سياسي تماشي ۽ معاشي ڀونچال ۾ اميد جا ڪي ڏيئا روشن ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن. دهشتگردي ۽ نوآبادياتي جبر جي سامھون هن ڌرتيءَ جا جيالا سپوت سينو سپر ڪري اچي رھياآهن. تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن ۽ وڳوڙن ۾ ورتل ضلعن ۾ پختون عوام جو وڏو انگ امن جي جهنڊي سان پهچي ويو آهي. گذريل ڏينهن ڏکڻ وزيرستان جي شهر وانا ۾ دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن خلاف جيڪو عظيم الشان عوامي مظاهرو ٿيو اھو پختون عوام جي امن دوست خواهشن جو مظهر آهي. ان کان اڳ ٻين علائقن ۾ اهڙي قسم جا مظاھرا ڏٺا آهن. خوشقسمتيءَ سان اهي مظاهرا ڪنهن ھڪ تنظيم جي جهنڊي هيٺ نه پر امن جي سفيد جهنڊي سان ٿيا آهن.
جيتوڻيڪ انھن ۾پشتون تحفظ موومينٽ جا نوجوان هر ھنڌ ھر اول دستي جي طور موجود ھئا.پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو تحريڪ طالبان پاڪستان جي خلاف ساراھ جوڳو ۽ مضبوط موقف اختيار ڪيو ويو، جنهن سان گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو مفاهمتي بيان واپس وٺڻو پئجي ويو،پر اڃا تائين ڪا واضح حڪمت عملي سامهون نه آئي آهي.عوامي اڀار جون نيون شڪلون اسان کي بلوچستان جي ساحلي پٽي تي، خاص ڪري گوادر جي بندرگاهه تي حق ڏيو تحريڪ جي ھلندڙ عوامي مظاهرن جي صورت ۾ نظر اچن ٿيون.
حق ڏيو تحريڪ ۾ عورتون، ٻار، نوجوان ۽ بزرگ سڀ شامل آهن. هن کان اڳ به ھنن جا يارنهن نقاطي مطالبن تي مظاهرا ٿيا چڪا آهن ۽انھن جي اڌوري رھجي وڃڻ خلاف وري گذريل ٻن مهينن کان مطالبن جي مڃتا لاءِ ريليون ۽ جلوس نڪري رھيا آهن پر ڪٺ پتلي انتظاميا، ٽينڪر مافيا، وڏن اسمگلرز۽ ڪرپٽ ادارن جي دٻاءُ ۾ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو پر حق ڏيو تحريڪ دٻجي وڃڻ واري نظر نه ٿي اچي. ڇاڪاڻ ته ان کي مڪمل عوامي حمايت حاصل آهي ۽ اھا وسيع بنيادن تي آهي. ان جي مطالبن ۾ وڏن پرڏيهي ٽرالرز طرفان غير قانوني مڇي مارڻ کي روڪڻ، مقامي ماهيگيرن جي حقن جو تحفظ، سرحدي واپار فرنٽيئر ڪور بدران سول انتظاميا حوالي ڪرڻ، چيڪ پوسٽون گهٽائڻ، ايڪسپريس وي تي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي ، صحت، تعليم ۽ روزگار جا مطالبا شامل آهن.
ڪجھھ اھڙي طرح گلگت ۽ بلتستان جا ماڻھون برفباري جي باوجود ھزارن جي انگ ۾ پنهنجي مقامي وسيلن، زمينن جي تحفظ، روزگار ۽ فرقيواريت جي خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻو ڏئي ويٺا آهن ۽ کين ڪو به پڇڻ وارو ناھي.
ائين لڳي ٿو ته جيڪي سڀ کان وڌڪ پٺتي پيل هئا، اهي اڳيان وڌي ڪري انساني، معاشي ۽ سياسي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ ميدان ۾ لھي پيا آهن ۽ اهي ئي مظلوم ۽ جاڳي پيل ماڻهو پاڪستان جي ٻين ماڻھن کي نجات جو رستو ڏيکاريندا. اهي ئي حقيقي اسٽيڪ هولڊرز آهن، جيڪي پاڪستان جا اصل مالڪ آهن، پر پاڪستان تي جن استحصالي طبقن ۽ نو آبادياتي آمراڻي قوتن قبضو ڪيو آھي اھي ڇو ھنن جو آواز ٻڌنديون ؟
هاڻي رياست کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اھا ڪنهن سان گڏ بيهي ٿي؟دھشتگردي جي چئن ڏهاڪن جي مھم جوئي سان جيڪو پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿيو آھي، ان جي جائزي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس منعقد ڪرڻ گھرجي۽ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آھن،انھن تي تفصيلي بحث ڪري قومي لائحه عمل جو فيصلو ڪرڻو پوندو.
روشنيءَ جي هڪ ڪرڻ شايد 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ڪانفرنس آهي ماحولياتي باليدگي ( ريسيلينس) بابت آھي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان حڪومتن ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏن سبب پيدا ٿيندڙ انساني، قدرتي ۽ ماحولياتي تباهي کان پوءِ مصر ۾ ٿيل ماحولياتي ڪانفرنس ۾ اسان جي ماحوليات واري وزير محترمه شري رحمان جي زبردست سفارتڪاريءَ جي نتيجي ۾عالمي ماحولياتي فورم کي ماحولياتي نقصان ۽ ان جي تلافي جي حوالي سان عالمي ذميداري جو احساس ڏياري ويو.
هاڻي 9 جنوري تي ٿيندڙ ڪانفرنس جي ڀرپور تياري ڪئي وئي آھي، هڪ ماحول دوست بحالي ۽ نئين سر تعمير جي رٿا مرتب ڪئي وئي آھي. عالمي مالياتي ادارن جي سهڪار سان 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 16 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم جي ضرورت پوندي. هن سال 6 ارب 78 ڪروڙ ڊالرزگهربل آهن. ايمرجنسي ايڊ جي اپيل تي اڌ رقم ملي سگھي ھئي، جيڪڏهن امداد ڏيندڙن جي دلچسپي اها ئي رهي ته گهٽ ۾ گهٽ 4 ارب ڊالرز بھ ملي ويندا ته پوءِ طوفان ۾ گهيريل ٻيڙي ٻاهر نڪري سگهي ٿي.
وزيراعظم آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. اميد آهي ته جلد ان جو وفد جائزي وٺڻ لاءِ اسلام آباد پهچندو ۽ قوي اميد آهي ته معاملا طئي ٿي ويندا. جيئن ئي اهو جائزو مڪمل ٿيندو ته اميد آهي ته چين، سعودي عرب، امارات ۽ قطر پنهنجا اربين ڊالرز جا وعدا پورا ڪندا ۽ پاڪستان فيبروري يا مارچ تائين مالياتي ڊفالٽ جي خطري کان نڪري ڪري، معاشي ۽ مالي استحڪام طرف وڌي سگھندو.
بھرحال آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عمل ٿيو تھ ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو 250 کان مٿي وڃي سگهي ٿو ۽ مهانگائي جي شرح 30 کان 50 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. اهو ئي اھڙو مسئلو آهي جيڪو اتحادي حڪومت جي ڳچي ۾ پيل آهي. ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته عوام تي مهانگائي جو بار نه پوي پر آزاد منڊي ۾ بليڪ مارڪيٽ واري لاڙي حشر خراب ڪري ڇڏيو آھي ۽ صوبائي حڪومتون ان کي روڪڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيون آهن.ان دوران ان ڇا ڪجي جو عمران خان تيار آھي تھ سياسي بحران ڪنهن نه ڪنهن طرح سونامي بڻجي وڃي ۽ ملڪ ڊفالٽ ٿئي ٿو تھ ڀلي ٿئي. ڇاڪاڻ جو ان جو بار اتحادي حڪومت خاص ڪري پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي مٿي تي پوندو پر پنجاب قلعو لڳي ٿو تھ عمران خان جي هٿن مان نڪري ويو آهي. هن جو زخمي هرڻ پنجاب جي شڪارين جي هٿ چڙھي ويو آهي. چوڌري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ وارو نھ آهي ۽ ھن جو عمران خان سان اسيمبلي ٽوڙڻ جو واعدو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل حلف نامي ۾ تھ ھو اسيمبلي نھ ٽوڙيندو، جي نذر ٿي ويو آھي، ته پوءِ معاملو مھينن تائين ڦاسي ويندو ۽ پنجاب اسيمبلي برقرار رھندي. موجوده اسيمبليون هلنديون رهنديون ۽ جيئن تئين ڪري آئيني مدي طرف رڙھنديون رھنديون.اھڙي صورت ۾ عمران خان کي گهرجي ته هو پنهنجي استعيفيٰ هوا ۾ لھرائي ۽ لوڏيندو رھي. تيستائين جيڪڏهن هو اسيمبلين ۾ واپس نھ اچي ويو ته سندس نااهلي جا ڪيترائي ڪيس انجام تائين پھچي سگھن ٿا.ھو جمھوري سياست جي ولن ٿيڻ بدران ان جو هيرو ڇو نٿو بڻجي ؟ ٻي صورت ۾ هو ھاڻي ھن پيراڻي وھي ۾ پلي بواءِ بڻجي رھجي ويندو.