خبرون

ملڪ سیاسي غیر یقیني صورتحال مان نڪرڻ جي ويجهو؟ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ راضي

ملڪي سياست ۾ اهم اڳڀرائي، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ راضي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي سياستدانن کي گڏ ويهارڻ جي ڪوششن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته […]

بلاول ڀٽو زرداري

مارشل لا جو خدشو آهي،ججن کي سوچڻ گهرجي : بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين , پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مارشل لا جو خدشو آهي، چيف جسٽس سميت ٽنهي ججن کي سوچڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير بابت ڪيس تي لارج بئنچ نه ٺهي ته مارشل لا جو خدشو آهي.بلاول ڀٽو […]

ڊالر

ڊالر جي اڏام جاري، وڌيڪ 7 رپيا مهانگو، بينڪن کان ورتل حڪومتي قرضن ۾ هڪ هزار ارب رپيا واڌ

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۽ اوپن بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر نئين تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. پرڏيهي مٽاسٽا جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ گهربل شرطون پوريون ڪندي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جا نتيجا ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي منڊي ۾ نظر آيا. […]

مڪاني چونڊون

ڪراچي ۾ ڪابه پارٽي اڪثريت ماڻي نه سگهي ، پيپلز پارٽي93، جماعت اسلامي86۽تحريڪ انصاف40 سيٽن تي ڪامياب

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي هڪ ڏينهن کانپوءِ سمورين 235 يونين ڪائونسلن جا عبوري نتيجا جاري ڪري ڇڏيا. ڪابه پارٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. ميئر چونڊرائڻ جي لاءپارٽين کي هڪٻئي سان اتحاد ڪرڻ مجبوري بڻجي وئي. رپورٽ موجب، اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي مڪاني چونڊن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ […]

وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس

توانائي بحران : بچت پروگرام پڌرو ، مارڪيٽ ساڍي 8 وڳي ۽ شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان

وفاقي حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاء بچت پروگرام ڏئي ڇڏيو ، بچت پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ شادي هالز رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪيون وينديون. وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي بچت بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني […]

عمران خان دور حڪومت

ڪپتان سرڪار دوران ، ملڪ ۾ اڻ اعلانيل آمريت هئي ، پلڊاٽ

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊيولپمنٽ اينڊ ٽرانسپرنسي پاران پاڪستان ۾ جهموريت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پلڊاٽ جي جاري ڪيل رپورٽ موجب چاليهه ورهين ۾ اسٽيبلشمينٽ سياستدانن سان ڳٺ جوڙ ڪري گيم کيڏي ۽ جهموري نظام سان هٿ چراند ڪئي .رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جهموري نظام خلاف ڪيل سازش وائکي ٿي، […]

وفاقي سڌسماء واري وزارت

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائيبابت ، ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط ڪوڙو قرار

اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. […]

صدر ڊاڪٽر عارف علوي

پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون اد رکيون وينديون، شهيدن جي قربانين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر […]

سيڪيورٽي الرٽ

ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو خطرو، الرٽ جاري

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگرد واقعن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي خطري بابت گهرو کاتي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو گهرو کاتي خط جي متن ۾ چيو آهي ته ٽن پابندي مڙهيل تنظيمن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو […]