هڪ آمريڪي چواڻي آهي ته “اِف يو ڪانٽِ بيٽ دَيم جُوائن دَيم“، عربي چواڻي آهي ته ”نڀاڳو ماڻهو ڀلي اُٺ تي سوار هجي ته به ڪتو چڪ هڻيس“ ان ڪري اها ڳالھه به منجهائي ٿي ته 13 مخالف پارٽين اهڙو ڪهڙو ملڪ، رياست جي خلاف ڪم ڪيو آهي، اهڙو ڪهڙو غضب ڪيو اٿن جنهن مان سمجهون ته اهي سڀ ديش دروهي آهن، انهن کان ملڪ نه هلندو، ايف اي ٽي ايف مان جان ڇڏائڻ به هڪ جنگ مثل هيو جنهن ۾ هي چور ڪامياب ٿي ويا پر هاڻي ڪيئن مڃون ته جيڪي به مخالف ڌر ۾ آهن سي ملڪ جا سڄڻ ۽ جيڪي سرڪار ۾ آهن اهي ملڪ جا دشمن آهن.
اهڙي طرز جي سياست هاڻي پاڪستاني عوام جو مقدر آهي ان ڪري ان سياست کي سمجهڻ وقت جي ضرورت آهي، اهي سڀ ڪرسين جي سياست ٿا ڪن ۽ انهن جي سياسي نوڪري تڏهن بحال ٿي ٿئي جڏهن اهي اهڙيون حرفتون ڪري ڪرسي ماڻي ٿا وڃن ان ڪري ان سڄي وارتا ۾ رڳو عوام بي وقوف آهي، پر هاڻوڪي پيش منظر ۾ ڏسجي ته پي ٽي آءِ جي سياست ڄڻ يتيم ٿي وئي آهي جو ڪو اوهي واهي ۽ سرڪاري آشرواد ڪونهين، پر حقيقت اها به آهي ته رياست ۽ اسٽبلشمينٽ سان ٽڪرائي رڳو عوامي سافٽ ڪارنر واري سياست نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته اهڙي سياست ته مذهبي ڌريون به ڪن ٿيون ڇو ته انهن وانگي اها ڳالھه آسان هئي ته رڳو ماڻهو ميڙي روڊ ڀرجن پر انهن جي لاءِ پائيدار ڪرسي ماڻڻ هڪ پل صراط وانگي ٿي ٿي پئي ۽ جي اهو ممڪن هجي هان ته عمران خان ڪرسيءَ کان قبر تائين سياست ڪري سگهي هان ڇو ته هي چاهي ٿو ته تاحيات ڪرسيءَ واري سياست ڪجي پر اها ڳالھه مشڪل به آهي ۽ ممڪن به ناهي.
عمران خان جي سياست سڀني آزمائشن مان نڪري هاڻي ٽنگ ۾ گوليءَ واري ڊرامي ۾ ڦاسي پئي آهي، ان واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ وارا به تشدد واري سياست ۾ ڦاسي پيا آهن جيڪا ڪنهن به طرح ڪنهن شيءِ جو حل ناهي، پي ٽي آءِ جي قيادت جي ٽن ماڻهن جا نالا کڻي ٿي ته اها ڪا نئين ڳالھه ناهي،، ڀلا اها ڳالھه مروج ڪن ته جيڪو به لاقانونيت وارو ڪم، رتوڇاڻ، اڳواڻن جا قتل، جيڪي به غيرانساني ۽ غيرقانوني ڪم ٿين ٿا ته انهن جي زميوار وقت جي سرڪار آهي جيئن پوليس جي سختگيري مان، قانون لاڳو ڪرڻ وارين ڳالهين مان اها ڳالھه به قابلِ تعريف آهي ته ”جيڪو به ڏوھ ٿيندو ان جو ذمو حد جي ٿاڻيدار تي هوندو“ تيئن لاقانونيت واري ڳالھه جو زمو به وقت جي حڪمرانن تي لاڳو ڪن پر رايا ۽ شيون وري ”اسپلٽ“ ٿي وينديون ۽ راءِ ورهائجي ويندي ۽ هڪڙا هڪ ڳالھه جا مدعي ٿي ٿا پوندا ته ٻيا ٻي ڳالھه جي دعويداري ڪري ويهندا.
جلسا جلوس ڌرڻا روڊ رستا بلاڪ به ڪجن، سرڪاري املاڪ ۽ عام ماڻهن جي لاءِ به مشڪلاتون کڙيون ڪجن پر روز روز جو ميلو متل نه هجي، عمران خان 10 مهينا رڳو اهڙا سياسي جلسا ڪندو رهندو، جيستائين اليڪشن ٿئي تيستائين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آرامي نه ٿيندو، چپ ڪري نه ويهندو، پارليامان جي سياست به نه ڪندو، ڇو ته هن کي ڪرسي کپي، ڪنٽينر ان کانسواءِ خان جو گذارو ناهي.
مثال بي بي به ٽن ماڻهن جا نالا کنيا هيا جڏهن محترمه جي مٿان 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچيءَ جي شاهراه فيصل تي هڪ خودڪش حملو ٿيو هيو جنهن ۾ ايجنسين جي تجربي مان اهو ثابت هيو ته سکڻي بم ڌماڪي سان ڪم نه ٿو هلائي سگهجي، ڪنهن به طرح خودڪش حملي آور جي مدد ۽ موجودگيءَ سان پ پ جي اعلي قيادت کي ان حملي ۾ ختم نه ڪري سگهيا جيئن 2004 ۾ ڪراچي جي 12 ربيع الاول واري جلسي ۾ سني تحريڪ جي اعلي قيادت کي بم سان اڏائي ڇڏيو هين پر وري 27 ڊسمبر 2007 واري واقعي ۾ ايجنسين هڪ سِنِپَرشُوٽر جي مدد سان اهڙي ڪاريگريءَ سان ڪاروائي ڪئي هئي جو زبردست پيھه، ماڻهن جي رش، وٺ وٺان، رات جي اونداهيءَ ۾ جتي هٿُ هٿَ کي نه ڏسي ۽ ان سنپرشوٽر کي وڏي ڪاريگريءَ سان استعمال ڪيو ويو جو بي بي جڏهن گاڏيءَ جي روف گلاس مان ٻاهر نڪتي ۽ جوشيلن نعرن جو جواب ڏنائين تيئن ئي ان ٽائيم تي سنپرشوٽر به تيار ويٺو هيو ۽ ان به دير نه ڪئي ۽ بي بي شهيد ٿي وئي، ۽ جاءِ وقوعه تي هنن (قانون جي رکوالن) ڪا شيءِ باقي نه ڇڏي جنهن مان ڪو ثبوت وٺي سگهجي هان ته بي بي کي شهيد ڪندڙ ان سنپرشوٽر جا پويان ڪهڙا هٿ هيا پر هن دفعي عمران خان جي واقعي جي ڳالھه به ساڳي هئي پر حيرت اها به آهي ته اهو ماڻهو جيڪو پسٽول سڌو ٿو ڪري ان جي پويان ڪير ٻيو همراه به سنبريو بيٺو ٿو رهي ته هي فاير ڪري ۽ هو ان کي ان کليل ميدان ۾ قابو ڪري، ۽ ان ڳالھه جي به پڪ ناهي ته گولي هلائي ڪنهن، ڪلاشنڪوف جو بَرسٽُ ڪنهن هلايو ڇو ته هڪ جوان ڇوڪرو جيڪو ڪنٽينر کان هيٺ بيٺو نظر ٿو اچي ان به گولي هلائي ۽ ڪٽينر تي بيٺل همراھ به گولي هلائي ۽ لڳي ڪنهن کي به نه.
هڪ راءِ ته اها به آهي ته پي ٽي آءِ وارن اهو واقعو هٿ سان ڪرايو ته جيئن پي ٽي آءِ ڪورٽ جي ڪيسن جي شدت کي گھٽائي سگهي، جي اها ڳالھه ڪنهن به مخالف پارٽيءَ کي ڪرڻي هجي هان ته اهي ڪنهن اهڙي ٽرينڊ ماڻهوءَ کان سِنِپرگَن سان ڪم ڪرائن هان جنهن جو نشانو سڌو هجي هان، بي بي واري واقعي وانگر ان ۾ هڪ بم ڌماڪو به ڪرائن هان، هاڻي وزيراعظم سپريم ڪورٽ کي ان ڳالھه جي درخواست ڪئي آهي ته ڪورٽون ان ڳالھه جي صداقت ۽ سچائي تائين پڄن ته مرحوم راشد شريف (ڪينيا) جي موت ۾ ڪير ملوث ٿي سگهي ٿو ۽ عمران خان جي واقعي ۾ ڪيتري صداقت آهي جو ملڪ گير احتجاجن ۽ پُرتشدد واقعن مان ائين ٿو لڳي ته هڪ مخصوص لابي ان ڳالھه جو فائدو ٿي وٺي ته شيون اڃان به گھڻيون بگِڙجن ۽ هي هڪ پارٽي ان ڳالھه جو ڀرپور فائدو وٺي، پر اهي سڀ ڳالهيون نه ڪجن ته بهتر آهي، ۽ شدت ۽ رتوڇاڻ واري سياست نه ڪجي ۽ هڪ دفعو حڪومت ڪرڻ کانپوءِ وري ٻين سياسي ڌرين کي به وارو بخشجي ۽ ڏجي ته جيئن سياست ۾ توازن باقي رکي سگهجي.
اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته جيستائين عمران خان جيئرو آهي تيستائين اهو ڪرسي کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي، نه ئي ايوان ۾ ويهي ٿو سگهي نه ئي هڪ سلجهيل پارليمان واري سياست ڪري سگهي ٿو نه اهو مخالف سيٽ تي ويهي سگهي (حلانڪي جڏهن وزيراعظم هيو ته به ايوان ۾ نه ويهندو هيو ۽ جڏهن پاڻ مارچ 2020 ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ آيو هيو ته ايوان ۾ تسبيح (تسبي) سان گڏ نظر آيو هيو،، ڳالھه اها به آهي ته جيڪو شخص وزارتِ عظمي واري دور ۾ ايوان ۾ نه ويٺو اهو مخالف ڌر جي ڪرسيءَ تي ويهي ڇا ڪندو.