يوسف جميل لغاري

سنڌ ۾ خاموشي سان گذري ويندڙ تعليم جو عالمي ڏينهن!

اوهانجو موقف ليکڪ يوسف جميل لغاري

يوسف جميل لغاري

هر سال 24 جنوري تي دنيا اندر تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد تعليم جي اهميت کي واضع ڪرڻ هوندو آهي. جيئن ته اسان هڪ اهڙي معاشري جا فرد آهيون. جنهن معاشري ۾ اڪثريت وٽ تعليم اولين درجي جي بدران ثانوي حيثيت جو درجو رکي ٿي. تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي. هر اهو فرد توڙي عورت پڙهيو لکيو تصور ڪيو ويندو آهي. جنهن کي ڪنهن به ٻولي ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ بنيادي حساب ڪتاب (جهڙوڪ جوڙ، ڪٽ، ونڊ ۽ ضرب) ڪرڻ جو ڏانءُ اچي. پاڪستان جي موجوده خواندگي جي شرح 62.3 فيصد آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ هڪ اندازي مطابق 60 ملين جي آبادي اڻ پڙهيل آهي. سنڌ ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 67 سيڪڙو ۽ عورتن جي خواندگي جي شرح 44 سيڪڙو آهي. مردن ۽ عورتن جي انگن اکرن ۾ وڏو فرق آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ صوبي ۾ تعليم جي موجوده صورتحال ڪهڙي آهي. سنڌ صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ خواندگيءَ جي شرح جو سڀ کان وڌيڪ خراب انگ سامهون آيو آهي. هر سال اهڙا ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچن ٿا. تنهن هوندي به تعليم جي شعبي ۾ ڪابه نواڻ، ڪا به بهتري ۽ ڪا به ترقي جهڙي پيش قدمي نظر نه ٿي اچي. تعليم کي بهتر بنائڻ ۽ اسڪولن ۾ خاص طور تي استاد طبقي کي سوگهو ڪرڻ لاءِ آئي ڏينهن نت نوان تجربا ٿين ٿا. ماضي ۾ تعليم جي طريقڪار ۽ چڪاس واري عمل جو جائزو وٺون ٿا ته اهو طور طريقو موجوده دور ۾ اپنايل سڀني طريقن کان وڌيڪ ڪارڳر ۽ مفيد نظر اچن ٿا. گذريل ڪجھ سالن کان جيئن ئي ميرٽ تي نوڪريون ملڻ عام ٿيون آهن تڏهن کان نوجوان طبقي ۾ پڙهڻ، جستجو ڪرڻ ۽ چٽا ڀيٽي جو رجحان پيدا ٿيو آهي. انهي رجحان جو خاص فائدو انهن نوجوانن کي ٿيو آهي. جيڪي باقاعده نموني سان ڪتابن سان سلهاڙيل آهن. دنيا جهان ۾ رونما ٿيندڙ هر هڪ واقعي تي نظر رکندڙ آهن. علم، ادب، سياست، فلسفو، نفسيات ۽ ٻين علمن کي بخوبي مطالعو ڪندڙ آهن يا ڪندا رهن ٿا. سنڌي ادب ۾ تعليم جي موضوع تي لکيل ڪتابن جو جڏهن اسان جائزو وٺون ٿا ته اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب مس ملن ٿا. جيڪي تعليم جهڙي اهم موضوع تي لکيل آهن. جڏهن ته اسان جي ادب ۾ ٻين موضوعن جهڙوڪ ناول، ڪهاڻي، شاعري، سفرناما، آتم ڪٿا، جيل ڊائريون ۽ ٻين مڙني موضوعن تي کوڙ سارا ڪتاب لکيل آهن. سنڌ اندر تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندڙ استاد لياقت ميراڻي هر سال 08 جنوري تي سنڌ جو تعليمي ڏهاڙو ملهائيندو آهي. پنهنجي علائقي، پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيرن پنڌ وڃي هر هڪ فرد کي اها ئي تلقين ڪندو آهي ته؛”بابا پنهنجا ٻار پڙهايو، علم سان ئي ترقي ممڪن آهي“. اهڙي نموني سان تعليم جي موضوع تي هن وقت پروفيسر زيد پيرزادو، ڊاڪٽر شاهنواز چانڊيو، سرمد کوسو، پونجراج ڪيسراڻي ۽ مختيار سمون صاحب سُٺو لکي رهيا آهن. هيل تعليم جي عالمي ڏينهن تي سموري سنڌ اندر سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطع تي ڪا به تقريب منقعد نه ٿي سگهي آهي. جيڪا ڳالھ انتهائي درجي تائين مايوس ڪندڙ آهي. حڪومت کي انهي حوالي سان جاڳرتا مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے