فرحان خان تنيو

اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي

اوهانجو موقف فرحان خان تنيو ليکڪ

فرحان تنيو

سنڌ جي هاڻوڪي سياسي ، معاشرتي صورتحال کي ڪنهن به ريت آئيڊيل نه ٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته ڪروڙين سنڌ واسي سٺي صحت، تعليم ته پري جي ڳالهه ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهن ۽ ملڪي معاشي حالتون هر نئين اڀرندڙ سج سان گڏ بد کان بدتر ٿينديون پيون وڃن جنهن جا ناڪاري اثر پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وڌيڪ پئجي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته سنڌ هن ملڪ جو واحد صوبو آهي جيڪو نه رڳو ٻين صوبن مان آيل شهرين پر لکين غيرقانوني افغانين، بنگالين، برمين ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جو بار به کڻي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت جو ڪردار ته گذريل 15 ورهين کان اسان سڀني جي سامهون آهي جنهن مان هاڻي سنڌ سان چڱائيءَ يا سنڌيت جي بچاءَ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي، ان صورتحال ۾ سنڌ جي قومپرست ڌرين جو ڪردار ويتر اهم بڻجي وڃي ٿو ۽ سنڌ دوست ڌريون پنهنجي قومي حقن خاطر محدود وسيلن توڙي اڻ ڳڻين ڏکيائين باوجود مرحليوار ملهائينديون به اچن پيون، قومي حقن لاءِ هلندڙ ان جدوجهد ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان 15 فيبروري کان سکر مان سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل پيرين پنڌ سنڌ مارچ 33 ڏينهن تي ٻڌل ڊگهو، شاندار ۽ تاريخي سفر ڪري ٻه ڏينهن اڳ راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيو، جنهن سان جمود واري صورتحال ٽٽندي نظر اچي پئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر جسقم جي فريڊم مارچ جون يادون تازيون ٿي رهيون آهن.

هڪ ذميوار قومپرست جماعت سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جو سنڌ مارچ سنڌي قوم جي تاريخي، آئيني حقن جي حاصلات لاءِ هڪ اهڙي صدا ثابت ٿيندي جنهن سان نه رڳو ڏيهي پر پرڏيهي طاقتن تائين به ان جو پڙاڏو ضرور ٽڪرائجندو ۽ ان جا هاڪاري نتيجا جلد سڀني جي سامهون ايندا، ڇاڪاڻ ته هي مارچ قومي مفادن وٽان آهي، جنهن ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ ديس جي دردن جو اونو رکندڙ عاشقن بنا ڪنهن لوڀ توڙي لالچ جي ڀرپور شرڪت ڪري قومي سجاڳيءَ جي نئين راهه هموار ڪئي آهي، جنهن تي سمورا جوان جس لهڻن ٿا، سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جڏهن سنڌ مارچ جو سکر مان سفر شروع ٿيو ته ان وقت به سنڌ مٿان سر گهورڻ جي تمنا رکندڙ پتنگن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو ته وري هر نئين ڏينهن هن قافلي ۾ عاشقن جي آمد جو سلسلو اڳي کان اڳرو ٿيندو رهيو اهڙي ريت قومي جوش، جذبو، ولولو ۽ ووڪ “ ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان” جيان راهون روشن ڪندو رهيو.

جيتوڻيڪ سنڌ مارچ جي سرواڻ سيد زين شاهه جي خراب صحت سبب ڊاڪٽرن کيس گهڻو پنڌ ڪرڻ کان روڪيو هو پر سن جو هي سيد پنهنجي ڏاڏا سائين جي ايم سيد جي پيروي ڪندي سنڌ، سنڌين ۽ قومي حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ “ سورهه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار” واري فلسفي تي عمل پيرا ٿيندي سنڌ مارچ جي قافلي جي نه رڳو اڳواڻي ڪندو رهيو پر پير پٿون ٿيڻ ۽ پنهنجن، پراون جي بدترين تنقيد باوجود مرڪندي اڳتي وڌندو رهيو. سنڌ مارچ قافلي جي سيوهڻ شريف آمد تي سيد زين شاهه جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ طبي معائني بعد ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ پنڌ نه ڪرڻ ۽ آرام جو مشورو ڏنو پر سنڌ جي هن مرد مجاهد ننڊ ڪرڻ بدران سجاڳيءَ جو سفر جاري رکيو، سڪرنڊ ۾ سندس طبعيت خطرناڪ حد تائين بگڙجي وئي ته کيس امداد ڏيڻ خاطر ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هڪ حقيقي ليڊر جيان پاڻ ملهائيندي سنڌ مارچ جي اڳواڻي جڳديش آهوجا، روشن علي ٻرڙو ، امير آزاد پنهور ۽ ٻين کي سونپي ڊگهي پنڌ کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو.

سنڌ مارچ جي قافلي ۾ شامل سنڌ جي پٽن ۽ ڌيئرن جو جوش ۽ جذبو ته بيمثال رهيو پر هن ڀونءِ جي غريب، مسڪين ماروئڙن، سول سوسائٽي جي نمائندن، مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان هر ننڍي وڏي شهر، ڳوٺ، وسنديءَ توڙي واهڻ ۾ جيڪا شاندار آجيان ڪئي وئي، اهو اجتماعي عمل به تمام گهڻو اتساهه ڏياريندڙ رهيو ۽ منهنجي راءِ موجب هڪ زنده قوم هجڻ جو اهو تمام وڏو ثبوت آهي ته اها پنهنجي محسنن جي قافلي کي سڃاڻي ۽ سندن اهڙي آجيان ڪري جو مارچ ۾ شامل اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي چهرن تي هڪ سوڀاري مرڪ تري اچي، اهوئي قومي ايڪي جو ثبوت پڻ آهي جنهن کي سنڌ واسين جي اجتماعي خوشحاليءَ، ترقي ۽ آجپي جو ثبوت پڻ چئي سگهجي ٿو.

اڄ 33 ڏينهن جو ڊگهو پنڌ ڪري سنڌ مارچ جا وطن پرست پانڌيئڙا ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پهچندا ته نه رڳو سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پر سمورين قومپرست جماعتن، سنڌ دوست تنظيمن جا ڪارڪن پر پنهنجي وڏڙن جي وطن جو درد رکندڙ لکين سنڌي به ساڻن گڏ ٿي مٽيءَ جو مان رکندا ۽ جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج ۾ نه رڳو ان وچن جو ورجاءُ ٿيندو ته پنهنجي قومي حقن خاطر سمورا سنڌ واسي ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين گڏ هئا، آهن ۽ هميشه رهندا پر پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب، ثقافت، ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ جدوجهد جو اهو تسلسل اڳي کان اڳرو بڻجي جاري رکيو ويندو ته جيئن سنڌ جي ازلي دشمنن کي اهو واضح پيغام ملي ته دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، شهيد سورهيه بادشاهه ۽ شهيد الله بخش سومري جهڙن مهان اڳواڻن جي ڌرتيءَ تي سر گهور ڪرڻ وارو تسلسل اڃا ماٺو ناهي ٿيو، سنڌي قوم کي ڀلي پنهنجن جي غلطين ئي هن مقام تي رسايو آهي پر موهن جي دڙي واري تسلسل، شاهه عنايت شهيد واري فلسفي، مخدوم بلاول واري واٽ تي هلڻ وارا اڃا مئا ڪونه آهن، اڃان سچ جو سفر جاري رهڻو آهي، اڃان حق جو هوڪو ڏيڻ وارا زنده آهن، اڃان رڃ مان رڙ سوين، هزارين يا لکين نه پر ڪروڙين سڏ ۽ پڙاڏا پيدا ڪري جمود واري صورتحال جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪري ڇڏيندا.

“اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي ، اچي ٿي،

متان ائين سمجهين مُئا مور سارا،

وَڏا وَڙ ڪيا نَڙ ، ڀلــي آئين چارڻ،

جَڏا جيءِ جـاڳـي پـيــا او جـــيــارا،

اڙي هي اُمارا ! مُــئي ناهه مَڪلي،

’ايـــــاز ‘ اڄ وتاســين پَٿــر جـا پنـارا”.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے