فڪري ڪنگالپڻي جي دور ۾ اڄ ڪلھھ وڏو چرچو آھي پاڪستاني جي نون خيالن جي (remaining Pakistan)پراڻن سوداگرن در فطنيونڪا(ڪنھن جي ئي ڪيل لڙ کي اڳتي ڦھلائڻ) معاشي ڏيوالي جي اڳيان فڪري بي وسي جو عالم اھو آھي تھ آءِ ايم ايف جي پراڻن پٽيل نسخن کانسواءِ ڪنھن کي ڪجھھ نٿو سجھي پيو،خاص جي قبضي جو ذڪر تھ گھڻو ئي آھي پر ”حالتن جو سڌارو “ غريبن لاءِ ڪجھھ خيراتي ڦڙن کان اڳتي نٿو وڌي. معاشي سلامتيءَ واري ڳچي ۾پيل دھل کي وڄائڻ وارن ۾ اها جرئت به نه آهي ته اھي سلامتي جي ٻوجھھ جو سرسري ذ ڪر ئي ڪري ڇڏين.
هاڻي پاڪستان جي نئين سر تصور ڪندڙ ڌر (جنهن ۾ آءِ ايم ايف جو حامي مفتاح اسماعيل ۽ جنرل ضياءَ جو شيدائي خاقان عباسي وغيره باجي وڄائيندڙن ۾ شامل آهن)وٽ ڪو نسخو آھي تھ عالمي سرمائيداري وٽ ھٿ ڊگھيرڻ واري لاڳاپي کي ٻيهر قائم ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪرڻ جو آهي ته جيئن پاڪستاني خواص پنھنجي ئي پيدا ڪيل بحران مان نڪري وڃن.امڪاني ٽيڪنوڪريٽڪ رجيم (جيڪا ھاءِ برڊ رجيم جو تسلسل آھي) جي ھنن نون درخواست ڪندڙ ن وٽ نت تھ ڪو عوامي خوشحالي جو ڪو پروگرام آهي، نھ ئي حقيقي متحرڪ معيشت جي ڪا حڪمت عملي. جيڪڏهن اهي پاڪستان جي نام نهاد ”قومي بورجوازي“ جي ئي نمائندگي ڪري رهيا هجن ھا ته گهٽ ۾ گهٽ مفت خور رياست جو بار گهٽائڻ جي ڪا تھ ڪوشش ڪن ها. نون خيالن جي،انهن مبلغن وٽ تھ عوام جي منشا ۽ قومي ترقيءَ جي ڪا عمل واري راھھ نھ آھي. تعليم هجي يا صحت هجي يا روزگار هجي، مطلب ته انھن سمورين سماجي خدمتن کي اھي پرائيويٽ منافعي خورن جي سيج تي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي هوشياريءَ تي ناز پيا ڪن.
سڄي ميڊيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن آءِ ايم ايف جي پراڻي ۽ پٽيل نسخي تي تنقيد ڪئي آهي ته ڊاڪٽر اڪبر زيدي، تيمور الرحمان ۽ ڊاڪٽر اڪمل حسين يا وري جيڪڏھن ڪنهن پاڪستاني اميرن جي سوشيالوجي جو پروگرام چاڪ ڪيو آھي تھ اھو صرف ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي ڪيو آھي.باقي سڀ منافقت جو شڪار آهن. رھي ڳالھھ پاڪستان جي معيشت جي آزمودگاري مستري اسحاق ڊار جي اھو ويچارو ڊالرن جي کوٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو دوست ملڪن جي مدد واري پائيپ لائين ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ سندس پياري روپئي جي قيمت ٻڏي وئي آهي. جڏهن ته ٽنهي پارٽين معيشت جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان سندس مرضي موجب واعدو ڪيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽونٽي لڳائي ڇڏي،سندس پارو روپيو ڌڙام سان وڃي ڪريو،جڏھن تھ ٽنھي جماعتن ميثاق معيشت تھ ڪڏھن جو آءِ ايم ايف وٽ گري رکي ڇڏي آھي.ھاڻي آءِ ايم ايف جي ڪاتي وھڻ جو وقت آھي،اھو ئي مفتاح اسماعيل به چاهي ٿو ۽ پاڪستان جو عوام جيڪو اڳ ئي مهانگائي جو شڪار آهي، اهو وڏن جھٽڪن سھڻ لاءِ تيار رهي.
اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ ن جي سپر هيرو مريم نواز اميد جي شمع روشن نھ ڪيئن ڪندي جو حڪومت جون سموريون ڦرتيون بھرحال آءِ ايم ايف جي در تي ھمت ھاري پيون آھن.
جيستائين بي خوف ترقي پسند سياسي معيشت دان ۽ انقلابي سياستدان هڪ سماجي ڦيري، چين جي مدد سان هڪ معاشي ڇلانگ ۽ عوامي ترقي ۽ سلامتي جي نظرئي سان گڏ سامھون نھ ايندا، تيستائين پاڪستان جي قرضن ۾ لت پت ۽ ڀاڙي خور معيشت ھن عذاب ۾ ورتل رهندي. ان جي نوآبادياتي رياست ۽ ان جي دائمي بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي. مالي، واپاري ۽ مالي خساري جي هڪ اهڙي بيماري جون علامتون آهن جن جو عارضي حل صرف آءِ ايم ايف وٽ آهي، جيڪو ان مرض جي جڙ دائمي رکڻ جو نسخو آهي. هڪ خوشحال،عوامي لحاظ سان ترقي يافته ۽ جديد پاڪستان جون، تخريب ۽ تعمير جون ٻه حڪمت عمليون هيٺ ڏجن ٿيون، پهريون سوال سياسي معيشت جو آھي، بيماري جو بنيادي سبب خواص جي ناجائز قبضي کي ختم ڪرڻ جو آھي،جنھن جو تعلق موجودھ پاور اسٽريٽجي سان آھي. ان کي ٽوڙڻ کانسواءِ نھ خواص جو قبضو ختم ٿيندو ۽ نه ئي سندن عياشيون ۽ مفت خوري جان ڇڏيندي. عمران خان صرف مفت کائڻ وارن کي گڏ ڪري ٻين جي مفت ماني کي ختم ڪرڻ سان وچولي طبقي جي غير سياسي مقصدن جو ڀلو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو به سڀني کان مفت کائڻ وارن ادارن آشيرواد حاصل ڪري. هڪ زرعي ملڪ چند هزار وڏن زميندارن ۽ غير منافعي بخش کيتي ٻاڙي سان غذائي ڪفالت جي قابل بھ نھ آھي. جامع زرعي سڌارن، گهٽ ۾ گهٽ زمين جي مالڪي جي تعين ڪرڻ ۽ هارين جي وڏي تعداد زمين ۽ زراعت جي جديد سهولتن جي فراهمي کان سواءِ زراعت هڪ معاشي بار بڻجي ويندي.
پاڪستان جي سرمائيداري بنيادي طور تي مفت خور ۽ ڀاڙي خور واري آهي، جنهن جو فائدو صرف مافيائن کي ملي ٿو، جنهن ھن وقت بھ پنھجي تھھ خانن ۾ اربين ڊالرن جا ذخيرا لڪائي رکيا آهن. انهن جو مکيه مرڪز اسٽيٽ بزنس يا واپار آهي ۽ ان تي وڌندڙ ويجھندڙ لائف اسٽائل ۽ پکڙندڙ هائوسنگ سوسائٽيون.
معيشت جي دستاويزن کان بچڻ، ٽيڪس چوري ۽ ڪاري ناڻي جو فروغ انهن جو طريقو آهي. صرف جيڪڏهن ان کي درست ڪيو وڃي ۽ غير پيداواري خرچن کي گهٽايو وڃي ته بجيٽ جو خسارو ختم ٿي سگهي ٿو. سڄي گماشتھ بورجوا معيشت جو ڊانچو درآمدي، اشيا پرستي ۽ عيش و عشرت واري کپت تي ٻڌل آهي ۽ برآمد صرف خام مال يا گهٽ قيمت جي شين تائين محدود آهي. توهان اڄ جي دور ۾ هڪ پٺتي پيل صنعتي، ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي بنيادن تي برآمداتي معيشت نٿا بڻجي سگهو ،ڀلي برآمد ڪندڙ کي ڪيتريون ئي رعايتون ڏيو، نوجوانن جي بي پناھھ تعدا تي ناز ڪندڙن ڪڏھن اھو سوچيو آھي تھ تعليم ۽ تربيت،جديد سائنس ۽ٽيڪنالاجي جي حاصل ڪرڻ بنا نوجوان نسل سونھن ڀريو روح بڻجي ويو آهي. جڏهن سڄي تعليمي نظام کي مدي خارج ۽ جهالت جي حوالي ڪيو ويندو ته اهي نوجوان ڪٿان ايندا جيڪي هن ملڪ کي اوج تي وٺي ويندا.
اسان جا حڪمران جنهن اينٽي ڪلچر بيڪارگي ۽ نمائشي رجحان کي پروان چاڙهي رهيا آهن، ان جو عڪس هر هنڌ اجنبيت ۽ ويڳاڻپ ۾نظر اچي ٿو. نون خيالن جي علمدارن وٽ ان مسئلي جو ڪھڙو حل آهي ته ھڪ ڪمزور ۽ قرضن ۾ ورتل ھٿ ڊگھريندڙ رياست جي مٿان جيڪو ھيترو سارو غيرپيداواري ۽ مفت خور رياستي سپر اسٽرڪچر جو سھي نھ سگھڻ جو بار هيٺ رکيل آھي. ان کي لاھڻ بنا معاشي ترقي ۽ قرضن کان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ٿيندو؟
ڪو بھ اهو چوڻ لاءِ ڇو تيار ناهي ته پاڪستان پنهنجي 75 سالن جي جاري ”سيڪيورٽي اسٽيٽ“ ۽ ان جي حاصل نه ٿيڻ واري اسٽريٽجڪ مقصدن ڪري پنهنجي وجود جي بحران مان نڪري نه سگهندو. هڪ غريب ايٽمي پاور، جيڪو پئسي جو محتاج ھجي، ڪيئن هلي سگهي ٿو، ڪو اهو مڃڻ لاءِ به تيار نه آهي ته اسان هندستان کان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ مات کائي ويا آهيون، سواءِ ان جي تھ برصغير جي گڏيل تباهيءَ جي سببن سان پاڻ کي وندرائيندا رھون، ڪشمير حاصل ڪندي ڪندي، اسان اوڀر پاڪستان کي وڃائي ڇڏيو ۽ افغانستان کي پنهنجو پنجون صوبو بڻائيندي بڻائيندي اسان کنڊرات جا وارث ٿي ۽ دهشتگردن جي رحم ڪرم جي نذر ٿي رهيا آهيون!