سليم صافي

جنرل، جج، سياستدان ۽ پاڪستان جي رياست

اوهانجو موقف سليم صافي ليکڪ

سليم صافي

خبر ناهي ته عمران خان وٽ ڪھڙا جادوگر آھن جو، جيڪو بھ سندس ويجھو وڃي ٿو سو ھن جو مداح ٿي ٿو وڃي ۽ ھن جي لاءِ نھ رڳو پنھنجي پر پنھنجي اداري جي عزت بھ داءَ تي لڳائي ٿو ڇڏي. پتو ناھي ھن وٽ ڪھڙي منحوسيت آھي جو جنھن بھ مٿس احسان ڪيو اھو سندس ئي ھٿان رسوا ۽ بي عزت ٿئي ٿو.

جنرل ڪياني جي دور ۾ جنرل پاشا عمراني پروجيڪٽ جي ابتدا ڪئي پر پوءِ انھيءَ ئي عمران خان جنرل ڪياني خلاف بيان ڏنا ۽ سڄي حڪومت ۾ جنرل پاشا کي پڇيو ئي ڪونھ. جنرل راحيل شريف نھايت شريف طور مشهور هو، پر جڏهن سندس دور ۾ عمران خان جي خاطر پهرين ڊي جي، آءِ ايس آءِ ظهير الاسلام لنڊن پلان جي تحت طاهر القادري، چوڌري ڀائرن ۽ عمران خان کي گڏ ڪري ڌرڻا جو پلان ٺاهيو ته ھن جي سموري نيڪ نامي بدنامي ۾ تبديلي ٿي وئي.

جنرل قمر جاويد سان جڏھن منھنجي پهرين ملاقات ٿي ۽ جمهوريت، افغانستان، ھندستان ۽ پرڏيهي پاليسي تي سندس ويچار ٻڌا ته مان حيران ٿي ويس ته فوج ۾ به اهڙو هيرو بھ ڪٿي پيو آهي، پر جڏهن باجوا صاحب عمران دار جرنيل بڻجي ويو تھ عمران خان لاءِ اھو سڀ ڪجهھ ڪيو جو فوج جي ساک پڻ داءُ تي لڳائي ڇڏي.

اهڙي طرح جنرل عاصم باجوا، جي او سي وزيرستان ۽ پوءِ ڊي جي، آءِ ايس پي آر جي طور تي سڀني کان خوش گفتار ۽ ھر ڪنھن جي دل ۾ جاءَ جوڙيندڙ جنرل طور مشھور ھو.

پر جڏهن هو عمراني حڪومت جو حصو بڻيو ۽ پوري ريت عمراندار بڻيو تھ ھن جي خلاف اهڙا اسڪينڊل آڏو آيا جو کيس ھڪ پاسي منھن ڪري گذارڻو پيو.جنرل فيض حميد جڏھن جي او سي پنوعاقل ھو تھ ڪنھن غلط حوالي سان ھن جو نالو نھ ٻڌو ھو.

اهڙي طرح پي آر جي ماهر جنرل آصف غفور به، جي او سي سوات جي دور ۾ سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويندو هو پر عمراندار بڻجي وڃڻ بعد هنن ٻنهي عمران خان خاطر جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جو پاڪستاني فوج ۽ ايجنسيون وٽ تصور به نٿو ڪري سگهجي.

جنرل باجوا جي اڳواڻيءَ ۾ انھن ٻنهي آءِ ايس آءِ ۽ آءِ ايس پي آر کي جنھن خوفناڪ طريقي سان عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ ۽ سندس تنقيد ڪندڙن کي عبرت جو نمونو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ، اها ڳالهه ناقابل تصور هئي.انھن ٻنھي ادارن گڏجي عمران خان جي محبت ۾ ميڊيا، عدليه ۽ نيب کي بي وقار ڪيو ۽ورھايو، ايتري تائين جو پنھنجن رٽائرڊ جنرلن کي به استعمال ڪيو. انهن مان ڪجهه ته ايئين بي وقار ڪيا ويا تھ انھن کي آءِ ايس پي آر ۽ آءِ ايس آءِ ،ميڊيا ونگ سان نوازيو ويو. اڄ اُهي ئي رٽائرڊ جنرل صاحبان آهن جن جي پيٽ ۾ مروڙ پئجي رھي آھي ۽ اهي پنهنجي فوج ۽ قوم جي ذهنن ۾ غلط ڳالهه پکيڙي رهيا آهن ته فوج ۽ عوام جي وچ ۾ وٿي عمران خان کي اقتدار تان هٽائڻ ڪري پيدا ٿي آهي.

جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته عوام ۽ فوج جي وچ ۾ مفاصلو مليٽري آپريشنز، مسنگ پرسنز ۽ وري سڀ کان وڌيڪ عمراني پروجيڪٽ لاءِ سمورن جينوئن سياستدانن ۽ صحافين کي ھٽائڻ، هر عمران مخالف سياستدان، جج ۽ صحافي جي خلاف فوجي وسيلا ۽ طاقت استعمال ڪرڻ ۽ ھر ڳالھھ تي ھا ڪندڙ ابن الوقت ڊينڊڙن کي ڏنڊن ۽ پئسي جي زور تي سياستدان، جج ۽ صحافي بڻائڻ جي ڪري، فوج ۽ عوام جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ٿي. اسان جي شعبي جو مثال وٺو. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته اڪثر حقيقي صحافين کي منظر تان هٽايو ويو آهي ۽ آءِ ايس پي آر جي اشارن تي ھلندڙ نون آيلن ٿيندڙ کي هيرو بڻايو ويو.

حامد مير ۽ ارشاد ڀٽي شاهد آهن ته 2018ع جي اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ملاقات ۾ جڏهن جنرل باجوا صاحب مون کي عمران خان جي حمايت لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مون کيس التجا ڪئي ته عمران خان جي خاطر، توهان ماڻهو جيڪو ڪجهھ ڪري رھيا آهيو،سو نھ ڪريو نھ تھ بعد ۾توھان ان تي پڇتائيندا.

تڏھن ھو عمران جي عشق ۾ ايترو مبتلا ھو جو ، هن منهنجي ڪنهن به ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو. جڏهن هن کي ڪجهه تباھين جو احساس ٿيو ته هن هڪ اداري جي حيثيت سان غير جانبدار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، پر افسوس جو ان بعد بھ نيوٽرل نه ٿي سگهيو، بلڪھ رٽائرمينيٽ تائين ھو عمران خان کي رعايتون ڏياريندو رهيو. فوج کي هن وقت جيڪي مسئلا درپيش آھن،ان جو وڏو عمران خان کي اقتدار تان هٽائڻ کان پوءِ به جنرل باجوا جو ھن جي لاءِ نرم رويو هو، پر اڄ عمران خان کيس نمبر ون دشمن بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مان لکي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. تھ هو جلد ئي جنرل فيض حميد ۽ جنرل آصف غفور سان به ائين ڪندو.

الميو هي آهي ته هاڻي ھي سياست، صحافت يا عدالتن جو معاملو ناھي رھيو بلڪھ رياست جي بقا جو معاملو بڻجي ويوآهي.سياست ۾ ورڇ اڳي بھ رھي آھي،پر رياستي ادارا فيصلائتي موڙ تي رياست کي بچائيندا هئا.ھن ڀيري عمران خان، عمراندار جنرلن عمراندار ججن ۽ عمراندار ميڊيا پرسنز جي ذريعي جيڪو پولرائزڊ ماحول پيدا ڪيو ويو آھي،ان جي ڪري رياست کي ھڪ رکندڙ ادارن جا بنياد لڏي ويا آھن.

ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم جنهن وٽ سڀ کان وڌيڪ ڄاڻ آهي، تنهن پارليامينٽ جي آڏو بريفنگ ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ذميدارن جي اڳيان اھڙن خدشن جو اظهار ڪيو آھي ۽ سڀني کي ٻڌايوآھي ته مسئلن کي سياست نه پر رياست ۽ رياستي ادارن کي درپيش خطرن جي آئيني ۾ ڏسو. ڇاڪاڻ ته پاڪستاني رياست کي خطرو ٻاهرين دشمنن مان گهٽ ۽ اندروني انتشار مان وڌيڪ آهي.

ڊي جي، آءِ ايس آءِ جي ان تجزيي جي تناظر ۾ هر طبقي ۽ شهري جو اهو فرض بنجي ٿو ته هو سياست، پاپولزم ۽ بغض جي عينڪ لاھي،موجوده صورتحال کي رياست ۽ رياستي ادارن ۾ پيدا ٿيل ورهاڱي جي آئيني ۾ ڏسن، ڇو ته جيستائين گذريل ڏھن سالن ۾ ڪيل ڀيانڪ بلينڊرز جي تلافي نٿي ڪئي وڃي ۽ عدل جي گھرج جي طور ھر فرد ۽ اداري کي ساڳي مقام تي نٿو آندو وڃي،جنھن تي اھو اڳ ۾ موجود ھو يا وري ان جو آئيني مقام آھي تھ ھن رياست جي وجود کي سنگين ترين خطرا درپيش رھندا.

اهڙي طرح نه رڳو سياستدانن ڪندڙن ۽ صحافت ڪندڙن پر ججن، حاضر سروس سپاهين ۽ خاص ڪري رٽائرڊ جنرلن کي به گذارش آهي ته انھن کي جيڪڏهن هي رياست کپي تھ اھي پنھنجي مفاد ۽ تعصب جي عينڪ لاھي هن معاملي کي رياست جي آئيني ۾ ڏسن، ٻي صورت ۾ رب ايئن نھ ڪري پر ڪنھن جي بھ ھٿ ۾ ڪجھھ بھ نھ ايندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے