Rafia J Mallah

اچو ته آواز اٿاريون!

چونڊمواد رفيعه ملاح ليکڪ

رفيعه ملاح

سنڌجي حوالي سان سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌ واسي اها فخر سان دعويٰ ڪندا آهن ته اسان جو تعلق حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت ۽ ٻين انهيءَ پائي جي انقلابي شاعرن جي ڌرتيءَ سان آهي. دنيا کي اسين اڪثر اهو به ٻڌائيندا آهيون ته اسانجي ڌرتي صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي، جتي مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي ماڻهو پنهنجي ماڻهن کي صرف پنهنجو ئي سمجهي سندن انساني بنيادن تي سڃاڻپ کي اجاگر ڪن ٿا. نفرتن کان پاڪ هن ڌرتي جا رهواسي عيد، ڏياري، هولي جي خوشين سان گڏ محرم ۾ غمِ حسين به بنا مذهبي تفريق جي ملهائين ٿا. انهيءَ ڌرتيءَ تي هاڻي هڪ عجيب بدامني جي باه ٻري پئي، جنهن نه رڳو اسانجي اڄ کي پر مستقبل کي به ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ باه کي وسائڻ لاءِ ڪو اثرائتو ڪردار نظر نٿو اچي. اهڙي ئي بدامني جي باهه ۾ پروفيسر اجمل ساوند سڙي ويو. هو شخص سنڌ جي روشن مستقبل جا خواب کڻي زندگي جون سموريون آسائشون ڇڏي آءِ بي اي سکر ۾ بطور استاد پڙهائڻ لاءِ پرڏيهه مان موٽي آيو هو. هن کي ڪهڙي خبر ته سندس قبيلي جي ڪجهه انا پرست ماڻهن جو ڪنهن ٻئي قبيلي جي علم دشمن ماڻهن سان هلندڙ خوني جهيڙو سندس حياتي به ڳيهي ويندو. هو ته علم جو سفير هو، صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي جستجو ۾ هو، پر کيس قتل ڪري قاتلن هن رياست کي پيغام ڏنو آهي ته شعور کي پروان چڙهڻ نه ڏنو ويندو ۽ هتي رڳو جهالت جنم وٺندي رهندي. پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري رياست لاءِ اڃا تائين چيلينج بڻيل آهي. قاتل ايترا ته سگهارا آهن، جو اڃا تائين کين گرفتار ناهي ڪيو ويو. ساڳي ريت سنڌ جي دل ۽ گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ به قاتلن سرعام گوليون هڻي اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل کي قتل ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر بيربل جو تعلق سانگهڙ ضلعي جي هڪ ننڍڙي شهر سنجهوري سان هو، جنهن جنم ته هڪ غريب گهراڻي ۾ ورتو هو پر هن پنهنجي علم وسيلي سنڌ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. ڊاڪٽر بيربل پنهنجي سرڪاري نوڪري مڪمل ڪئي ۽ رٽائرڊ ٿيو پر هن رٽائرمينٽ واري عمر ۾ هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو هو، جيڪو اسان والدين لاءِ هڪ اهم مثال هو. ڊاڪٽر بيربل پنهنجي ڌيءَ ڊاڪٽر سپنا سان گڏ تعليم حاصل ڪئي، هن جو مون انٽرويو پئي ڏٺو، جنهن ۾ هن چيو پئي ته سندس ڌيءَ سندس لاءِ فرشتو ثابت ٿي آهي، جنهن کيس عمر جي ان حصي ۾ به نوجوانن سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ آماده ڪيو، جنهن عمر ۾ ماڻهو گهر ويهي رهندا آهن. هن ٻڌايو پئي ته سندس ڌيءَ جي چوڻ تي هن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ هن ڪانووڪيشن ۾ ڌيءَ سان گڏ ڊگري پڻ حاصل ڪئي، جيڪو اسان سڀني لاءِ، انتهائي اتساهيندڙ عمل آهي. انهيءَ ڊاڪٽر بيربل رٽائرمينٽ کانپوءِ هڪ فلاحي اداري ۾ مريضن جو مفت علاج شروع ڪيو. هن ڪوشش ڪئي ته بي پهچ ۽ غريب ماڻهن جي اکين جو نور موٽائڻ ۾ مدد ڪجي. اهڙي مسيحائي ڪردار کي وچ روڊ تي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. سندس قتل کي هڪ مهينو گذري ويو آهي پر اڃان تائين پوليس هن جي قاتلن کي به گرفتار ناهي ڪري سگهي.

جيتوڻيڪ هي ڪو ڪَچو ناهي، جو ڏوهاري ڪنهن ٻيلي ڏانهن هليا ويا هوندا. روشنين جو شهر ڪراچي آهي، جتي هر هنڌ سي سي ٽي وي ڪيميرائن جو نيٽ ورڪ وڇايل آهي، هتي سيف سٽي منصوبي سميت ڪيترائي سيڪيورٽي جا منصوبا جوڙيل آهن، اتي ايئن سج لٿي مهل هڪ ڊاڪٽر کي گوليون هڻي قاتل فرار ٿي ويا ۽ مهينو گذرڻ کانپوءِ به قاتلن جو پتو ناهي پئجي سگهيو ته کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي؟ اهڙي بلائينڊ واردات سمجهه کان ٻاهر آهي. جديد ٽيڪنالوجي جو دور آهي، هن کي آخر ڪهڙي سبب جي ڪري قتل ڪيو ويو آهي؟ سندس قتل سان ڪنهن کي فائدو ٿيندو؟ انهيءَ رخ تي جاچ ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر بيربل جي قتل بعد ڊاڪٽرن ۾ به خوف پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ جو ڪراچي جهڙي مصروف ترين شهر مان قاتل ايئن فرار ٿي وڃن ۽ ڪو اکين ڏٺو شاهد به نه هجي، اها ڳالهه ڀلا سمجهه ۾ اچي ٿي؟ انهيءَ ڪري ڊاڪٽر بيربل جي قاتلن جي گرفتاري به پوليس لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل کي به تقريبن ڏيڍ مهينو گذري ويو آهي. پوليس جيتوڻيڪ سندس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل واري واقعي بعد به جيڪو خوف پکڙيل آهي، اهو اڃا تائين ختم ناهي ٿي سگهيو. هتي ايڏي انڌير نگري آهي، جو ڏوهاري ايئن سرعام وارداتون ڪري ٿا وڃن ۽ پوليس توڙي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن تائين پهچن ئي نٿا؟ جيڪڏهن ايئن اسان جي سنڌ جا ڊاڪٽر ۽ پروفيسر سرعام قتل ٿيندا رهيا ۽ پوليس قاتلن تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي ته پوءِ ادارن تي ڪنهن کي اعتماد نه رهندو ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي سماج جو اهم اثاثو آهن اهي، غير محفوظ محسوس ڪندي ڌرتيءَ تان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. انهيءَ ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ٽنهي قتل ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري، سندن بابت ميڊيا ذريعي عوام کي آگاهي ڏني وڃي ۽ ادارا اهو احساس ڏيارين ته هتي ڏوهارين کي لڪڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ملندي ۽ شاهدن جي تحفظ واري قانون بابت ماڻهن کي آگاهي ڏئي انهن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ته هن قسم جي واقعن وقت اتان گذرندڙ ماڻهو رضاڪاراڻا طور قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوابدارن جي گرفتاري ۾ مدد ڪن ۽ پاڻ کي مڪمل محفوظ به سمجهن. جڏهن ڪنهن اهڙي واردات جو ڏوهاري پوليس گرفتار ڪري ته ان بابت شهرين کي مڪمل آگاهي ڏني وڃي ته جيئن سماج به انهن سان نفرت ڪري ته جيئن ڪو ٻيو ماڻهو ڏوهه ڪرڻ جي همٿ نه ڪري سگهي. جيتوڻيڪ وڪيل ڪرڻ جو هر شهريءَ کي بنيادي حق حاصل آهي، چاهي ڏوهاري هجي يا نه به هجي، پر اهڙين وارداتن ۾ ملوث جوابدارن جي حوالي سان جڏهن پوليس ٺوس ثبوت عوام آڏو رکندي ته ڪيترائي اهڙا وڪيل به اهڙن ڏوهارين جو ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪندا، جيڪي ڪنهن واردات ۾ ملوث ھوندا، جنهن سان ڏوهارين جي حوصلا شڪني ٿيندي ۽ سماج ۾ انصاف جي اميد پيدا ٿيندي. ته اچو ته سنڌ جي شعور ڊاڪٽر اجمل ساوند، مسيحا ڊاڪٽر بيربل ۽ ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پنهنجن جي حفاظت لاءِ پاڻ سڀ گڏجي آواز اٿاريون

پنهنجي اخبار جي ٿورن سان

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے