Ali Memon

آئين، پارليمان جي توهين ۽ انصاف جو تماشو

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ انصاف جو تماشو وڏي پيماني تي هلندڙ آهي، اچرج وارو معاملو ته اهو آهي ته پارليامينٽ جي وجود مان پيدا ٿيل آئين ۽  ادارن طرفان نه صرف پارليامينٽ کي للڪارڻ وارو ڪم ٿي رهيو آهي پر هڪ اداري جي چيف ۽ سندس بئنچ طرفان پنهنجي زور ۽ حڪمن کي لاڳو ڪري ملڪ جي سمورن ادارن تي سڌو سنئون پنهنجي حڪمراني پڻ قائم ڪرڻ وارا  ٿيندڙ واقعا ۽ ان جي نتيجي ۾ پارليامينٽ جي ردعمل وارا منظر پڻ ٿيندا نظر اچي رهيا آهن. سمورو ملڪ حيران ۽ پريشان آهي ته ملڪ ۾بناڪنهن اصول ۽ قانون ۽ قاعدي جي”جيڪو ڏاڍو سو گابو“  يا”ڏاڍي جي لٺ کي سئو مٿا“ وارا هٿرادو قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ارهه زورائي ڪرڻ وارا  جيڪي ڪم ٿي رهيا آهن، انهن سموري ملڪ کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

آئيني ادارن ۾ آئين ۽ قانون جي لتاڙ ۽ انصاف ۽ اصولن جي حرمتي ۽ بيقدري جو بي رحمي سان جيڪو جمع بازار لڳل آهي ۽ زور آزمائي ۽ پنهنجي پسند نا پسند وارا ڪم ۽ ڪارگذاريون  ملڪ جي وڏن ادارن ۾کليل نموني ۾ حادثن ۽ واقعن جي صورت ۾ جهڙي ريت منظر عام تي اچي رهيون آهن  اهي يقينن حيران ڪندڙ آهن. ايئن معلوم ٿي رهيو آهي ته ملڪ ڪنهن به قانون آئين، اصول ۽ انصاف تي هلڻ وساري ويٺو آهي ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ  پنهنجا قانون ۽ پنهنجن لاڏلن لاءِ  پنهنجا اصول لاڳو ڪيا پيا وڃن.

سپريم ڪورٽ جي بئنچ طرفان وفاقي حڪومت ۽ ان بعد گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي سڌي ريت جاري ڪيل حڪم نامن موجب پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون 14 مئي تي ڪرائڻ لاءِ  21 ارب رپيا بنا دير اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ واري فيصلي جي پارليامينٽ مان ٻه ڀيرا رد ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڊيڊ لاڪ  پيدا ٿيل آهي.

عجب تماشو آهي جو ادارن ۾ موجود سهولتڪارن طرفان 2018ع ۾ ملڪ جون چونڊون چوري ڪرڻ وارو ناجائز ڪم وڏي دليري سان سرانجام ڏنو ويو ۽ انهيءَ غير آئيني ۽ غير آئيني ڏوهه جي ذريعي  چونڊون چوري ڪري  هڪ بددماغ ريٽائرڊ رانديگر ۽ ڪپتان کي ملڪ مٿان مسلط ڪرڻ وارو حادثو ۽ سانحو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ صرف چئن سالن جي حڪمراني ۾ ملڪ وڃي گوڏا کوڙيا. ان بعد ڪپتان سرڪار جي ناڪام ثابت ٿيڻ بعد ملڪ جي پارلياماني ۽ سياسي قوتن کي جڏهن  جوابدارن کان ملڪ ڇڏائڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم کي ٿاڦيل قرار ڏيئي بي اعتمادي واري رٿ ذريعي پارليامينٽ ۾ شڪست ڏئي حڪومت ختم ڪئي وئي ته، سهولتڪارن سان گڏ سرپرستن ۾ پڻ ٿرٿلو مچي ويو ۽ هڪ هٿ ٺوڪئي طريقيڪار تحت قومي اسيمبلي جو ئي خاتمو ڪرڻ وارو ڪم ڪيو ويو پر اهو عمل عوام ۽ سپريم ڪورٽ طرفان  رد ڪرڻ ۽ غير آئيني قرار ڏيڻ تي حڪومت وڃائيندڙ جماعت جي چيئرمين ۽ ڪپتان طرفان  قومي اسيمبلي مان اجتماعي استعفائون ڏيڻ وارو ڪم ڪيو ويو. ان بعد پنجاب اسيمبلي ۽ خيبرپختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ وارو اڻوڻندڙ ڪم ڪيو ويو ۽ سموري ملڪ جي عوام جي توهين ۽ آئين ۽ قانون جو تماشو بڻايو ويو  ۽ اڳتي هلي ملڪ کي احتجاجن ۽ لانگ مارچ جو شڪار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اڄ ملڪ ۾جيڪا ڪڪڙن ۽ رڇن واري  ويڙهه ٿي رهي آهي اهي ڪم انهن حادثن ۽ واقعن وارو ئي هڪ سلسلو آهي جيڪو پڄاڻي تي پهچڻ کان اڳ ملڪ ۾ تباهين مٿان تباهيون آڻڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

ملڪ ۾ پارليامينٽ ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ سندس بئنچ جي اختيارن کي چيلنج ڪرڻ واري ڪيل ڪارروائي کانپوءِ هاڻي حڪومت  ۽ رياست جي ٽئين مک اداري فوج جو ردعمل پڻ گذريل ڏينهن. قومي اسيمبلي هال ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئيمرا اجلاس جي حوالي سان جيڪي خبرون منظر عام تي اچي چڪيون آهن .وفاقي حڪومت ۾ شامل سياسي قيادت جي موجودگي ۾ آرمي چيف طرفان جيڪو اظهار خيال ڪيو ويو ۽ ملڪ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي رڪارڊ ٿيو ۽ منظرعام تي آيو آهي ان موجب آرمي چيف طرفان آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آرمي چيف جو چوڻ هوته” طاقت جو محور عوام آهي، آئين چئي  ٿو ته اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندو. پارليامينٽ ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي معاملن ۽ مسئلن بابت ٿيل انهي بريفنگ ۽ ڪارروائي بعد ملڪ جي وايو منڊل ئي تبديل ٿيندو نظر آيو ۽ نظر ايندڙ تبديلين جو مشاهدو پڻ ڪيو ويو.آهي.

پارليامينٽ هال ۾قومي سلامتي بابت هن اهم اجلاس جي بند ڪمري واري ٿيل ڪارروائي بابت آرمي چيف جون ڳالهيون جيڪڏهن ميڊيا ۾درست رپورٽ ٿيون آهن ته پوءِ ان جي معني اها ٿي ته، ملڪ پارليامينٽ جي اختيارن ۽ حڪومت جي مرضي سان هلندو ۽ هاڻي سمورن آئيني ادارن کي پنهنجي حدبندين ۾ رهڻو پوندو ۽ حدون اورانگهيندڙ يا للڪاريندڙ ڌرين سان پڇاڻو پڻ ڪيو ويندو ۽ سزا ۽ جزا ڏيڻ واريون ڪارروائيون پڻ ڪيون وينديون ۽ جوابدارن کي سندن انجام تي پهچايو ويندو.

ملڪ جو سرشتو سڌارڻ جو هن وقت جيڪو موقعو هٿ آيو آهي ان موجب ملڪ تي آئين ۽ قانون جي عملداري لاءِ  قدم کڻڻ کانسواءِ ملڪ ۽ حڪومت جو هلڻ تمام مشڪل ٿيندو صاف نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو ملڪ هن وقت جنهن قسم جي پنڃ ڊاهه ، سياسي، معاشي بحرانن ۽ امن وامان جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ان حالت ۾ ملڪ ۾ جمهوري ۽ سياسي استحڪام ۽ آئيني ادارن ۾ اتحاد ۽ سهڪار جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ڪنهن به آئيني اداري کي آئين ۽ پارليامينٽ کي للڪاري ۽ ان کي مفلوج بڻائي ملڪ تي پنهنجو راڄ ۽ ڌاڪو قائم ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. ملڪ ۾ورهين کان جاري اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي.

پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ظاهري طور تي هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن. پارليامينٽ طرفان پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي حڪومت جي موڪليل سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو ويو ۽ عدالت جي حڪم کي تڪراري ۽ آئيني حدن کان ٻاهر قرار ڏئي ان عمل کي توهين پارليامينٽ پڻ قرار ڏيئي ڇڏيو ويو آهي ۽ ججن کان پڇاڻو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن، وفاقي حڪومت، وزير اعظم ميان شهباز شريف  ۽  وفاقي ڪابينا ظاهري طور تي سپريم ڪورٽ جي سامهون ٿيڻ کان يقينن پاڻ بچائي رهي آهي ۽ پنهنجو ڪيس ۽ مشڪلاتون پارليامينٽ جي حوالي ڪري آئيني ڍال ۽ بچاءُ بند پٺيان پاڻ کي محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن جي تازو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ ڄاڻايل بئنچ جي ججن سان ڪيل ڊگهي خاص گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل بريفنگ بعد امڪان آهي ته، هاڻي رياستي ادارن ، حڪومت ۽ پارليمان ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ  ۽ ٽڪراءُ کي گهٽائڻ وارو رستو نڪري سگهي ٿو.

قومي اسيمبلي ۽ سمورن صوبن جي اسيمبلين جي پنجن سالن واري سندن مدت آگسٽ ۾ مڪمل ٿي رهي آهي تنهنڪري پنجاب ۾ چونڊن ذريعي هڪ ڌر جي حق ۾ماحول ٺاهڻ بجاءِ  سموري ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ سمورن صوبن جي اسيمبلين جي هڪ  ئي وقت ۽ هڪ  ئي تاريخ تي عام چونڊون ڪرائڻ بابت اتفاق ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪا صورت نظر نه ٿي اچي،  حڪومت، حڪمران اتحاد ۽ مخالف ڌر جي جماعتن کي آخرڪار هڪ جاءِ گول ميز ڪانفرنس يا آل پارٽيز ڪانفرنس جي صورت ۾ هڪ جاءِ ويهي پنهنجن مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ  ڪنهن به  هڪ تاريخ تي اتفاق ڪرڻو پوندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے