ابراھيم ڪنڀر

ڇا آڪٽوبر کان اڳ اليڪشن ممڪن آھي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

سياسي، حڪومت صورتحال غير تسلي بخش آھي، معاشي حالتون قطعي سازگار ناھن، عمران خان اڄ بہ گهڻن بااختيار گهرن جو دادلو آھي، سپريم ڪورٽ جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عام چونڊن جي حوالي سان فيصلو اتحادي حڪومت مٿان وڄ جيان ڪريو آھي بظاھر کڻي حڪومت انھي جي تشريح پنھنجن لفظن ۾ ڪري رھي آھي پر ڪورٽ جي فيصلي جي تشريح مان تيستائين جو فائدو ناھي جيستائين وري ست رڪني بئنچ انھي جي خلاف نظرثاني اپيل ٻڌي چار ٽي جي اڪثريت سان انھي فيصلي کي ختم نٿي ڪري، تيستائين ٽن ھم خيال ججن جو فيصلو ئي حتمي بہ رھندو فيلڊ ۾ بہ رھندو انھي تي عملدرآمد نہ ٿيڻ تي حڪومت مٿان وري توھين عدالت جي تلوار لٽڪندي رھندي ، ھتي اھم سوال اھو ٿو اٿي تہ سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق آدمشماري کان اڳ ٻن صوبن اندر اليڪشن ٿيندي يا نہ ٿيندي، انھي حوالي سان مختلف رايا موجود آھن، انھن تي اچڻ کان اڳ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جھڙي ريت اختلافي فيصلو آيو آھي يا مختلف ججن پنھنجي پنھنجي راءِ جوا ظھار ڪيو آھي، انھي مان اھو واضع ٿي ويو آھي تہ انصاف ڏيندڙ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ۾ جج ورھايل آھي، ججن جي ورھائجڻ جي ڊگھي تاريخ آھي، اڳ ۾ اھو ڪم سگھاريون ڌريون ۽ حڪومتون ڪنديون ھيون بعد ۾ اھو ڪم اڪيلي اسٽبلشمنٽ پنھنجي ھٿن ۾ کنيو، جسٽس سجاد علي شاھ کي ھٽائڻ وقت پھريون ڀيرو سپريم ڪورٽ اندر ججن جو واضع ڌڙو ٿيو، جسٽس سعيد الزمان صديقي کي استعمال ڪري جسٽس سجاد علي شاھ کي رڳو انھي جي ڪري ھٽايو ويو ھو انھي وقت جي اسٽبلشمنٽ جي مھري وزيراعظم نواز شريف کي طلب ڪيو ھو، بعد ۾ جسٽس ارشاد شاھ جي سربراھي ۾ سپريم ڪورٽ جنرل مشرف جي ماتحت اداري طور اھڙو ڪم ڪيو جو ھڪ فوجي آمر کي ٽن سالن تائين آئين سان ھٿچراند جي کلي ڇوٽ ڏني وئي، گهڻي وقت کانپوءِ ٻہ ڀيرا پي سي او جو حلف کڻڻ جو اعزاز ماڻيندڙ افتخار محمد چوڌري جي آئيني بالادستي واري رڳ ڦڙڪي پئي، ھن ۾ اھا جرعت نہ ٿي تہ ظفر علي شاھ جي ڪيس جي بدترين داغ کي ھٽائي سگھي پر ھن 3 نومبر 2007ع واري ايمرجنسي کي ڪالعدم قرار ڏئي پنھنجا ھم خيال جج عدالتن ۾ کڻي آيو انھي جي ڪري اختلاف وارو سوال پيدا گهٽ ٿيندو ھو جج صاحب جي ڪوشش ھوندي ھئي تہ ھر فيصلو جيڪو غلط يا صحيح ھجي اھو اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو ھو. سو ھن ڀيري عدالت سڳوري ۾ ورڇ آھي پر ھي رڳو معزز ججن جي ورھائجڻ جو معاملو ناھي.

جيڪي ادارا نواز شريف کي ڪڍڻ، سزا ڏيڻ، جيل ۾ بند ڪرڻ، ملڪ بدر ڪرڻ، عمران خان کي اقتدار ۾ آڻي اڇي ڪاري جو مالڪ ڪرڻ جي لاءِ ھڪڙي پيج تي ھئا اھي ھن وقت الڳ الڳ پوزيشن تي نظر اچي رھيا آھن، ڪجھ ادارا حڪومت سان گڏ آھن تہ ڪجھ وري عمران خان سان بيٺل نظر اچي رھيا آھن، ڪجھ حلقن جو خيال آھي تہ عمران خان کي جنھن مائينڊ سيٽ ملڪ تي مڙھيو ھوانھي جي باقيات جي حڪمراني اڃان ھلي رھي آھي، منظم ادارن ۾ باقيات جي خاتمي ۾ گهڻو وقت لڳندو آھي، مثال طور جھڙي ريت جنرل ايوب، جنرل يحيي خان، جنرل ضياالحق جي باقيات ختم ناھي ٿي سگھي، مشرف جا چاھيندڙ اڃان بہ ادارن ۾ موجود آھن اھڙي ريت عمران خان کي ملڪ تي مڙھيندڙ مائينڊ سيٽ ڪٿي نہ ڪٿي موجود آھي، کڻي جو اندر ئي اندر ڪافي ھلڪا ڦلڪا آپريشن ڪري ماڻھن کي ڪڍيو، ھٽايو يا گرفتار ڪيو ويو آھي، پر اڃان تائين ڪجھ ادارا اثر عمراني مان ٻاھر نہ نڪري سگھيا آھن اھو ئي ڪارڻ آھي جو عمران خان جي ڪري انھن ادارن تي تنقيد بہ ٿي رھي آھي،انھي جي باوجود عمران خان وري بہ دادلو آھي،جيڪو ھڪ ملڪ ھڪ قانون جي ڳالھ ڪري ٿو ٻي پاسي ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ بدران ججن کي چوي ٿو تہ آئون فلاڻي ڪورٽ ۾ ايندس اوھان بہ اتي اچي وڃو، ڪڏھن ائين ناھي ٿيو جو چيف جسٽس جي گهر تي ڪير درخواست ڪري اھا درخواست وري رجسٽرار کي موڪلي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿئي، رات جي پيٽ ۾ عدالتون عمران خان يا سندس ساٿين جي لاءِ کليون آھن، ادارن پنھنجي عزت بہ ھڪ اھڙي شخص جي لاءِ داءُ تي لڳائي جيڪو جڏھن ٿورو ھلڪو ٿئي ٿو تہ انھن ادارن تي ڪاھ ڪري ٿو.

جيڪڏھن ھن ملڪ ۾ رياست جو ڪو وجود ھجي ھا، نظام خودڪار ھجي ھا، ادارا سگھارا ھجن ھا تہ آزاد بہ ضرور ھجن ھا انھي صورت ۾ ھي صورتحال ڪڏھن پيش نہ اچي ھا،ادارن ۾ گهڙي آيل ڪارين رڍن جي ڪنھن انفرادي عمل سان سمورو ادارو بدنامي کان بہ بچي سگھي ھا ۽ انھي غلطي کي آساني سان خودڪار نظام ذريعي سڌاري بہ سگھجي ھا رياست جو وجود پنھنجي شھرين جي مالڪي آھي، انھي کان سواءِ ڪمانڊ ۾ ھلندڙ ملڪ ٿي سگھي ٿو، آپياشي نظام ٿي سگھي ٿو، ھڪ قوم وارو تصور رڳو خيالي ٿي سگھي ٿو، اھو ئي ڪارڻ آھي جو سگھارن ادارن جي سگھارن فردن جي فيصلي تي ھڪٻئي جي پويان سڀ جا سڀ ادارا ليٽي پون ٿا، انھي کانپوءِ جيڪا گدلاڻ سامھون اچي ٿي اھا ڌوتي سان نٿي ڌوپجي ھاڻ بہ اھو ٿي رھيو آھي، بلڪہ ھاڻ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي انھي جو ٻج ملڪ جي پھرين آمر جنرل ايوب وڌو جنھن جي نتيجي ۾ اسان جو ملڪ ٻہ اڌ ٿي ويو انھي مان بہ ڪو سبق سکڻ بدران اسان سياست، سياسي پارٽين، سياسي قيادت تي ھميشہ شڪ ڪيو، خاندانن جا خاندان يا چٽ ڪري ڇڏيا يا کين اذيتون ڏنيون ويون، قانونن ۽ مختلف ادارن کي سياستدانن کان انتقام وٺڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو انھي جا من پسند نتيجا حاصل ڪيا ويا، نتيجي ۾ جتي ادارا ڪمزور ٿيا اتي سگھارن فردن کي شھ ملندي رھي. ائين ملڪي ترقي جا سونھري خواب اڻپورا رھيا، ملڪ ڏينھون ڏينھن پوئتي ڌڪبو ويو، ھاڻوڪي صورتحال کي ماضي جي صورتحال جو تسلسل سمجھيو وڃي ھيڏي خراب صورتحال جي باوجود اسان ڪجھ سکڻ جي تيار ناھيون خاص ڪري اھي مقتدر ڌريون جيڪي فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون انھن پنھنجي من ماني ھڪ لمحي جي لاءِ نہ ڇڏي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ يا پوءِ ٻن قسم جي صورتحال سامھون آھي يا ائين چئجي تہ ٻن قسمن جي سوچ موجود آھي، حڪمران لڏي يا ڪجھ بااختيار انھي تي متفق آھن تہ ملڪ ھڪ اھڙي صورتحال ۾ ڦاٿل آھي جتي ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاھي، لاپرواھي يا بدانتظامي باضابطا طور ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي سگھي ٿي، معاشي صورتحال انھي وقت بھتر ڪري سگھجي ٿو جيستائين سياسي استحڪام پيدا نہ ڪيو وڃي، جيڪڏھن مخالف ڌر سياسي استحڪام جي لاءِ تيار ناھي تہ ضروري آھي تہ عوام ۽ ملڪ کي لڳل تازا گھاءُ ڀرڻ جي لاءِ ڪجھ وقت گهربل آھي، انھي سوچ سان ڏسندڙن جو خيال آھي تہ في الحال اليڪشن ڪرائڻ جيترا نہ پئسا آھن نہ وري سياسي طور اھڙي پوزيشن جو آھي عام اليڪشن ڪرائي سگھجي، انھي ڌر جو خيال آھي تہ جيڪڏھن اليڪشن شفاف ٿي تہ انھي ڳالھ جو وڏو امڪان آھي تہ حڪومت سنڀاليندڙن کي انھي جو نقصان ٿئي، ھڪ ڀيرو وري تحريڪ انصاف ڪامياب ٿئي اھي ساڳيون غلطيون ڪري جيڪي ھن 2018ع جي چونڊن ۾ ڪيون ھيون.انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ ھن وقت جيڪي حڪمران آھن انھي ۾ نواز ليگ پنھنجي سياست جي نڙي تي لت رکي اقتدار انھي وقت قبول ڪيو جڏھن ملڪ معاشي بحران ۾ ڦاٿل ھو نواز ليگ جو خيال آھي تہ انھي صورت ۾ جڏھن ھنن سياسي قرباني بہ ڏني کين وقت ملڻ بدران فوري اليڪشن ۾ وڃبو تہ ٽي سئو رپيا لٽر تي پھتل پيٽرول ۽ آسمان کي ڇھندڙ مھانگائي واري صورتحال ۾ سندس اميدوارن کي ووٽ ڪير ڏيندو، اليڪشن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ بي چيني نواز ليگ کي آھي ڇاڪاڻ جو نواز ليگ کي پنجاب ھٿن مان نڪرندو محسوس ٿي رھيو آھي، پيپلز پارٽي انھي حد تائين مطمعن آھي تہ بلوچستان سندس ڪو جادو ھلي ويندو، سنڌ ۾ ٻيو ڪو آپشن ڪونھي انھي خيال سان ھو دلڙي ڌتاريو ويٺا آھن اليڪشن جا نتيجا ڪھڙا ٿا اچن اھا ڳالھ الڳ آھي.

جيستائين ٻي حلقي يا سوچ جو تعلق آھي تہ اھا تحريڪ انصاف يا سندس ھم خيالن جي سوچ آھي جيڪي انھي گمان ۾ آھن تہ لوھ تتل آھي انھي تي ھٿوڙو ھڻڻ جي ضرورت آھي، ماحول ٺھيو پيو آھي جيڪڏھن اليڪشن ٿي تہ ماڻھو موجودہ حڪومت کان باغي ٿيل آھي انھي جو فائدو وٺي عمران خان وري اليڪشن کٽي وزيراعظم ٿي ويندو، عين ممڪن آھي تہ 2018ع ۾ جيڪي ادارا عمران خان جو سھارو بڻيل ھئا انھن جا ڪجھ اثر رکندڙ فرد اڃان تائين تحريڪ انصاف کي سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ھجن جا ڪجھ قدر ثبوت بہ ملي رھيا آھن، پر موجودہ صورتحال مان سياسي فائدو کڻڻ جي لاءِ عمران خان تيار آھي، جيستائين ڪيس ھوندي بہ عمران خان جي گرفتار نہ ٿيڻ يا قانوني ڪارروائي نہ ٿيڻ وارو پاسو آھي تہ انھي جي لاءِ پھرين حلقي جو خيال آھي تہ ادارن جي ڳٺ جوڙ سان جھڙي ريت عمران خان کي پرموٽ ڪيو ويو ھو انھن مان ڪجھ ادارا اڃان عمران خان مان ھٿ ڪڍڻ جي لاءِ تيار ناھن اھو ئي ڪارڻ آھي جو عدالتي دروازا ڀڃڻ جي باوجود معزز جج سندس انتظار ۾ رھن ٿا ھڪ ڏينھن اندر سندس ضمانت ٿي وڃي ٿي، ٻن صوبن ۾ اليڪشن نہ ڪرائڻ جي پويان اھو ڪارڻ ڄاڻايو وڃي ٿو تہ آدمشماري جو مرحلو ھلندڙ آھي، جيڪڏھن ٽيھ اپريل تائين اھو مڪمل ٿي ويو تہ ايندڙ جيڪا بہ اليڪشن ٿيندي اھا نئين آدمشمارين، نئين تڪبندين جي بنياد تي ٿيندي، جڏھن تہ عام چونڊن تائين ٻن صوبن ۾ پراڻين تڪبندين تحت اليڪشن ٿيل ھوندي، انھي صورت ۾ جيڪي بہ نتيجا آيا اھي ڪنھن ھڪڙي ڌر جي لاءِ ناقابل قبول ٿيا تہ سمورو عمل زيان ٿي ويندو، انھي حلقي جو خيال آھي تہ ملڪ ۾ خزانو خالي لڳو پيو آھي ھن وقت اليڪشن جا خرچ ڪري پئسا وڃائڻ بدران بھتر آھي تہ ڪجھ وقت انتظار ڪري عام چونڊون ڪرايون وڃن انھي دوران جون اندر بجيٽ بہ ڏني وڃي، ھي وقت عام چونڊن جي لاءِ انھي جي ڪري مناسب ناھي جو فرض ڪجي تہ جيڪڏھن سڀاڻي اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي تہ انھي جي لاءِ مئي جي تاريخ ئي مقرر ٿي سگھي انھي صورت ۾ بجيٽ جي تياري سميت سمورو عمل ڪئين ممڪن ٿيندو؟ انھي جي ڪري بظاھر اليڪشن آڪٽوبر کان اڳ ۾ ممڪن نظر نٿي اچي نہ صوبن ۾ نہ وفاق ۾…

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے