رياض ابڙو

آءِ ايم ايف سان معاهدو ۽ معيشت جي ڊرامي بازي

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو 

آءِ ايم ايف هن سرڪار ۽ اڳين حڪومت کي رڳو اهو چوندي هئي ته قرض وٺو پر رڳو ”بيل آئوٽ پيڪيج“ وٺو، پوءِ سوال اهو هوندو هيو (۽ آهي) ته پئسا ته وٺو پر اهي پئسا موٽائي ڪيئن ڏيندئوَ، جو ملڪي ايڪسپورٽ ته آهي ئي ڪو نه پوءِ جڏهن ملڪ جا کاٽو پُٽ ادارا توهان آهستي آهستي وڪڻو ٿا،گروي ٿا رکو ته پوءِ رياست جي خزاني ۾ ڇا بچندو،ٽيڪس نيٽ ۽ ٽيڪس بيس وڌائي وڌائي به ڪيترو وڌائيندا،سيلز ٽيڪس،سروسز ٽيڪس،انڪم ٽيڪس،ان سان گڏ ويلٿ ٽيڪس به ڪيتري وڌندي،اهڙو ملڪ جنهن ملڪ ۾ ممڪن ئي ناهي ته ٽيڪس اوڳاڙي وقت تي ڪري سگهجي،ٿيندو ائين آهي ته جيڪي دير سان ٽيڪس جي ادائگي ڪندا آهن انهن جي دماغ ۾ اهو هوندو آهي ته ڏي وٺ ڪري ڪا رعايت وٺجي باقي ايتري ٽيڪس ڪير ڏيندو،ڪير به پنهنجا اثاثا ايمانداريءَ سان ظاهر ئي نه ٿو ڪري (يا اَپَرَ ـ ڪلاس،اَپَرَ مڊل ڪلاس) ته پوءِ اها ڀلا ٽيڪس ڪيئن اوڳاڙجي،ٻاهرين ملڪن وانگي ڪير به ان ڳالھه  جو پابند ناهي ته سڀ جا سڀ پئسا بينڪ ۾ رکي ڇڏجن،سڀ جون سڀ ٽرانزيڪشن بينڪ جي ذريعي ڪجن ته جيئن حڪومت کي آساني ٿئي،اهڙي ڦيرگير سان اهي سرڪاري ادارا آسانيءَ سان ٽيڪس گڏ ڪري سگهن،اهي حڪومتي ادارا اها گهربل ٽيڪس جا پئسا ڪٽي سگهن پر هتي مصيبت اها به آهي ته ٽيڪس ڪٽڻ رڳو انهن ملازمن کان آسان آهي جن جي ماهوار پگهار بينڪ جي اڪائونٽ ۾ ٿي اچي ۽ حڪومت جي لاءِ آسان آهي ته اها انهن ادارن کان آڏي پڇاڳاڇا ڪري سگهي ۽ اهي ادارا آساني سان ٽيڪس جي ڪٽوتي ڪري سگهن باقي جيڪي هزارين روپين جا ڪاروبار ٿا ڪن انهن کان ٽيڪس ڪير وٺي،انهن کان ڪير پڇا ڪري.

ان ڪري هن سرڪار سان به ساڳي ويڌن آهي ته آءِ ايم ايف به هنن کي قسط جا پئسا تڏهن ڏيندي (آسان ڪندي) جڏهن هي آءِ ايم ايف کي اها خاطري ڪرائين ته هاڻي پيٽرول 300 کان به وڌيڪ وڌايو ويندو، ان ڪري ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌايل رقم مان حڪومت روز جا اربين روپيا ٽيڪس جي صورت جمع ڪري سگهي ٿي ۽ آساني سان آءِ ايم ايف جي قسطن جا پئسا ڀري سگهي ٿي، جو اهو سڄو بار رڳو عوام تي ئي پوڻو آهي ته هر قسط هي عوام جي رتُ ستُ مان ڀري ڏيندا رهندا ڇو ته هن حڪومت سان گڏ جيڪا به ايندڙ حڪومت ايندي اها سختيون اڃان به وڌيڪ ڪندي، ان ڪري ڳالھه  اها ناهي ته تيل روس کان وٺندا ته تيل سستو ٿي پوندو،،تيل ته جاٿي ڪاتي سستو آهي، سڄي دنيا اليڪٽريفائيڊ گاڏيون ٿي هلائي پر هڪڙو اسان جو ملڪ آهي جنهن جو پيٽ پيٽرول جا پئسا وڌائي ڀرجي ٿو، پر هن سرڪار جي اها نااهلي آهي ته هي خرچ نه ٿا گھٽائي سگهن ۽ انهن وڌايل خرچن مثال بجيٽ ڊيفيسٽ، سرڪيلور ڊيٽس، ڪرنٽ اڪائونٽ جي خسارن جي پورت جي ڪري اهي سدائين غريب عوام تي پيٽرول جا بم اڇلائيندا رهندا،اهي سڀ ڪجھه  ڪندا ويندا جنهن ۾ عوام مجبور ٿي رياست سان بغاوت ڪري ۽ هڪ ڏينهن رياست جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي، ڇو ته غريب عوام حڪومت جي بي افعالي جي ڪري ڊفالٽ ڪري ويو آهي، جتي حڪومت سان اهڙي ويڌن آهي جو هو هر ادارو گروي رکي سڪوڪ بانڊن جا پئسا ٿي وٺي ته عوام به ايترو ئي مجبور ۽ لاچار آهي جو هو به گهر جا ٽپڙ وڪڻي رڳو اٽي لٽي جي پورت ٿو ڪري، ان ڪري هيءَ نااهل حڪومت الائي ڪڏهن اعلان ڪندي ته هي ملڪ به هاڻي ڊفالٽ ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ڪل پيران دا خير.ايف اي ٽي ايف جو دٻاءُ کڻي هاڻي جهڪو آهي پر ائين به ناهي ته هاڻي اندروني ۽ بيروني امن ۽ ڀائيچارن جي ڪري ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون ٿيون وهن،هاڻي ملڪ ۾ امن لڳو پيو آهي، ملڪ مان ٽڪو به مني لانڊرنگ نه ٿي ٿئي.

سوال اهو به آهي حڪومت کي جيڪي اربين کربين روپيا ملن ٿا اهي وڃن ڪاڏي ٿا اهي بندوقن جا نال صاف ڪرڻ ۾ لڳي ٿا وڃن،اهي حڪومت جي اهڙن خرچن کاٻارن ۾ لڳي ٿا وڃن جو وزير ۽ امير ۽ اشرافيا انهن پئسن مان عياشيون ٿا ڪن جو خزاني ۾ پئسا ٿا اچن انهن وزيرن جا ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر ٿا لڳن،اهي وزير انهن پئسن تي عياشيون ٿا ڪن،انهن جي گهرن جي يوٽليٽي بلز رڳو آءِ ايم ايف جي پئسن سان مشروط آهن،جي اهي آءِ ايم ايف وارا پئسا ملن به ٿا ته پوءِ غريب جي صحت تي ڪهڙو اثر ٿو پئي،نه ٿا ملن ته ڇا ٿو ٿئي؟ پر هڪ ڳالھه  ضرور آهي ته جڏهن اهي قسطن جا پئسا ملڪي خزاني ۾ ڪرن ٿا ته کڻي ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا پورا ٿا ٿين،زرِمبادلا جا ذخيرا کڻي وڌي ٿا وڃن،پورا ٿي ٿا پون، پر سدائين اهو خوف به رهي ٿو ته آءِ ايم ايف جي پئسا خزاني ۾ جيئن ”ڪريڊٽ“ ٿا ٿين،جيئن ئي ڪِرن ٿا ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو قيمتون وڌي ٿيون وڃن جنهن ۾ رڳو اهو ٿو ٿئي اهو غريب عوام انهن آءِ ايم ايف جي پئسن جي عيوض پنهنجو رتُ ٿو ساڙي ۽ اهو ويتر غريب ٿو ٿيندو وڃي ان ڪري ته غريب جي خرچ ۽ آمدني ۾ توازن بگڙي ٿو وڃي، ۽ جيڪو ڪمائي ٿو سو ته هزار مس ٿو ٿئي وري اهو خرچ ڪيئن ڪري،جي کڻي هزار ڪمائي به ته وري ان جيترو ٻيڻو خرچ ڪيئن ڪري، ان ڪري جو پيٽرول جون وڌايل قيمتون غريب جا کيسا خالي ڪري ٿيون ڇڏن ۽ غريب وري هردفعي اهڙي عذاب ۾ اڙجي ٿو وڃي جو چاهي ٿو هيل آءِ ايم ايف الله ڪري قرض جي قسط نه ڏئي ته ڀلو آهي جو پيٽرول وڌندو ته مهانگائي وڌندي ته غريب پريشان ٿيندو.

مڃون ٿا ته مهانگائي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهجي پر اها به ان صورت مڃجي جو حڪومت پگهاردارن جي پگهار به وڌائي،ڏيهاڙيدارن جي روز جي ڪمائي به وري اوتري ڪري جو خرچن ۽ آمدنيءَ ۾ توازن برقرار رهي سگهي، پر مصيبت اها به آهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ انهن آءِ ايم ايف جي پئسن جي ڪري عذاب ۾ رڳو اهو ماڻهو آهي جيڪو پگهاردار آهي جيڪو روز جي ڏيهاڙي ٿو ڪمائي جنهن جو گذر سفر رڳو انهن روز جي ڪمايل پئسن تي جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿِ ڏيهاڙي سومرا“ پوءِ اهڙي ڪمسپرسي واري حالت ۾ حڪومت ان ڳالھه  جي پڪ ڪري ته مهانگائي هن غريب عوام جي چيلهھ نه ڀڃندي، ان ڪري جو مهانگائيءَ جو سبب رڳو آءِ ايم ايف کان قسطن جو وٺڻ آهي جنهن جي ڪري ملڪي ايڪسپورٽ تي اثر ٿو پوي جو گهرو پيداوار رڪجي ٿي وڃي،هن سڄي دٻاءَ جي ڪري،ناڻي جي قلت جي ڪري بحري جهاز “ايل سي“ نه ملڻ جي ڪري سامونڊي اڏان تي روڪيا ٿا وڃن جنهن جي ڪري شين جي شديد قلت ٿي ٿئي جو دڪاندار جهٽ ۾ شهبازشريف کي بدشد ڳالهائي ۽ هن حڪومت کي گارگند ڪري اهي شيون ٻيڻ تي وڪڻي ٿو جو اگهن تي ضابطو بنھ ناهي.

يا هن وقت جي سرڪار جي وس جي ڳالھه  ناهي ته اڳين حڪومتن وانگي،شهري ”اگهوتري“ وارن اصولن پٽاندر ڪو اگهھ مقرر به ڪري سگهي ۽ هر دڪاندار، هر سبزي وڪڻندڙ ۽ هر فروٽ جو وڪڻندڙ پنهنجي پنهنجي ريڙهي تي سرڪاري پڙيءَ جي مقرر ڪيل اگهن (اگهوتري) تحت ڪا پٽي،تختي هڻي ويهي ته عام صارف ۽ گراهڪ کي پڪ ڪرائي ته اگهھ اهي ئي آهن جيڪي هفتو اڳ هيا ان ڪري غريب ماڻهن پنهنجي وڏي ڪهول کي ڪيئن منهن ڏئي جو اگهن تي ضابطو ناهي ۽ معيشت ڊانواڊول لڳي پئي آهي، پر سوال ته اهو آهي ته جيڪي پيٽرول جا اگھه ٻه سال اڳ جي 150 هيا ته اهي ٻن سالن جي شرح ۾ ايترو وڌي ويا ته اهي ايندڙ ٻن سالن ۾ ڪٿي پڄندا،هلي هلي هزار تي ليٽر پيٽرول ٿيندو،هلي هلي کير، اٽو ٻاٽ،سودو سامان پوءِ ڪٿي پڄندو، آخر اها ڳالھه  هن سرڪار جي ميڄالي ۾ ڪڏهن ويهندي،اگھن جو ضابطو ڪڏهن ايندو،ڪير اهي روز جا اگهھ طئي ڪندو،

حڪومت جي رٽ ڇا هوندي،حڪومت جي هوندي هي ڪير آهي جنهن جي حڪومت آهي،شهبازشريف کي ڪير اهو سمجهائي ته ميان تو ”غريب ته ڏٺا هوندا پر تو غربت ناهي ڏٺي“، ان ڪري پڇ انهن ماڻهن کان جن کي هڪ ويلي کانپوءِ ٻئي ويلي جو انتظار ٿو رهي،هڪ انٽرنيشل گيلپ سروي جي رپورٽ مطابق سريلنڪا ۾ حڪومت جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڪري عام ماڻهن ٽي ويلا ماني گهٽائي ٻه ويلا ڪري ڇڏي هئي ۽ جڏهن انهن جي موڳي مٽر وزيراعظم کان پڇو هين ته هاڻي ڇا ڪجي ته جواب ۾ رڳو هن ايوان ۾ اها تقرير ڪئي هئي ته ڪجھه  نه ٿا ڪري سگهون ان ڪري ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويو آهي پوءِ هي وزيراعظم اهڙو اعلان ڪڏهن ڪندو جو ماڻهو آسرو پلي ويهن،اسحاق ڊار به اها وڏي مڙسي ڏيکاري آهي ته مهانگائي 2025 تائين ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهجي، خزانو خالي ته ناڻي جو وزير آفيس ڇو ٿو هلائي،جڏهن دڪان خالي آهي دڪان بند ڇو نه ٿا ڪن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے