھڻ، سياستدانن جي آمريتي روايتن، عام شھرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکڻ، ماڻھن کي کنڀي گم ڪرڻ سميت سموري لاقانونيت کي ھوا ڏيڻ، ادارن، فردن جي انا، ضد، ھٺ ۽ ھوڏ جو نتيجو آھي، ملڪ پھرين ڏينھن کان وٺي انھن خرابين جي ور چڙھيل آھي، انھي جي ڪري اھو چوڻ تہ سمورو حل اليڪشن ۾ آھي اھو بلڪل غلط آھي، ملڪ جنھن ڌٻڻ ۾ آھي انھي کي انھي مان ڪڍڻ ڪنھن ھڪ فرد،پارٽي، اداري جي وس جي ڳالھ ناھي رھي، ھن ملڪ ۾ سدائين غير آئيني حرڪتون ٿينديون رھيون آھن، بنيادي طور ملڪ نظام کان وانجھيل ھجڻ جي ڪري انھي جي منزل جو تعين ئي ناھي ٿيو منزل جو تعين ٿيل ھجي ھا تہ انھي منزل تي پھچڻ جي لاءَ رستو بہ درست وٺجي ھا، ترقي، پذيرائي ڏانھن ويندڙ سمورن گسن کي ھن ملڪ جي بااختيارن بند ڪري سمورا فيصلا پنھنجي ھٿ ۾ کڻي ورتا آھن، ھاڻ ھڪ يرغمال، ھڪ غلام ھڪ ڪلائينٽ ملڪ طور ڪم ڪندڙ ملڪ کي انھي خراب صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ زيرو کان محنت ڪرڻي پوندي انھي جي ڪري اليڪشن ڪينسر جي مريض کي پين ڪلر کارائڻ جي برابر آھي.

اليڪشن ۾ مسئلي جو حل ڇو ناھي؟ انھي سوال کي تحريڪ انصاف جنھن اک سان ڏسي رھي آھي ٻيون پارٽيون يا مقتدر حلقا انھي پاسي کان نٿا ڏسن، مثال طور تحريڪ انصاف اھو سمجھي پئي اليڪشن ٿيندي، تحريڪ انصاف ٻہ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اليڪشن کٽي حڪومت قائم ڪندي، انھي کانپوءِ سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، اھا ڳالھ ڪرڻ سولي آھي پر عمران خان کي ھڪ ڀيرو پليٽ ۾ رکي حڪومت ڏني وئي انھي حڪومت کي ھلائڻ جي لاءِ افرداي قوت، ادارتي قوت ڏني وئي، ملڪ جي آئيني قانوني ادارن کي عمران خان جي سپورٽ جو پابند ڪيو ويو پر انھي جو نتيجو ڇا نڪتو؟ عمران خان يا سندس پارٽي پنھنجي ناڪامين کي ٻين جي ڳلي ۾ فٽ ڪندي رھي آھي اڃان تائين اھو ڪم ڪري پئي، جيڪو ڪم حڪومت ملڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف کي ڪرڻ گهرجي ھا اھو ڪرڻ بدران ھن پاسو ئي ابتو ورتو، اھي غلطيون ڪيون جيڪي ٻيون پارٽيون بہ ڪنديون رھيون آھن پر ھي انھي ۾ گهڻن کان اڳرو ھو، ھن ڪرسي ملڻ شرط پھرين تہ ٽارگيٽ ئي سياسي ڌرين کي ڪيو، اھا مڃيل حقيقت آھي تہ ڪرسي ماڻھو کي اقتداري نشن ۾ الوٽ ڪريو اھڙو بي حال بنايو ٿي ڇڏي جو کيس اڳيان نظر اچڻ بند ٿي ويندو آھي، اقتدار ملڻ کان پوءِ حاڪم وقت اھڙن ماڻھن جي گهيري ۾ ھوندو آھي جيڪي رڳو جي حضور ڪرڻ جي ڌنڌي ۾ محو ھوندا آھن، حاڪم وقت کي ھر وقت سب اڇا ھي جي رپورٽ ملندي آھي، عمران خان سان بہ اھو ٿيو، سڀني سان اھو الميو ٿيندو رھيو آھي، مثال طور آصف علي زرداري صاحب کي 2008ع جي حڪومت ملي تہ پيپلز پارٽي جي سموري قيادت جي ذھن ۾ اھا ڳالھ ويھي رھي تہ عوام جي خدمت اقتدار ۾ اچڻ کان سواءِ ٿي نٿي سگھي، اقتدار جي ڪري سموري پارٽي عوام کان پري ٿي وئي، ڪجھ مخصوص پاڪيٽس يا رسائي وارا ماڻھو اقتداري ايوانن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، ٻيو اھو لڏو ڪامياب ٿيو جيڪو انھن وڏيرن، ڀوتارن ، سردارن جي ويجھو ھو، جڏھن انھي کانپوءِ نواز ليگ کي حڪومت ملي تہ ھنن رڳو پنجاب کي پاڪستان سمجھيو، سنڌ، بلوچستان يا ڪي پي ڪي انھن جي ترجيح نہ ھئي، ويندي سرائيڪي وسيب کي بہ نظرانداز ڪيو ويندو رھيو، انھي کان انڪار ناھي تہ پيپلز پارٽي جي دور ۾ آئيني ۽ قانوني سڌارا آيا، ايوان صدر جي سازشي مرڪز واري حيثيت ختم ٿي وئي، ماڻھو کي روزگار بہ مليو، اھا ڳالھ الڳ آھي تہ سڀ ڪجھ سنڌ جي قيمت تي ٿيندو رھيو، نواز ليگ جي دور ۾ وڏا منصوبا ٺھيا، موٽر ويز ٺھيا ميٽرو اورنج لائين سڀ تعمير ٿيون پر تعمير ۽ ترقي جو فوڪس لاھور يا وچ پنجاب رھيو.. پوءِ جڏھن عمران خان جنھن قوت سان اقتدار سنڀاليو تہ پھرين سئو ڏينھن اندر کيس آڻيندڙن کي خبر پئجي پئي تہ يہ ڪمپني نھين چلي گي، عمران خان پوڻن چئن سالن ۾ اھو ثابت ڪيو، عمران خان دماغ بدران زبان سان حڪومت ھلائيندو رھيو، ھن سمجھيو تہ سوشل ميڊيا جي لشڪر ڪشي، نقلي گوئبل پيدا ڪري ميڊيا تي ٻٽاڪ ھڻي حڪومت سنڀالي سگھي ٿي، ٻيو جيڪو ڪم ڪيو اھو انتھائي خراب ھو، اصل ۾ عمران خان جي دماغ ۾ گهڻو ڪجھ پلجي رھيو ھو عمران خان انھي تي يقين ڪري ويھي رھيو تہ آئون ھاڻ ھن ملڪ جي لاءِ اڻٽر ٿي ويو آھيان، نواز شريف سياست مان آئوٽ ٿي ويو، بلاول ڀٽو ننڍو آھي، نواز ليگ جي سياست دفن ٿي چڪي آھي، مولانا فضل الرحمان سميت پشتون سياست جو جنازو نڪري ويندو انھي جي ڪري مون کان سواءِ ڪو ماڻھو ئي بچيو ناھي، انھي خوشفھمي ۾ گذاريندي گذاريندي پوڻن چئن سالن دوران ھن عوام جو ھڪ لمحي جي لاءِ نہ سوچيو، انھي وقت دوران پراڻن منصوبن تي تختيون لڳايون باقي آئيني، قانوني توڙي تعمير ترقي جي لاءِ ڪجھ نہ ڪيو، رڳو اھو نہ پر معاشي اعتبار کان وٽس ڪا ڀروسي مند يا قابل ٽيم نہ رھي پوڻن چئن سالن ۾ چار ناڻي جا وزير مٽائي عمران خان اھو ثابت ڪيو تہ ھن وٽ نہ معاشي پلان ھو نہ وري ھن وٽ اھڙي پلان کي جوڙڻ جي قابليت ھئي، حالانڪہ ڪم صفا سولو ھو، ھن کي رڳو پنھنجي انھن محسنن کي خوش ڪرڻو جن ھن کي ڪرسي تي ويھاريو ھن اھو خصيص ڪم بہ نہ ڪري سگھيو 22 ڪروڙ عوام جو ڀرجھلو ٿيڻ يا انھن جي فلاح بھبود وارو ڪم ڏکيو ھو،ٻيو جيڪو ڪم خراب ٿيو اھو عالمي دنيا ۾ عمران خان پاڪستان کي اھڙي ديوار سان لڳائي ڇڏيو جو عمران خان کي ڇڏي انھي کي آڻيندڙن تي چٿرون ٿيڻ لڳيون،عمران خان جي داخلي پاليسي سياستدانن تي ھيرون جھڙا ڪيس داخل ڪرڻ ھئي تہ پرڏيھي پاليسي وري لنڊن ۾ نواز شريف جي گهر ٻاھران احتجاج ڪرڻ ۽ مخالف سياستدانن کي گهٽ وڌي چورائي انھن جون وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ ھو، عمران خان کان بطور وزيراعظم يا حڪومتي سربراھ طور سڀ ڪم وسري ويا.

جئين تہ ھو پرفڪيٽ ھو، انٽر ھو، ھن کان سواءِ ملڪ ۾ سياسي ڀينگ لڳي پئي ھئي انھي جي ڪري ھن جا سمورا فيصلا پنھنجي وقعت وڃائيندا ويا، ھن جي فيصلن جا ابتا نتيجا ملندا رھيا. ٻين کي غير ملڪي قرضن جا طعنا ڏيندي ڏيندي پنھنجي مختصر حڪومتي عرصي ۾ ھو قرضن ۾ سڀني کي ماري ويو، گردشي قرضن اچي معيشت جو ڳاٽو ڀڳو،آخر ۾ وري اھو ضد تہ وڏي ڪرسي انھي کي ملندي جيڪو حڪومت بچائيندو، خير سندس انداز حڪمراني کان وٺي سندس انداز گفتگو تائين وڏو داستان آھي،جنھن تي گهڻو ڪجھ لکيو ويو آھي پر جھيڙو سمورو ڪرسي تي آھي، عمران خان ڪرسي وڃڻ کان پوءِ رڳو اسٽبلشمنٽ جو نہ پر ملڪ سان دشمني ڪرڻ ۾ بہ پويان نہ ھٽيو، ھاڻ بہ جيڪڏھن عمران خان سمجھي ٿو تہ اليڪشن ۾ سمورن مسئلن جو حل آھي تہ انھي مان مطلب اھو وٺڻ گهرجي تہ عمران خان چوي ٿو تہ ملڪي مسئلن جو حل کيس ڪرسي تي ويھارڻ ۾ آھي باقي سڀ چور آھن.ھاڻ جھيڙو وڌي ويو آھي، ھن وقت بہ اسٽبلشمنٽ نواز شريف کي پسند نٿي ڪري، جيڪڏھن نواز شريف کي پسند ڪري ھا تہ نواز شريف ھيستائين ملڪ ۾ ھجي ھا،حالانڪہ نواز شريف اسٽبلشمنٽ جي خلاف اھڙا ڪات ڪھاڙا ڪڏھن نہ کنيا ھاڻ حساب لڳايو جيڪو نواز شريف پنھنجي فيصلن جي ڪري اسٽبلشمنٽ کان اڃان ھضم نہ پيو ٿئي انھي اسٽبلشمنٽ کي عمران خان پسند ايندو؟ يا اھا چاھيندي تہ اھڙي شخص کي اقتدار تي ويھاريو وڃي.. انھي جو جواب آھي نہ. پاڪستان اھڙو ملڪ اڃان ناھي ٿيو شايد اڳيان ھلي بڻجي وڃي جو اسٽبلشمنٽ پنھنجي شڪست قبولي، عمران خان سياسي ذھن رکي سوچي ھا تہ ھيستائين ڪاميابيون سندس قدمن ۾ ھجن اھا ڪاميابيون ملڪ جون ڪاميابيون ھجن ھا پر عمران خان کي غير سياسي دماغ، ڪنن جي ڪچائي، اٻھرائپ، نرگسيت، انا پرستي، تڪڙ، غير مقبول توڙي بنا سوچ وارن فيصلن مارائي ڇڏيو آھي…

ھاڻ جيڪي اليڪشن کان لھرائين ٿا انھن جي حوالي سان اڳ ۾ بہ ھڪ مضمون ۾ ذڪر ٿي چڪو آھي انھن جو خيال آھي تہ ھڪ تہ ملڪ مالي بحران جو شڪار آھي، ٻيو عمران خان کي آڻيندڙ قوتن جي جيڪا باقيات جتي ڪٿي ويٺي آھي انھن کي ھڪ پاسي ڪجي يا اھي پاڻ پاسيرا ٿي وڃن، ملڪ ڪنھن ھڪ دڳ تي ايندو نظر اچي انھي کانپوءِ اليڪشن جو رسڪ کڻي سگھجي ٿو. ھن صورتحال ۾ اليڪشن ڪرائڻ وڏو رسڪ ھوندو، دھشتگردي کڻي نہ ٿئي پر ھي جيڪو عمران فيڪٽر پيدا ٿيو آھي اھو ئي پولنگ اسٽيشنز تي رتوڇاڻ ڪرائي خوني نتيجا ڏئي سگھي ٿو، انھي جي ڪري انھن قوتن جو خيال آھي تہ پھرين مڪمل صفائي ٿيڻ گهرجي انھي کانپوءِ اليڪشن بہ ٿي ويندي.باقي جيستائين عمران خان کان سواءِ ڪو آپشن نہ ھجڻ، عمران خان مجبوري ھجڻ، اڻٽر ھجڻ اھا سوچ يا باقيات آھستي آھستي پنھنجي انجام ڏانھن ڌڪجي رھي آھي،ڪير اڻٽر ناھي، ڪير پرفيڪٽ نٿو ٿي سگھي، جيڪڏھن ڪنھن کي اڃان بہ ڪا غلط فھمي آھي تہ انھي کي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے