نصير ميمڻ

سياسي سڃاڻپ کان وڌيڪ ڪردار اهم آهي

چونڊمواد ليکڪ نصير ميمڻ

نصيرميمڻ

ويجهڙ ۾ سنڌ ۾ سوشل ۾ ميڊيا تي قومپرستيءَ ۽ وطن پرستيءَ واري معاملي تي وٺ وٺان هلي رهي هئي، آئون ان کي “وٺ وٺان” ئي سمجهان ٿو، ڇو ته جنهن طريقي سان ان معاملي تي لکيو پيو وڃي، ان کي سياسي بحث ته چئي نٿو سگهجي. 80ع ۽ 90ع واري ڏهاڪي ۾ يا ان کان اڳ به انهن سوالن تي نظرياتي بحث ٿيندا هئا، هر ڌر ڳالهه ٻولهه، چوپڙين ۽ مضمونن وسيلي پنهنجو نظرياتي موقف ڏيندي هئي. ان ۾ بهتان بازيءَ، غداريءَ ۽ منڪريءَ جا لقب به شامل هوندا هئا پر مجموعي طور تي بحث جو بنياد دليل هوندو هو. هاڻي جيئن ته پڙهڻ لکڻ ۽ دليل وارو رويو ذري گهٽ ختم ٿي چڪو آهي، تنهنڪري سڄو زور گارگند ۽ فتويٰ تي آهي. ويندي ڪيترائي پڙهيا لکيا ماڻهو به مختلف موضوعن تي بحث بجائي فتوائن وارو رويو اختيار ڪن ٿا. کاٻي ڌر توڙي قوم پرست ڌريون سڀ ان رويي جو شڪار آهن، جتي هر مختلف سوچ تي تهمت هڻڻ عام رواجي ڳالهه ٿي وئي آهي.

هڪ ته بنيادي جمهوري رويي جي تقاضا آهي ته ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس سنڌ ترقي پسند پارٽي جيڪا به سوچ يا نظرياتي لائين اختيار ڪرڻ گهرن , اهو سندن حق آهي , جنهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ساڳي طرح جيڪي به فرد يا ڌريون سندس نقطه نظر سان سهمت ناهن, اهي کانئس الگ ٿيڻ يا ان سان اختلاف رکڻ جي حق جو استعمال ڪن ۽ عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ اهي دليلن وسيلي سندس نقطه نظر کي ڀلي رد ڪن. سياسي طريقو ته اهو ئي آهي . گارگند ڪرڻ يا مهڻا ڏيڻ بجاءِ مهذب طريقي سان الگ واٽ وٺجي يا الگ راءِ رکجي.

سياسي پارٽيون وقت ۽ حالتن آهر پنهنجي نظرين، منشور ۽ حڪمت عملين کي بدلائينديون رهنديون آهن، نظرين کي اها ئي ڳالهه عقيدي کان مختلف ڪندي آهي. سياست، نظرين ۽ حڪمت عملين جو تعلق سماج سان آهي ۽ جيئن جيئن زميني حالتون بدلجنديون، انهن ۾ تبديلي آڻڻ ۾ ڪا به خرابي ناهي. سائين جي ايم سيد هڪ صورتحال ۾ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرايو ۽ ڪجهه ڏهاڪن کانپوءِ ساڳئي ملڪ کان الگ ٿيڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. سندس ٻئي فيصلا ان وقت جي سچائين کي مدنظر رکي ڪيا ويا هوندا. ٻنهي سان اختلاف به رکيو ويندو آهي. ائين ئي ملڪن جون پاليسيون به هونديون آهن، جيڪي بدلجندڙ حالتن ۾ ملڪي مفادن سان ٺهڪائڻ لاءِ تبديل ٿينديون رهنديون آهن. تبديلي ته سياست جي متحرڪ هجڻ جو دليل آهي. ساڳي طرح ان سان اختلاف به سياست جو حصو آهي. قومپرستي به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

يورپ وارن وٽ پنهنجي تاريخي ۽ سياسي پسمنظر ۾ قومپرستيءَ جو لفظ انتهاپسند ۽ شدت پسند ڌرين لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ننڍي کنڊ ۾ قومپرستيءَ کي انگريزن خلاف هندوستاني قومپرستي جي علامت طور ڏٺو ويندو آهي. پاڪستان اندر بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جي سياسي حقن واري تحريڪ کي قومپرستي سمجهيو ويندو آهي. چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي قومپرستن کي شڪست ڏئي جديد چين جو بنياد رکيو. انهن وٽ به قومپرستن لاءِ مختلف تاثر آهي. پاڪستان ۾ به کاٻي ڌر واريون جماعتون قومپرستيءَکي سياسي نظريي طور قدامت پسند سمجهنديون آهن. پاڪستان ۾ قومپرستي جي ڪا معياري وصف موجود ڪانهي. هر ڌر پنهنجي لساني ۽ صوبائي مفادن آهر ان کي پنهنجي شڪل ڏئي ٿي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائي، ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ واري تحريڪ کي مهاجر قومپرستي جو بنياد بڻايو. سائين جي ايم سيد سنڌ کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ کي قومپرستي جو بنياد بڻايو پر هن ان جي فڪري/نظرياتي دائري کي لساني قومپرستيءَ تائين محدود نه رکيو هو. سندس ڪتابن ۾ سنڌي قومپرستي کي عالمگير امن، پرامن بقاءِ باهمي ۽ عدم تشدد جي اهم قدرن سان سلهاڙيو ويو آهي. سندس سياسي پوئلڳن/ڪارڪنن ان نظرياتي بنياد جو ڪيترو مان رکيو، اهو هڪ الگ بحث آهي. پختونن اندر ترقي پسند سڏائيندڙ اڳواڻ به بلوچستان توڙي ڪراچيءَ ۾ پختونن ۽ افغانين جي حقن جا دعويدار آهن. سندن قومپرستي جو گهڻو تڻو بنياد پختون نسلي سڃاڻپ ۽ سندن معاشي مفادن تي ٻڌل آهي. سنڌ ۾ رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي به سنڌ جي قومي خود اختياريءَ واري سوال تي جدوجهد ڪندا هئا پر پاڻ کي قومپرست نه سڏرائيندا هئا. خود سائين جي ايم سيد جي تحريڪ مان به ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڌڙا الڳ الگ ٿيا، جن مان ڪن پاڻ کي قومپرست سڏرايو ته ڪن الڳ سياسي سڃاڻپ ۽ جدوجهد وارو رستو اختيار ڪيو. مطلب ته قومپرست لفظ سان ڪا هڪ معياري وصف سلهاڙيل ناهي، جنهن کي قومپرست هجڻ يا نه هجڻ واري سڃاڻپ جو پيمانو بڻائجي. مذهبي جماعتون ساڳي عقيدي جون دعويدار هجڻ باوجود تشريحن جي بنياد تي ورهايل هونديون آهن ته ان جي ڀيٽ ۾ سياست اندر ته ان جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي.

اهم ڳالهه اها ناهي ته ڪهڙي سياسي ڌر يا اڳواڻ پاڻ کي ڇا ٿو سڏرائڻ گهري يا ڪير انهن کي ڪهڙي سڃاڻپ سان ڏسي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ پرست، وطن پرست، وفاق پرست يا قومپرست سڏائيندڙن جون پاليسيون، حڪمت عمليون ۽ عملي ڪردار سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ڪهڙو آهي. ان پارٽيءَ يا اڳواڻ جو سنڌ جي اهم سياسي حقن وارن معاملن ڏانهن رويو ڪهڙو آهي. سنڌ ۾ ڊيموگرافي، وڌندڙ انتهاپسندي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين، عورتن خلاف ڪرائيم، وڏيرڪن روين جو راڄ، هيٺين طبقن جي محرومي، سنڌ جي زمينن تي والار، غيرقانوني آبادڪاري، تعليم جي تباهي، لاقانونيت، بدامني ۽ ڪرپشن جهڙا اهم مسئلا سنڌ واسين لاءِ وڏي للڪار بڻيل آهن. انهن سمورن معاملن تي ڪهڙي سياسي ڌر ڪهڙو عملي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهو معاملو تمام اهم آهي. انهن اشوز کانسواءِ حڪمت عملي جي لحاظ کان به ڪجهه اهم معاملا آهن، جن تي سنجيده حڪمت عملي ۽ ڪم جي ضرورت آهي. مثال طور، ڪراچي جي معيشت، سماجي ادارن ۽ سياست ۾ سنڌين جي شموليت وڌائڻ، ٻين صوبن جي هم خيال سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي سان لهه وچڙ علائقائي ۽ ملڪي سطح تي بدلجندڙ صورتحال ۾ سنڌ واسين جي مفادن جو تعين ۽ انهن جي سنڀال، سنڌي سماج جي اندروني بيهڪ ۾ گذريل اڌ صديءَ کان آيل تبديلين کي سمجهڻ ۽ ان سان پنهنجي سياست ٺهڪائڻ، سنڌ جي معاشي ۽ سماجي جمود کي ٽوڙڻ، خانگي شعبي ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ، ٻهراڙين ۾ نوان ادارا قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي ۽ رابطن جي نئين جهان ۾ سنڌي نوجوانن کي نون لاڙن ۽ موقعن سان ڳنڍڻ، ڇوڪرين/عورتن جي وڌيڪ سگهاري سماجي سياسي ۽ معاشي ڪردار لاءِ راهون سنوارڻ، بين الاقوامي فورمن تي پنهنجي نمائندگي پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي سطح جي اهم ادارن سان لهه وچڙ ۾ رهڻ جهڙا ڪيترائي اهم ڪم ڪرڻ لاءِ پيا آهن، جن تي منظم نموني سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي سڀ ڪم ڪيئن ممڪن ٿيندا، ان بابت سياسي ڌريون ڪهڙو ڪردار ادا ڪنديون، اهو اهم سوال آهي. ڪهڙي سياسي ڌر پاڻ کي ڪهڙي سڃاڻپ ڏيڻ گهري ٿي، ان کان وڌيڪ اهم اهي ڪم آهن، جن جا نتيجا سنڌ جي آئيندي تي اثرانداز ٿيندا. سياسي سڃاڻپ واري سوال تي بحث ۽ وٺ وٺان جا معاملا هلندا رهندا پر سياسي ڌرين جي سنڌ بابت عملي ڪردار کي جانچڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي، جيڪو، جنهن به سياسي نظريي، منشور ۽ سڃاڻپ هيٺ ڪم ڪرڻ گهري، اها سندس مرضي. اصل ڳالهه اها آهي ته سندس ڪم سنڌ جو ڪيترو ڀلو ڪري رهيو آهي ۽ ان اڳواڻ يا تنظيم وٽ سنڌ سان لاڳاپيل اهم معاملن تي ڪهڙو پروگرام آهي.

پنهنجي اخبارجي ٿورن سان

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے