سميع بلوچ

ساڳي ڌرتي ساڳيو نعرو، ھڪٻئي کان پوءِڇوڪنارو!

بلاگ سميع بلوچ ليکڪ

سميع بلوچ

سادا سٻاجها ماروئڙا ڪنهن ڌارئي رڳو ھڪ جملو بہ اسانجي سنڌي ٻوليءَ ۾ غلط بہ ڳالهايو تہ خوش پيا ٿينداسين!!
پاڻ ڀلي ڪنهن اين جي او پاران ھٿرادو ٻوڏ سبب متاثرين جي دل سان خدمت ڪندا ھجون وري جن سنڌ ٻوڙي لوڙھي تقريبن ۾ انهن کان ئي خدمت جا ايوارڊ پيا وصول ڪنداسين!! تڏھن اصول ڪٿي آھن!؟
باغي انقلابي دانشور ليکڪ پ پ پ سرڪار کان وظيفا ايوارڊ امداد پيا وٺندا باقي سنڌ لاءِ ٻہ ٽي لفظ لکي ڄڻ شھيدن ۾ ڳڻپ پيا ڪرائيندا!؟ جيڪڏھن سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري پ پ پ جي سينيٽر سسئي پليجو جي صدارت ۾ تقريب رکرائڻ جي محفل ۾ موجود رھي سرڪاري ميلا ملهائڻ ۾ انتظاميا ۾ شامل ھجي تہ ٺيڪ آھي باقي احمدمغل ڪو گيت ڳايو تہ جذباتي انداز ۾ مٿائنس تنقيد ڪريو!؟
ڪجهہ ڏينهن پھريان ھٿ وٺي ھڪ بيان فيس بُڪ تي رکڻ تہ احمدمغل سرڪار جا قصيدا ڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو! اھڙو بيان تہ سندس ڏيکاريو ڀلا وري سندس ھڪ گيت ڳولي فيس بُڪ تي رکڻ تہ ھي ڏسو ڇا ڳايو اٿس!!؟ ھي ھٿ وٺي ڪنهن جي ڪردار ڪُشي ڪرڻي آھي اسان ماڻهن کي قومي ڪاروان ۾ جيڪو جيترو ساٿ ڏئي انکي ساڻ وٺي ھلڻ بجاءِ کين ڀڄائڻ سکيا آھيون ڇو؟
سڄي عمر رڳو مسئلن جي سياست ڪرڻ اصل حقيقتن تان قوم جو ڌيان ھٽائڻ ٽولا ٽولا ٿي ھڪٻئي تي تنقيدون ڪرڻ کانسواءِ اسان ڪو مثبت ڪم بہ ڪريون ٿا!؟ سنڌ ھڪ آھي سنڌ جا مسئلا بہ ساڳيا آھن پوءِ اسين ڇو الڳ الڳ ٽانگا پارٽين ۾ ورھائجي احتجاج پيا ڪندا آھيون!؟
اچو تہ سڀ ھڪ ئي موتين جي مالها ۾ پاڻکي جوڙي حقيقي مسئلن جو حل ڪڍون ٻي صورت ۾ سرڪار تہ ورھايو ۽ راڄ ڪريو تي عمل ڪندي رھندي..

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے