اياز لطيف پليجو

ايندڙ دور ۾ پاڻ سان ڇا ٿيڻو آھي، ان جو ٿورو تصور ڪيو

اوهانجو موقف اياز لطيف پليجو ليکڪ

اياز لطيف پليجو

پولٽیڪل سائنس، آء آر ڊگرين جو دور ويو. روبوٽڪس،آرٽیفشل انٽیلجنس،وڪالت، ميڊيڪل،انجنئرنگ، بزنس،ڪلائوڊ، پائيٿن پڙھو

نوجوانن انباڪس ۾ ميسيج ڪيو آھي ته، سر، انٽرنيشنل رليشنز، سماجي اڀياس، پوليٽيڪل سائنس، پاڪستان اسٽڊيز وغيره پڙھي، ماڻھو ملڪ کي بھتر بڻائيندو، سفير ٿيندو، عالمي ادارن ۾ ڪم ڪندو، سياستدان ٿيندو، سماج ۾ نيون تحقيقون، ٿيوريز ۽ پاليسيز ڏيندو، سائنس کي، سياست کي، سماجي براين کي ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس کي ڪنٽرول ڪندو، سنڌ لاءِ نوان رستا ڳوليندو، سماجي محقق ٿيندو، پرڏيھي سيڪريٽري ۽ پرڏيھي وزير ٿيندو، وغيره وغيره… کين جواب ڏنم ته آئيڊيلي ۽ تصوراتي طرح بلڪل ائين ممڪن آھي، پر گرائونڊ ريئلٽيز يا معروضي حالتن ۾ ائين ٿئي پيو ڇا؟ قومي اسيمبلي جي ساڍا ٽي سئو ۽ صوبائي اسيمبلين جي ست سئو کن ميمبرن ۽ سئو سينيٽرن مان يا ھزارين ناظمن ۽ ڪائونسلرن مان سڄي ملڪ ۾ ڪي صرف ويھ ڄڻا به پڙھائي جي بنياد تي انھن ايوانن ۽ ذميدارين تي پھتا آھن ڇا؟ ھاڻ کي ڇڏيو گذريل پنجھتر سالن ۾ ڇا ائين ٿيو آھي ڇا؟ انھن نوجوانن جو اھو دليل به ائين آھي، جيئن ماڻھو چوي ته جنگشاھي، ڦلجي يا غيبي ديري مان ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دبئي، لنڊن ۽ اسلام آباد وڃي، پڙھي يا روزگار ڪري ڇا ڪبو؟ ماڻھو پنھنجي ڳوٺ ئي وِيٺو ھجي ۽ اتي ڪا نه ڪا اٽڪل ڪري ڪامياب ٿي وڃي، جيئن چاچو الھانو ۽ ڪاڪو ڌڻي پرتو ٿي ويا ھئا، ھروڀرو پرديس وڃي دربدر ڇو ٿجي؟
دوستو، نوجوانو، جي پاڻ کي استاد، ليڪچرر يا پروفيسر ٿيڻو آھي، تعليمي فيلڊ ۾ وڃڻو آھي. يا بي اي يا ايم اي ڪري، پوءِ سي ايس ايس يا پي سي ايس ڪرڻي آھي ته پوءِ سماجي اڀياس، پوليٽیڪل سائنس، پاڪ اسٽڊيز، دينيات، آءِ آر، سوشيالاجي جي اھم شعبن ۾ ضرور پڙھجي، اھي سبجيڪٽس ڪم ايندا، پر موجوده تيزي سان بدلجندڙ دور ۾ پاڻ کي ايندڙ ڏھ ويھ سال بحيثيت ھڪ قوم جي ڇا ڪرڻو آھي؟ اھو سوچڻ انتھائي ضروري آھي، نه ته سنڌ جي ھر تعلقي ۾ لکين بيروزگار نوجوانن جا لشڪر ھوندا، بُک ھوندي، انڪم سپورٽ ڪارڊ تي پنڻ لاءِ قطارون ھونديون، ڏوھ ھوندا، قبائلي جھيڙا ۽ خون ھوندا ۽ خودڪُشيون ھونديون. ھنن نوجوانن چيو ته ملڪ لاءِ نيون ٿيوريون ۽ پاليسيز ٺاھبيون، پر گذريل ستر سالن ۾ ڪا اھڙي ٿيوري ٻڌايو، ڪا پاليسي ٻڌايو، ڪو اھڙو سفير ٻڌايو، اقوام متحده جو ڪو سنڌي نمائندو ٻڌايو، جيڪو بنا سي ايس ايس ڪرڻ جي، صرف سماجي اڀياس ۾ بي اي يا ايم اي ڪري اڳتي آيو ھجي. موجوده اقتداري، مذھبي، قومپرست، پروگريسو ليڊرشپ مان ڪي چند نالا ٻڌايو، جيڪي ويچارا صرف اھي سبجيڪٽ پڙھي، تحقيقون ڪري، ريسرچ پيپر لکي پوءِ ليڊر بڻيا ھجن. پوليٽیڪل سائنس، آءِ آر، سماجي اڀياس، سوشيالاجي جو دور ھارورڊ، آڪسفورڊ، ييل، اسٽينفورد، ڪيمبرچ ۾ اڃا به جاري آھي، اتي اڃا به محقق، سفير، ماھر سندن ڄاڻايل شعبن مان ئي چونڊيا وڃن ٿا، اتي اڃا به ايندڙ پنجاھ ۽ سئو سالن جون پاليسيز ٺھن ٿيون ۽ انھن اسٽريٽيجيز تي عمل به ٿئي ٿو. پر پاڻ جھڙي پُٺتي پيل، ڪرپشن جي ور چڙھيل، ڦريل، لٽيل ۽ تباھ ڪيل قوم، جنھنجي شھرن، زمينن، روزگار ۽ ڪاروبار تي اليگل اميگرنٽس قبضو پيا ڪن، جتي تعليم ۽ صحت تباھ ۽ برباد آھن، جتي شھر ۽ ڳوٺ ٻُڏن پيا، نوڪريون وڪامن پيون، ان قوم لاءِ ھن شديد مقابلي جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو اڙانگو رستو، بيپناھ محنت، ميرٽ، شھرن ۾ اچڻ ۽ روبوٽڪس، آرٽیفشل انٽیلجنس، جينيٽڪس، اسپيس سائنسز، وڪالت، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ھسٽري، ميٿس، انگلش، آء ٽي، ايگريڪلچر، بزنس، مارڪيٽنگ، ايگرونامي، اي ڪامرس، ڪلائوڊ، بگ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي، پائيٿن، جاوا، اوريڪل ۽ ٻيا ان قسم جا اھم سبجيڪٽس پڙھڻ ۽ سکڻ سان ۽ ڪاروبار ڪرڻ سان پيدا ٿيندو. باقي اوھان سڀ وس وارا آھيو، جي ھاڻ به ريڊيو ٺاھڻ، ٽيپ ريڪارڊر ٺاھڻ، ٽارچ ٺاھڻ، ٽيئر گارڊر ٺاھڻ، لالٽين ٺاھڻ يا گاسليٽ وارا چُلھا ٺاھڻ سکڻ چاھيو ٿا ته ضرور سکو. ڪيترن ملڪن ۾ اھي اڃا به استعمال ۾ آھن. ھتي ڳالھ سبجيڪٽس جي بطور علم جي ۽ صرف سکڻ جي حوالي سان نه پئي ڪجي، بلڪه نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ روزگار جي حصول جي ڳالھ پئي ڪجي، باقي صرف علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پڙھڻ کان وڌيڪ افضل ته ٻي ڪابه ڳالھ ناھي. ڪو به لائق ۽ محنتي شاگرد، جي شيڪسپيئر، ھيگل، سقراط تي يا نم جي وڻ ۽ بيد مشڪ تي، يا وولگا ندي، دجله يا ڪينجھر تي ريسرچ ڪري ايم فل يا پي ايڇ دي ڪري ته ان سان به سماج کي وڏو فائدو ٿيندو. ھونئن توھان دوستن کي مزي جي ڳالھ ٻڌايان ته ڪئي سال اڳ منھنجي بي اي به آرٽس جي انھن ئي سبجيڪٽس ۾ ٿيل آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے