پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊيولپمنٽ اينڊ ٽرانسپرنسي پاران پاڪستان ۾ جهموريت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
پلڊاٽ جي جاري ڪيل رپورٽ موجب چاليهه ورهين ۾ اسٽيبلشمينٽ سياستدانن سان ڳٺ جوڙ ڪري گيم کيڏي ۽ جهموري نظام سان هٿ چراند ڪئي .
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جهموري نظام خلاف ڪيل سازش وائکي ٿي، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت پارليامنٽ، سياسي پارٽين، عدليا ۽ بيورڪريسي سميت سمورن ادارن کي مفلوج بڻائي ڇڏيو تنهنڪري خرابي جي خاتمي لاءِ غيرآئيني ڪارروائين خلاف سنجيدا قدم کڻڻا پوندا.
پلڊاٽ مطابق اليڪشن ڪميشن آئيني خودمختياري جو استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن طرفان سخت الزامن کي منهن ڏيڻ جهموريت لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي.
پلڊاٽ جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته نومبر 2022ع ۾ آرمي چيف رٽائر ٿيڻ وقت چيو ته هاڻي فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي، فوجي ڪمان جي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو، فوج جي نيوٽرل ٿيڻ جا فائدا شايد فوري حاصل نه ٿين پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سياست کان ڌار رهڻ واري عزم تي قائم آهي ته جهموريت ۾ بهتري جي اميد آهي.
پلڊاٽ موجب عمران خان جي دور ۾ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل آمريت هئي، ان آمريت سبب عمران خان پاڻ هو يا کيس حاصل اسٽيبلشمينٽ جي حمايت اِهو چوڻ ڏکيو آهي.
پلڊاٽ رپورٽ موجب عمران خان وزيراعظم طور پنهنجي حڪومتي طور طريقن جو ذميوار فوج کي قرار نه ڏنو پر اقتدار وڃائڻ کانپوءِ مڃيو ته کيس فوجي حمايت حاصل هئي، بجيٽ منظور ڪرائڻ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ هن فوج کان حمايت گهري هئي، عمران خان جي حڪومت تڏهن ختم ٿي جڏهن فوج هُن مان هٿ ڪڍيا.
پلڊاٽ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته اِها حقيقت آهي ته اتحادي حڪومت فوج جي حمايت کانسواءِ اقتدار حاصل نه ڪري سگهي ها ۽ ڪپتان سرڪار دوران ، ملڪ ۾ اڻ اعلانيل آمريت رهي.