نيسم بخاري

سنڌ جي اڃان ڪيتري ”ڀيل“ ۽ ”ڀينگ“ ٿيڻي آهي؟

چونڊمواد ليکڪ نسيم بخاري

نسيم بخاري

سنڌ جي دانشور، اديب ۽ قومي اڳواڻ عبدالواحد آريسر اُن سوال ته انجو سبب ڪهڙو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جو ذوالفقار علي ڀُٽي سان پيار آهي جو هڪ انٽرويو ۾ اهو جواب ڏنو هو ته ”بس رڳو ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌي ماڻهن کي عزت ڏني هئي، ڀُٽي ماڻهن کي ڳالهائڻ جو حوصلو ڏنو هو. هِنن کي مَٿي کڻي آيو هو. يعني پاڪستان جو پرائم منسٽر ڪنهن هاريءَ سان ڀاڪُر پائي ملي، جلسن ۾ ماڻهن کي سَڏُ ڪري پنهنجي ويجهو بيهاري. ڀُٽي سنڌي ماڻهوءَ کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏو مانُ ڏنو“ عبدالواحد آريسر جو اعجاز منگي کي ڏنل ذڪر هيٺ آيل اِهو انٽرويو سندس فيبروري 1999ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ’اسان جيئن جيئي ڪو‘ ۾ به شامل آهي، پر سوال اِهو آهي ته ڇا ڀُٽي جي اها خُوبي، ڀُٽي ۽ بينظير جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ پارٽيءَ جي حڪمرانن جي ترجيح به رهي آهي؟ نظرياتي سياست ته پنهنجي جاءِ تي پر خَلقَ کي خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻ واري روايت به موڪلائي وئي آهي. ٻيو ته ٺَهيو پر سينئر پي پي عهديدار يا ورڪر جو وَقار ۽ لِحاظُ توڙي اهميت به دفن ٿي چڪي آهي. هاڻ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو جنم ڏينهن ملهائجي چڪو آهي، سالگره جا ڪيڪَ ڪٽجي ۽ کائجي چڪا آهن ته هڪ لمحي لاءِ به ڪنهن اِها ڳالھ سنجيدہ سوچ ويچار هيٺ آندي آهي ته سنڌ ۾ گذريل پندرهن سالن واري اقتداري دور جي حوالي سان شهيدن جو روح ڇا سوچيندو هوندو؟ ۽ وقت جو قلمڪار جڏهن پندرھن سال اَڳُ ۽ اَڄُ وارين حالتن جي فرق تي قلم کڻندو ته اُها اُن جي ڀيٽ ڪيئن ۽ ڪهڙي هوندي؟  ان سڄي عرصي ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي زندگين ۾ ڇا بدليو آهي؟ پي پي جو نعرو هُيو ”اَٽو لَٽو ۽ اَجهو“ جيڪو ڀُٽي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين يقيني نه بڻجي سگهيو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اهو ويتر ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندو ويو آهي. پنجاب ۾ ويهه ڪِلَو وارو ڪڻڪ جو ٻاچڪو تيرهن سون ۾ ملي ٿو ۽ اسان وٽ اُهو پنجويهن سون ۾ ملي ٿو. کوڙ سارن شهرن ۽ ڳوٺن مان ته اٽو اَڻ لَڀ ٿي ويو آهي. سنڌ سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿيندو جو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين سميت ميمبر به غير سنڌي کنيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته چار ڄڻا گورنر جي سفارش تي کنيا ويا آهن، باقي ميمبرن کي به سياسي مصلحت متعارف ڪرايو آهي. اُصولي طور تي چيئرمين سميت 60 سيڪڙو سنڌي ميمبر هئڻ گهرجن، پر معاملو اُن جي اُبتڙ ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيڪو سُلوڪ ڪيو ويو آهي، تنهن مان پي پي جي خير خواهيءَ جو پورو پورو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. نوڪريون اهليت جي بنياد تي ملنديون، دڪاندري هلندي يا پنهنجا نوازي ڪئي ويندي. ڪو پتو نه آهي پر اها خبر ضرور آهي ته، ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي پاڻ ۾ گڏائي وري متحد ڪرڻ جون سرگرميون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. ايم ڪيو ايم ويجهڙ ۾ وفاقي ايوان ۾ پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ متحرڪ ڏٺي وئي آهي. اُھا الڳ ڳالھ آهي ته في الحال اُن ڳالھ تي گهڻو زور نه پئي ڏئي جو اُها ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ گُهري پئي.  پي پي جا ايم ڪيو ايم سان ماضيءَ وارا معاهدا هجن يا هاڻوڪي ويجهڙائي ان سموري سلسلي ۾ پي پي سدائين سنڌ کي نقصان رسايو آهي ۽ اها ئي پي پي جي پاليسي هن جي سنڌ ۾ پندرهن سالن واري حڪمرانيءَ واري دور جي حقيقت ثابت ٿيندي آئي آهي. ڏٺو وڃي ته، پندرهن سالن جو عرصو ڪنهن به لحاظ کان گهٽ نه آهي، ان سموري عرصي ۾ پي پيءَ پاران سنڌ کي دُبئي بڻائڻ وارا بيان ته ايندا رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته، حڪمران دبئي صرف سنڌ جو پيسو پنهنجي اڪائونٽن ۾ جمع ڪرڻ لاءِ موڪليندا رهيا آهن. هنن سنڌ جي اهڙي ’ڀينگ‘ ڪئي آهي، جو بدحاليءَ کي به ڦڪائي ٿئي ٿي. ضلعا ۽ تعلقا توڙي سنڌ سرڪار جا مختلف کاتا وَنڊي ورهائي بدعنوانين جي تاريخ رقم ڪرڻ جو جيڪو ٻِجُ ڇٽيو ويو آهي، سو وڌي وَڻُ ٿي ويو آهي. جنهن ڪري عام ماڻهوءَ لاءِ زندگي ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿي رهي آهي. مهانگائي ۽ بي روزگاري پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي. حڪمرانن کان پنهنجا قائد ۽ پارٽي نظريو وسري ويو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ستاويھ ڊسمبر واري ڳڙهي خدا بخش جي جلسي ۾ ٻين کان ته ٺهيو پر بلاول ڀٽو کان به پنهنجي شهيد امڙ ۽ سندس قربانين توڙي قاتلن جي منطقي انجام تي پهچڻ يا نه پهچڻ وارو ذڪر ئي وسري ويو هو. هن جي تقرير جو محور عمران خان ئي رهيو ۽ اها ئي روايت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ڀُٽي جي سالگرھ تقريبن ۾ ورجائڻ جي ڪوشش طور نڪري نروار ٿي آهي. سو ڳالھ اها آهي ته، جڏهن قيادتن کان پنهنجا پارٽي نظريا، هيروز ۽ منشور وسري ويندا آهن ته، رڳو خزانن جي لُٽ ڦر ياد رهندي آهي. پيپلز پارٽي هجي يا ڪا ٻئي پارٽي ۽ سندن اڳواڻ، کين عوام سان ڪا همدردي ۽ غرض ناهي. هنن کي پنهنجي مفادن سان مطلب آهي، پنهنجي ذاتي لوڙ آهي، اٽو 150 روپئي کير 200 روپئي بصر 300 روپئي ۽ ڪُڪُڙ 600 روپئي وڪامجي ته ڀلي وڪامجي. ماڻهو بي روزگاري ۽ مهانگائي کان بيزار ٿي خودڪشيون ڪن ته ڀل ڪن. سنڌ اڳ کان به وڌيڪ بدتر ۽ بدحال ٿي ته ڀلي ٿي، هنن جي صحت تي ڪو فرق ناهي پوڻو. سنڌ جي وڏي وزير چار پنج ڏينهن اڳ برسات متاثر ماڻهن لاءِ 20 لک گهر ٺهرائي ڏيڻ جو بيان ڏنو آهي. اُهي ڪنهن کي ملندا، ڪڏهن جُڙي راسُ ٿيندا يا انهن جي ورڇ ڪهڙي اهليت جي بنياد تي ٿيندي، سو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. ڳالھ اها آهي ته، حڪمرانن جي اها من ماني ان ڪري به وڌندي آئي آهي. ڇو ته انهن جو پيٽ اسان ڀرايو آهي. ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن جي غلامي ۽ اثر کان پاڻ جيستائين آزاد نه ٿينداسين، تيستائين اسان جي ذِلتن ۽ محرومين مان جِندُ آجي نه ٿيندي. اسان کي پنهنجي حالتن بدلائڻ لاءِ پاڻ کي ئي اڳتي وک وڌائڻي پوندي، تڏهن ئي وڃي ڪا ڇوٽڪاري جي راھ نصيب ٿيندي.  

عبرت جي ٿورن سان

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے