رياض ابڙو

ڌرتي، ماڻهو ۽ مائينڊ سيٽ  

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

ڌرتي سان محبت فطري عمل آهي، ڇو ته اهو به فطري عمل آهي ته ماڻهو پاڻ سان لاڳاپيل هر شيءِ سان انس ظاهر ڪن، انهن جي مالڪي جي ڳڻتي ڪن، ماڻهن تائين هو پيغام پڄائين ته اهي پاڻ سان گڏيل هر شيءِ سان بي انتها پيار ڪندا آهن پوءِ ان ۾ ڌرتي سان انس، پيار ۽ پاٻوھ به بي انتها ٿئي ٿو، وري ان ۾ ننڍڙيون وڏڙيون اڳواڻيون به عمل دخل رکن ٿيون معني گَهرَ جي اڳواڻي کان قومن جي اڳواڻي جا عنصر به قابل تحسين ٿين ٿا يا اهي گڏيل آواز به ساراھ جوڳا هجن ٿا جيڪي اسان جو آواز بڻجي اسان جي دک ۽ درد، اهنج ۽ آزار کي وقت جي حاڪم تائين، صاحب اقتدار تائين، دنيا جي معتبر ماڻهن تائين پڄائن ٿا ۽ اسان جي زندھ قوم هجڻ جو ڏس يا ثبوت به ڏين ٿا يا انهن تائين پيغام پڄائن ٿا ته اسان به هن سماج ۾، هن ملڪ ۾ ۽ هن دنيا جي سجاوٽ ۽ بڻاوت جي حصيداري ۾ برابر جا شريڪ آهيون ان ڪري جيتري اسان کي خدمت کپي ٿي اوتري موٽ ۾ اسان وري معاشري جا جز ٿي ڪيون به ٿا، پوءِ اها اڳواڻي هجي، يا ڪا ڪرت يا ڌنڌو هجي، ڪو ڪم يا تخليق هجي يا ڪو ڪارنامو هجي، پوءِ اهو سڄي دنيا کي فيضياب ڪندو هجي يا معاشري جي حدن تائين هجي، اها اڳواڻي گهٽ هجي يا گهڻي هجي، خطن جي هجي يا ملڪن جي هجي، ان ۾ خدمت جو عنصر هجي يا مدد جو جز، پر ڌرتي جي مالڪي پوءِ به انهن عنصرن ۾ شامل صف هجي ٿي.

اسان سان اهو به الميو آهي ته اسان ايشيائي ملڪ گهڻي ڀاڱي ”چون چون جو مربو يا وڻ وڻ جي ڪاٺي آهيون“ اها ٻوليءَ جي ڳالهھ هجي، معاشري جي بڻاوت هجي، ملڪي مائينڊ سيٽ هجي يا مذهبي حصيداري هجي، يا کڻي مذهبي مائينڊ سيٽ هجي يا ان جي پوئواري هجي، يا ان جي ها ۾ ها ملائڻ واري ڳالهھ، منافقت يا مفاهمت هجي، اسان وٽ مذهب يا خدا جو تصور هجي يا خطي ۾ ٻانهپ جون ٺهيل چوڪڙيون هجن، يا ضعيف ٽولڙا ٽولڙا هجن، پر ڪلچر ۽ قدر ته پوءِ به مختلف آهي، ڀلي اهو عرب هجي، يا عربن جا مائينڊ سيٽ هجن، ڳالهھ ڌرتي جي انس جي پئي هلي ته عربن جي ڪلچر ۾ ڌرتي ماتا جو لفظ ناهي يا اهي ڌرتيءَ کي ڌرتي ماءُ ناهن سڏيندا ڇو ته عرب ڌرتي کي ”فادر لينڊ“ چوندا آهن، وري اهو به آهي ته روس جي انقلاب کانپوءِ يا مارڪسزم ۽ سوشلزم جي نظريي جي اچڻ کانپوءِ اسان وٽ ڌرتي ماتا، ڌرتي ماءُ يا مدر لينڊ چوڻ جو رواج پيو، اصل ۾ هن خطي ۾ ڌرتي کي ماءُ سڏجڻ جو رواج يا بنياد 18 صدي کانپوءِ پيو، ڇو ته فلپائين سان گڏ، ڀارت ۽ روس به اسان جي خطي وانگي ڌرتي کي ماءُ ٿا سڏين (پر اتي اسان ڌرتي ماتا يا ڌرتي ماءُ سڏجڻ جو ٽرينڊ ناهي يا اهي ان ڳالهھ تي هريل ناهن ته اهي پنهنجي خطي، صوبي يا ڌرتي کي ماءُ سڏن)

19 جنوري 1940 جي برطانيا جي ميگزين ۾ محمد علي جناح جي اها ڳالھه ڇپي هئي ته ”ڀارت مسلمانن ۽ هندن جي ڌرتي ماءُ آهي“ پر ائين ناهي ته ڌرتي جي پيار کي ائين نه ٿو چئي سگهجي يا صنفي اعتبارن کان ان کي مونث نه چئجي ڇو ته اسان وٽ معاشرو مرد جو آهي، يا عورت جي ملڪيتن ۾ حصيداري به اڌ آهي، پر پوءِ ائين به آهي ته عورت مرد جي برابر ناهي، (بهرحال اهو وري ٻيو بحث ٿي ويندو) ڳالھه هتي ڌرتي جي پيار جي آهي، ڳالھه هتي ڌرتي جي انس جي آهي، ڳالهھ هتي اها به آهي ته ڌرتي کي “فادر لينڊ“ چنجي يا ”مدر لينڊ“ چئجي يا ”هوم لينڊ“ چئجي، پر ڳالھه اسان وٽ مدر لينڊ جي ان ڪري به آهي جو ڌرتي اسان کي ڄڻي، نپائي ۽ پالي ٿي ان ڪري صنفي حوالي سان ۽ اعتبارسان اسان وٽ اهو ٽرم مونث آهي، ان جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ صنف جي ڀيٽ ڪرڻ بنا ئي اهو ٽرم يا ڌرتي سان پيار جو ظاهر ڪيو ٿو وڃي معني نه مونث نه مذڪر پر صنف عام، خاص ڪري نائين اليون جي واقعي کانپوءِ آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ هوم لينڊ جو لفظ سامهون آيو، جڏهن ته آمريڪي ڊڪشنرين ۾ ”مدرلينڊ“ ۽ ”فادر لينڊ“ جا لفظ 1847 کان شامل ٿيل آهن يا لکيا يا پڙهيا وڃن ٿا (توڻي جو انگريزي ڊڪشنري ۾ نوان لفظ به ”ڪوائن“ يا شامل ٿيندا رهن ٿا معنيٰ انگريزي جو هاضمو ٻين ٻولين کان گهڻو آهي جيڪي عربي، لاطيني، اسپينش، اطالوي، سنسڪرت گروپ جي ٻولين ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ به شامل ٿيندا رهن ٿا) .

”پيگي نونن“ 14 جون 2002 جي ”وال اسٽريٽ“ جي شماري ۾ لکيو هو ته آمريڪي ورلي اهو ٽرم استعمال ڪندا هجن، يا پنهنجي ڄم جي ملڪ کي مدر لينڊ چوندا هجن يا فادر لينڊ چوندا هجن.

ان جي ڀيٽ ۾ جرمني ۾ اهو موئنث وارو ٽرم استعمال ئي ناهي ٿيندو، يا 19 صدي کانپوءِ، يا نازي ڪيمپ جي واقعي کانپوءِ، يا پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ جرمني جي جارحيت کانپوءِ اهي جرمن ته عورت جي نه حڪمراني کي مڃيندا ئي ناهن نه عورت کي برابري وارو درجو ڏيندا آهن نه عورت جي آواز کي ايڏي اهميت ئي ڏيندا آهن ايستائين جو گوگل ۾ ”نيويگيشن“ وارو سافٽ ويئر هنن مرد جي آواز ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن اسان پنهنجن گاڏين ۾ رستن جي رهنمائي يا ڀل چڪ جي لاءِ استعمال ڪندا آهيون اهو جرمني ۾ وري مرد جي آواز ۾ آهي ڇو ته اهي عورت جي اڳواڻي تي ايمان ئي ناهن رکندا، ان ڪري اهي مدرلينڊ چون ئي نه يا جنهن کي اسين ڌرتي ماتا چئون، ڇو ته انهن جي نظر يا معاشري جي مطابق هر شي جو خالق مرد آهي، هر شيءِ مرد جي آهي، جاءِ جڳهھ، گاڏي، مال ملڪيت، پلاٽ بنگلا مردن جي پراپرٽي ۽ ملڪيت آهن ته پوءِ ڌرتي به فادر لينڊ آهي مدر لينڊ ناهي، (هتي ماڻهن جي مائينڊ سيٽ، خطي جي سوچ سمجهھ ۽ اپروچ تي ڳالهايو پيو وڃي نه ڪي ڪو اهو ته ڪير غلط آهي ۽ ڪير صحيح) وري ”ڪلي ٿامسن“ جي مطابق ته لفظ ”هوم ليند“ صنف جي تفاوت کان سواءِ آهي، معني ان ۾ موئنث ۽ مذڪر جي ڳالھه ناهي ان ڪري نائين اليون کانپوءِ آمريڪي ڊڪشنري ۾ ”هوم لينڊ“ لفظ کي اهڙو پنهنجو ڪري ڇڏيو جو اهي هاڻي ڌرتي سان پيار کي اظهارڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا، ساڳي طرح اهو لفظ ”ويبسٽر“ جي ڊڪشنري ”لغت“ ۾ اچڻ ۽ استعمال ٿيڻ به شروع ٿي ويو، جيڪو 1973 کانپوءِ جي ڊڪشنرين ۾ ڇپجڻ شروع ٿي ويو هو، پر ڳالھه اها به آهي ته گذريل 200 سالن کان اهو لفظ وطن ۽ ملڪ سان حب ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پڻ استعمال ٿيڻ لڳو آهي يا جڏهن کان برطانوي راڄ يا ”ڪالونيزم“ شروع يا تتر بتر ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ملڪن، خطن ۽ ماڻهن کي پنهنجي آزادي، حيثيت يا اهميت جو خيال اجاگر ٿيڻ لڳو هو، وري ”نوٽس ۽ ڪيوريز“ جيڪو 1882 ۾ چپيو هيو ان جي مطابق لفظ “فادر لينڊ“ 13 صدي کانپوءِ استعمال ٿيڻ لڳو يا آيو جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي پنهنجي وطن سان محبت جو اظهار اهڙي طريقي ڪرڻ لڳا، ”ڪلي ٿامس“ ايريزونا ريپبلڪ“ جي شماري ۾ اهو لکيو هو ته لفظ ”پيٽرياٽزم“ (وطن جي حب يا ملڪ سان پيار) پرشيا جي لفظ ”پيٽريا“ مان آندل آهي يا ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”فادر لينڊ“ يا اهڙو ملڪ جنهن ۾ ماڻهو پيدا ٿيو هجي، يا اهڙو ملڪ جنهن ۾ ماڻهو پليا، نپنيا ۽ وڏا ٿيا هجن اهو ئي انهن جو ملڪ “فادر لينڊ، هوم لينڊ، مدر لينڊ، ڌرتي ماتا يا ڌرتي ماءَ“ آهي، ڇو ته ان لفظ جا اظهار مختلف ٿي سگهن ٿا.

آمريڪي اسڪالر ”چارلس اينٿن“ پنهنجي ڪتاب آئنيڊ آف ورجل“ (1867) ۾ لکي ٿو ته رومن سلطنت ۾ ماڻهو پنهنجي ملڪ کي ”مدر لينڊ“ چوندا هيا، وري ”مائيو ميڊوڪس“ پنهنجي هڪ مضمون ۾ جيڪو جنوري 2010 ۾ ڇپيو هيو، ان ۾ لکي ٿو ته لفظ ”مدر لينڊ“ 16 صدي ۾ ماڻهن جي استعمال هيٺ آيو يا چوڻ لڳا، پر ”مدر لينڊ“ روس جي ادب ۾ 19 صدي کانپوءِ تمام گهڻو استعمال ٿيندو رهيو، ۽ اهڙي طريقي سان پنهنجي ڌرتي سان پيار جي اظهار جو بهترين طريقو اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته روسي ادب کانپوءِ عام دنيا به ان کي وطن جي محبت لاءِ چوڻ يا استعمال ڪرڻ لڳي، معني ايشيائي ماڻهن کي جڏهن اهڙي اظهار جي ضرورت پئي تڏهن انهن ”ڌرتي ماتا“ لفظ استعمال ڪيو معني اهو لفظ پوءِ فلپائين سان گڏ سڄي ننڍي کنڊ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو، ۽ اهڙي اظهار مان رڳو ڌرتي جي صنف ظاهر ٿي ته اهي ڌرتي کي ”پيءُ جي ڌرتي“ معني فاردر لينڊ چون يا مدر لينڊ چون معني ”ماءُ جي ڌرتي“ يا ڌرتي ماتا چون يا آمريڪي ٽرم ”هوم لينڊ“ چون، ڇو ته ان ۾ خطي جي مائينڊ سيٽ جو عمل دخل به آهي، ڇو ته روسي زارشاهي ۾ اهو لفظ 1917 کان وٺي مروج هيو، هڪ ڀارتي ليکڪ “ڊي اين جھا“ 5 اپريل 2016 ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هيو ته لفظ ڀارت ماتا يا ڌرتي ماتا 19 صدي ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو هو يا ٻولي ۾ آيو، جيڪو باقاعده 1906 ۾ ڀرپور استعمال ٿيڻ لڳو، ڇو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ برطانيا جي قبضي مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ جوش ۽ ولولو به پيدا ڪرڻو هيو، ۽ برطانيا جي ”ڪالونيلزم“ مان جان آجي ڪرڻ جو ٻيو ڪو رستو نه هيو ته ماڻهن ۾ پنهنجي ڌرتي جي لاءِ پيار اڀارن ۽ جذبا ظاهر ڪن ته جيئن انگريز ڀڄي جان ڇڏائي ۽ اسان آزاد ملڪ ۾ رهون ۽ هڪ الڳ مائينڊ سيٽ ٺاهي هلون، پر ڌرتيءَ سان پيار کي به اجاگر ڪيون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے