رياض ابڙو

ملڪ ۾ ٻيهر طالبان جو ڏچو

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو 

شيون گھڻي ڀاڱي ڳڻتي جوڳيون ٿينديون ٿيون وڃن جنهن ۾ طالبان جون سوات جي اندر ڪاروايون ڪنهن انديشي کان گھٽ ناهن ته طالبان قوتون وري ملڪ اندر متحرڪ ٿي رهيون آهن جنهن جو نقصان حت الامڪان ملڪ کي ئي ٿيڻو آ، ڇو ته سوات جي اندر ئي ڪڏهن اسڪول وين تي حملو ٿا ڪن ته ڪڏهن وري شاگردن جي ريلي تي حملو ٿا ڪن پر ڪي پي جي سرڪار چپ ڪيون ويٺي آ انهن ۾ ڪو تحرڪ ناهي ته اهي مهل سان انهن شين جي لاءِ ايڪشن وٺي، ڪي پي اندر ڪئي دفعا اسڪولن ۽ ٻارن جي وين تي حملا ٿيندا رهن ٿا يا مسجدن اندر بم ڦاڙي هليا ٿا وڃن، جنهن تي پرائيويٽ اسڪول مينيجمينٽ ايسوسيئيشن نوٽيس يا احتجاج به ڪيو آ ته اهي حملا فورن روڪيا وڃن ۽ صوبائي سرڪار ان ڳالھه جو نوٽيس وٺي، 2007 کان وٺي اهڙا حملا گھڻا ئي دفعا ٿي چڪا آهن 9 آڪٽوبر 2012 ۾ ملالا يوسف زئي تي ”گَن اٽيڪ“ ٿيو هيو جنهن ۾ هوءَ بچي وئي هئي، پر هيل تائين انهن حملن تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، طالبان جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو مرڪز ڦري گهري پاڪستان ئي رهيو آ يا گھڻي ڀاڱي ڪي پي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي سرڪار مسلسل 2013 کان وٺي حڪومت ڪندي ٿي اچي پر ڪا خاطرخواه سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان امپروومينٽ ناهي آئي،

انٽرنيشنل ڪميونٽي ان ڳالھه جي لاءِ سرگردان رهندي آئي آ ته طالبان کي هر صورت پاڪستان مان جڙ کان ختم ڪيو پر حيرت اها به آهي ته چورن کي ڏس ڏئي ڀاڳين کي سجاڳ ڪري وري چون ٿا چورن کي پڪڙي ڏيکاريو معنيٰ ساڳي جاءِ تي چورن جا به ساٿاري آهن ته ان جاءِ تي ڀاڳين جو ساٿ به ڏين ٿا، ڳالھه کي هروڀرو منجهائي ڇڏيو اٿن ان ڪري لوڪل ڏوهاري جنهن ۾ جواري هجي يا نشئي هجي يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڏوھ به ڪندو هجي ته اهو ايترو منظم نه ٿو هجي پر طالبان جي ڏوهن ۾ هڪ ڳالھه ڏاڍي عجيب آ ته اهي منظم ڏاڍا آهن، انهن جي سپورٽ اهڙي ڏاڍي ۽ پختي آهي جو آرمي جا آپريشن ٿي بس ٿا ٿي ته وري اڀري ٿا پون، ضرب عضب ٿي ٿو وڃي ته اهي ئي طالبان انهن کان به ٻيڻا نڪري ٿا اچن يا آپريشن ردالفساد ٿي بس ٿو ٿئي ته اهي طالبان وري ٻاهر نڪري ٿا اچن، ۽ رڳو آهن ڪي پي جي علائقن جا جيڪي ڪڏهن به پڪڙجي نه ٿا سگهن ۾ ڪنٽرول نه ٿا اچن يا ائين به ناهي ته اهي لاهور مان يا لاڙڪاڻي مان دريافت يا درآمد ٿيندا هجن پر آهن رڳو ان صوبي اندر جن سڄي ملڪ جو چين ۽ سڪون برباد ڪري ڇڏيو آ، ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ مسلسل 10 سالن جي حڪومت ۾ به اها ڳالهھ پختي يا پڪي ناهي ڪري سگهي ته طالبان سان آخر ڪهڙي اوزار سان منهن ڏجي جو اهي ختم ٿي وڃن؟ پر هن خان صاحب کي ته جلسن مان فرصت ملي ته ڪجهھ سمجهي ۽ سمجهائي جو ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي ڌر سان ان ڳالھه تي ڳالهائي ئي نه ٿو هن جي سرڪار ۾ اهي طالبان ڪنهن چُرَ ۾ لڪيا پيا هيا يا ڪاروايون گھٽ پيا ڪن هاڻي وري ڪارروايون ٻيڻيون ٿي ويون اٿن، جن مان هڪ ڳالھه مشترڪا ٿي لڳي ته جوبائيڊن جو بيان ۽ طالبان جون تيز ڪارروايون به ان ڳالهھ جو ثبوت آهن ته ملڪ اندر ڪو ممڻ مچڻ وارو آهي جو سيڪيورٽي جا ادارا به وري خاموش نه ويهندا يا وڏو سيڪيورٽي رسڪ نه کڻي اچن، ان ڪري آمريڪا جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ بيان ڪنهن وڏي پريشاني کان گھٽ ناهي ان کي رڳو ائين چئي ٽاري نه ٿو سگهجي ته هٿيار محفوظ آهن ۽ سرڪار کي ڪا ڳڻتي ناهي پر ان ڳالھه جي ڳڻتي آمريڪا سميت سڄي يورپ کي ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته جوبائيڊن جو بيان ٻاراڻو نه ٿو ٿي سگهي ان جي پويان وڏي ڪنسپائريسي لڪل ضرور آهي جنهن کي آمريڪا جي ڪاوڙ ئي سمجهجي، ان ڪري ته اٿندي ويهندي اسان به آمريڪا تي ڪاوڙ پيا ٿا ڪيون امدادون به آمريڪا کان وٺون ۽ ڪاوڙ انهن تي ٿا ڪيون پر ڳالھه چرچي کان چڙهي ٿي وڃي.

ڳالهھ اها به ماري ٿي ته طالبان کائيندو به اسان جي ملڪ مان ۽ دشمني به اسان سان، مثال اهي طالبان ازبڪستان، ترڪمانستان، ايران، قازغستان يا ٻين پاڙي اوڙي جي رياستن سان نه ٿا ڦٽائن، يا انهن سان ٻيا ڪاروبار به ڪندا هوندا يا اتي انهن جا ”ويسٽيڊ انٽريسٽ“ به هجن کڻي پر لاهي پاهي رڳو اسان جي ملڪ تي بيٺا آهن، ان ڪري ڳالهھ اتي ڳوري ٿي ٿي بيهي ته جي سي آءِ اي جا ايجنٽ آهن ته به آمريڪا جي ٻنهي پاسي وڙهن ٿا جي ٻيو ڪو انهن کي پالي ٿو ته ٻنهي پاسي وڙهن ٿا معني ديني ادارن سان به نه ٿا ٺهن، اسڪولن يونيورسٽين تي به حملا ڪن ٿا عسڪري ادارن سان به انهن جي نه ٿي لڳي انهن جي پاليسي ۽ منفيسٽو به منجهيل آهي، مثال جي خالص مذهبي جنگ ۾ رڌل آهن ته افغانستان ۾ انهن جي هڪ دفعو دال ڳري ۽ چپ ڪري ويهي رهن، جي مذهبي ايجنڊا نه اٿن ۽ سي آءِ اي جا ايجنٽ آهن ته رڳو پاڪستان جي ادارن سان وڙهڻ طالبان جي مينيفيسٽو ۾ شامل آ، شهبازشريف به ان ڳالهھ جي ڳڻتي ظاهر ڪري چڪو آ ته طالبان جي پويان انٽرنيشنل قوتون آهن جيڪي انهن کي آپريٽ ڪن ٿيون ته پوءِ ملڪي ايجنسيون رڳو سنڌين ۽ بلوچن کي گم ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ان ڪري ته هن ملڪ کي يا رياست کي رڳو سنڌي بلوچ رياستي دشمن ٿا لڳن باقي سڀ سڄڻ آهن، يونائيٽيڊ نيشنز جي جنرل اسيمبلي به ان ڳالهھ جي تنبيهھ ڪري چڪي آهي ته طالبان جي موجودگي خطرناڪ آ، ان ڪري جوبائيڊن به ساڳي تناظر ۾ پنهنجي ڳڻتي ظاهر ٿو ڪري ته طالبان جي موجودگي پاڪستان جي لاءِ خطرناڪ آ ۽ ايٽمي هٿيارن جي لاءِ به خطرناڪ آ، پر اتي ڳالهھ هڪڙي منجهائي ٿي ته ان کان اڳ طالبان کي عام معافي ڏئي انهن آمريڪي قوتن پاڪستان جو رخ ڪرايو هاڻي جڏهن اهي جيئن تيئن ڪري افغانستان مان نڪري پاڪستاني بارڊر ٽپي آيا آهن ته هاڻي پاڪستان جي لاءِ ڏچو آهي پاڪستاني سرڪار هاڻي انهن طالبان جي لاءِ ڪو انتها درجي جو قدم کڻي معني چورن کي چئي ٿي ته چوري ڪيو ۽ ڀاڳين کي چئي ٿي ته هوشيار ٿي ويهو متان چور چوري نه ڪري وڃن، هاڻي ڇا ڪجي، معني سگهارا ادارا ان ڳالھه جي لاءِ انتها درجي جو وري قدم کڻن جنهن ۾ ضربِ عضب يا ردالفساد جهڙا آپريشن ڪري ۽ طالبان سان وري مهاڏو اٽڪائي آمريڪا سوچي سمجهي اها طالبان واري مصيبت پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ وڌي هاڻي جڏهن وري اهي آپريشن ٿيندا ته اهي طالبان پهرين وانگي جڏهن ضرب عضب ۽ ردالفساد شروع ٿيا هيا ته لڳ ڀڳ چاليھ هزار طالبان بارڊر ٽپي افغانستان ۾ لڪيا هيا هاڻي به ساڳي ڳالهھ ڪندا جو جڏهن هتي طالبان جي خلاف آپريشن ٿيندو ته اهي وري وڃي اتي لڪندا وري اتي ڪارروايون ڪندا ته وري بارڊر ٽپي ايندا آخر اها اک ٻوٽ ڪڏهن ختم ٿيندي، جو ملڪ سڪون جو ساھ کڻندا، ۽ ڪو ترقي ۽ تعليم جو به سوچيندا، پر سڀ ڳالهھ پنهنجي جاءِ يورپ سميت آمريڪا کي به پاڪستان ۽ ايران جون ايٽمي طاقتون زندگي ڀر ۽ تاقيامت هضم ناهن ٿيڻيون ان ڪري آمريڪي ايجنسين کي رڳو بهانو کپي ۽ اهي ان ڳالهھ تي اٽل بيهن ته سدائين جنگي حالت ۾ هجو ڪڏهن طالبان توهان سان وڙهن ته ڪڏهن توهان طالبان سان وڙهو ۽ آمريڪي سازش پئي هلي.

سعودي به ان ڳالھه تي زور ٿو ڏئي ته طالبان جي پروش روڪيو انهن کي وڌڻ کان روڪيو، صوبن يا خاص ڪي پي ۾ تعليم جو ريشو وڌايو، روزگار جا نوان نوان طريقا ڳولي لهو، صنعتون هڻو ۽ ماڻهن کي ان طالبان واري ٽرينڊ مان ٻاهر ڪڍو، پر ڳالهھ اها به منجهائي ٿي ته افغانستان پاڻ طالبان واري دهشتگردي مان تنگ ناهي اهو سمجهي ٿو ته پاڪستان سندن سڄڻ ناهي ۽ اهي طالبان جي پرورش ڪندا رهن ٿا ۽ پاڪستان جي ڪري افغانستان ڏچي ۾ يا افغانين جو سڪون پاڪستانين ڦٽايو آ، پر ڳالھه اها به آهي ته ٻنهي پاسي طالبان آهن، ٻنهي پاسي پختون آهن، ٻنهي پاسي پٺاڻ آهن ۽ ٻنهي پاسي ڏچو آ پر افغانستان جي ڊپٽي فارين مسنٽر شير عباس اچڪزئي جي ڳالھه ڪيئن مڃون ته پاڪستان ۾ طالبان آهن ۽ افغانستان ۾ امن لڳو پيو آهي، يا افغانستان ۾ طالبان پاڻ الڳ الڳ رياستون جوڙيون ويٺا آهن، جنهن ۾ هو پاڻ ۾ پيا ٿا وڙهن، پر طالبان جي هاڻوڪي قبضي کانپوءِ 16 دفعا طالبان آءِ ايس ڪي تي حملا ڪيا آهن، وري ٻئي پاسي پاڪستاني برانڊ جي طالبان جي اها ڪوشش آهي ته اهي آمريڪا سان اندروني ڳٺ جوڙ ڪري افغاني طالبان کي الڳ ڪري ڇڏن ته جيئن انٽرنيشنل سپورٽ هنن جي حق ۾ اچي ۽ آمريڪا هنن کي لفٽ ڪرائي ان ڏس ۾ هاڻوڪي آمريڪي ڌمڪي يا بين الاقوامي دڙڪا به ان ڳالهھ جي نشاندهي ٿا ڪن ته پاڪستاني طالبان ڪنهن وڏي خفي ۾ لڳا پيا آهن ته جيئن افغاني طالبان کي لفٽ نه ملي ۽ سگهارا ادارا هنن جي چنبي ۾ اچن ۽ اهي پاڪستان جي ڌرتي به ٽامو ڪري ڏين ته جيئن آقا (آمريڪا) هنن سان راضي ٿي پئي ۽ سڀ ڪم پاڪستاني طالبان کان وٺن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے