Ali Memon

آئين جي گولڊن جوبلي ۽  ملڪ جا بحران

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

ملڪ جي 1973ع واري وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني آئين جي ٺهڻ کي  پنجاهه سال مڪمل ٿي ويا، هن وقت سموري   ملڪ ۾ آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ واريون تقريبون ۽ ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون هلندڙ آهن.10 اپريل 2023ع آئين جي گولڊن جوبلي واري ڏينهن تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي وزير اعظم ميان شهباز شريف، آئين ٺاهيندڙ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، ملڪ جي پارلياماني جماعتن جي قيادت خطاب ڪيا ۽ سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج، جناب جسٽس فائز عيسي قاضي خصوصي دعوت  تي هن گولڊن جوبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خطاب ۾آمريڪا جي اسڪولن ۾آئين جي بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ دنيا جي جمهوريتن ۾آئين جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

يقينن، ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ قومي اسيمبلي کي بااختيار بڻائڻ، ملڪ کي وفاقي مملڪت ۽ جمهوري بنياد مهيا ڪرڻ وارو 1973ع جو آئين پارليمان مان متفقه طور منظور ڪرائڻ وارو ڪارنامو پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سرواڻي ۾ڪيو ويو، جيڪو ملڪ کي پنهنجي بهتر حال ۽ شاندار مستقبل جي بنياد مهيا ڪري ويو. هن آئين ٺهڻ سان ملڪ کي پنهنجي قائم ٿيڻ وقت ملڪ جي وفاق ۾ شامل ٿيندڙ قومن سان ڪيل عمراني معاهدي جي واعدي کي پهريون ڀيرو لکت ۾ آئيني دستاويز جي صورت ۾ سمورين ڌرين جي اتفاق سان قبوليو ويو.

ملڪ جي آئين جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ باب ملڪ ۾ وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني سرشتو قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ قومي اسيمبلي کان علاوهه  سينيٽ آف پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ آهي جنهن ۾سمورن صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل آهي . سينيٽ آف پاڪستان کي ملڪ جي پارلياماني سرشتي ۾وفاق جي علامت ۽ وفاقي اداري طور مٿين ايوان جي حيثيت حاصل آهي.  ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽عملداري لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي مٿين ايوان طور اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي. ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪندڙ جمهوري ۽ سياسي قوتن ۽ ملڪ تي هڪ هٽي ۽ آمريت قائم ڪندڙ آمرن ۾جيڪا ڊگهي ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه ٿيندي رهي آهي.

اها اسان جي ملڪ جي تمام ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ سياسي تاريخ آهي، هن جدوجهد ۽ جهاد ۾ آئين جي خالق، وزير اعظم قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي جنرل ضياء واري ڪهري دور ۾ آئين کي معطل ڪري عدالتي قتل جو شڪار ڪري شهيد ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو بعد سندس شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو صاحبه آمر ۽ آمراڻي راڄ خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ سندن  قابل فخر سورمي ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو مظلوم عوام جي قيادت ڪئي ۽ جمهوري تحريڪ جو علم بلند ڪيو ۽ عوامي هلچل جي قيادت ڪئي آخرڪار آمر جي حادثي جو شڪار ٿي خاتمو ٿيڻ بعد ملڪ ۾ وري جمهوريت ۽ آئين جي بحالي وارو سج اڀريو.

قديم سنڌو ماٿريءَ جي قومن وارو هي قدرتي ملڪ جيڪو پنهنجي نئين نالي وفاق پاڪستان جي صورت قدرتي وفاق واري صورت ۾متحد آهي. ملڪ انيڪ بحرانن، آئيني ۽ سياسي گوٽالن ۽ طوفانن جي باوجود وفاقي جمهوري سرشتي کي بچائي اڳتي وٺي هلي رهيو آهي. اهو يقينن ملڪ جو 1973ع وارو آئين ئي آهي جيڪو سمورن صوبن ۽ قومن کي وفاقي ۽ تاريخي زنجير جي صورت ۾ هڪٻئي سان گڏ ۽ متحد رکي اڳتي وڌي رهيو آهي.ملڪ جو جمهوري سرشتو ڪيترا ئي ڀيرا حادثن جو شڪار ٿيندو رهيو آهي.

جنرل مشرف واري حڪومت پڻ هڪ وچ واري عرصي ۾ هڪ آمراڻو دور گذريو آهي جنهن پڻ ملڪ کي تمام گهڻو هاڃو رسايو۽ان بعد سندس باقيات، رانديگرن جي ڪپتان جي صورت ۾آمرن جي سهولتڪارن طرفان 2018ع واريون عام چونڊون چوري ڪري ملڪ تي هڪ سولين ڊڪٽيٽر ۽ بددماغ شخص کي وزير اعظم بنائي آڻي ملڪ مٿان مسلط ڪيو ويو جنهن جي چئن سالن واري گذريل دور ۾ ملڪ وڃي گوڏا کوڙيا ۽ انيڪ تباهين جو شڪار ڪيو ويو.اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي آئين جي خاتمي، صوبائي خودمختياري کي رد ڪري ملڪ جي جمهوري ۽ وفاقي سرشتي جو خاتموڪري صدارتي نظام ۽ هڪ جماعتي آمريت قائم ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ وارو زور لڳايو ويو ۽ ملڪ ۾وري ون يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن حيلا هلايا ويا پر ملڪ جي جمهوريت پسندن جي مزاحمت ۽ ردعمل کين ناڪام بڻائي ڇڏيو. دنيا ۾پاڪستان جي سڃاڻپ هڪ جمهوريت پسند عوام جي تحريڪي ملڪ واري آهي، هزارين سالن جي سڀيتا ۽ قديم قومن واري هن ماٿري ۽ ملڪ جي قومن جو هڪٻئي سان رشتو ۽ لڳ لاڳاپا نه صرف قديم آهن پر انهن جو هڪٻئي سان نسلن وارو آهي جيڪي هڪٻئي سان رت جي رشتن ۽ خاندانن ۾ پڻ شامل آهن ۽ سندن ثقافت ۽ سڀيتا پڻ هڪٻئي جي ويجهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هنن جو مزاج پڻ هڪجهڙو آهي جنهن ۾هر وقت، آمريت ۽ ڏاڍ خلاف جذبا ڇوليون هڻندا رهن ٿا، يقينن اهو مٽي جو تاثير ۽ رت ۽ ڌرتي ۽ هتي جي پاڻي جو ئي قدرتي اثر ۽ گڏيل ساڃهه جو اظهار پڻ آهي.

ملڪ ۾ هن وقت چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس عمر عطا بنديال جي ڪردار ۽سندس سربراهي ۾ بنچ جي پي ٽي آءِ ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حق ۾پاڻمرادي نوٽيس تي  جاري ڪيل  فيصلي موجب پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن ڪرائڻ ۽ وفاقي حڪومت کي هر صورت ۾انهن چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ واري حڪم بابت سموري ملڪ ۾ بحثن ۽ تڪرارن جا طوفان اٿي کڙا ٿيا آهن. عجب معاملو آهي ته، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي غير دانشمنداڻي ضد ۽ ڪمزور فيصلي تحت  سندس جماعت جي پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي حڪومتن ۾اتان جو  اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ويون ۽ ان بعد وري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انهن اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پڻ درخواست دائر ڪئي وئي. هن مفت خورن ۽ دادلن جا اهڙي قسم جا ڪم ۽ عمل ملڪ ۽ قوم سان يقينن  مذاق ۽ توهين ڪرڻ وارو عمل ڪيو ويو آهي جنهن جي هن کان پڇا ٿيڻ ۽ کيس ملڪ جي عدالتن طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺي آئين ۽ عوام جي توهين ڪرڻ ۽ ملڪ جي جمهوري سرشتي کي نقصان پهچائڻ بجاء مشهور سهولت ڪارن طرفان وري مظلوم ۽ گهوٽ ۽ هيرو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي  يقينن، هڪ وڏي ٿيل خرابي ۽ نقصان جي ازالي بجاء ان تي پردو رکڻ ۽ جوابدارن جي طرفداري ڪرڻ وارو عمل پڻ ملڪ جي عوام، آئين ۽ صوبن جي توهين ڪرڻ وارو هڪ ٻيو عمل ڪيو ويو ، جنهن تي سموري ملڪ ۾ گوڙ متل آهي. حڪومت عدالت جي اڻوڻندڙ فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني رستا ڳولهڻ ۾ مصروف آهي ته ٻئي پاسي، سپريم ڪورٽ جي قانوني ۽ آئيني معاملن تي عدالت جي اندر ڪيترن ئي جج صاحبان ۽ حڪومت طرفان پڻ تڪرار سامهون اچي ويا آهن.ملڪ جي هن قسم جي سياسي ملاکڙي رياست جي سمورن ادارن جي زبون حالي ۽ ڏارن تان پردو کڻي ڇڏيو آهي.

ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ملڪ کي ڪنهن وڏي تباهي جي ور چاڙهڻ جا سمورا انتظام ٿي چڪا هئا پر شايد قدرت کي اسان جي حال تي رحم اچي ويو ۽  ڏڦير پکيڙيندڙن جي  اوچتو پڪڙجي پوڻ ڪري ملڪ مڪمل تباهي کان ته بچي ويو آهي پر تنهن هوندي به تمام وڏن ۽ موتمار زلزلن جو شڪار ضرور ٿي رهيو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے