سلامتي ۽ ڪنگالپڻو ھڪ ٻئي جا ضد بڻجي رھجي ويا آھن،منھجو پاڪستان ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي سلامتي سنڀالجي آھي ۽ نھ ئي ڪنگالپڻو !! اھا ئي سياسي قيادت ،اھا ئي سلامتي جي رکوال ڪندڙ ،اھو ئي مستقل بحران .ساڳيا اڳوڻا پراڻا کٿل ڦٿل معاشي ۽ اسٽريٽجڪ نظريا ۽ ساڳيا فضول اعلان. اهڙي صورت ۾ ڪنهن وڏي يا ننڍي تبديليءَ جو امڪان ماحولياتي تباھي جي نذر، ھاڻي تھ سوال اهو آهي ته سلامتي رکڻي آھي يا ڪنگالپڻو وڌائڻو آھي.ٻئي ھڪٻئي جا ضد آھن، جيڪڏهن سيڪيورٽي وڌندي ته ڪنگالپڻو وڌندو ۽ جيڪڏهن ڪال وڌندو ته پوءِ ڪهڙي سلامتي ۽ ڪنهن جي سلامتي؟ پر ان جو ڇا ڪريون جو سلامتي سلامتي ڪندي، سلامتي ميسر آئي نھ ئي ڪنگلائپ مان جان آجي ٿي.
وڏن ڪروفرن پاران جوش سان ”نئين سيڪيورٽي پاليسي“ جو اعلان ڪيو ويو ھو،تھ معاشي سلامتيءَ جو سوال ئي بنيادي آھي، پر ان جي اسٽريٽجڪ پهلوءَ کي فوجي سلامتيءَ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو ۽ ”قومي سلامتي واري رياست“ جون گهرجون برقرار رهيون. خير، سياسي معيشت ۾ ڪيفيت واري تبديلي کان سواءِ معاشي ڦيٿو ڇو هلڻو ھو؟ ان جي برعڪس، اڀرندي محاذ جي مستقل خطري سان گڏو گڏ اتر-اولهه محاذ هاڻي ان کان به وڏو خطرو بڻجي ويو آهي، جيڪو 40 سالن جي جهادي پاليسيءَ جي گناهن جو طلبگار آهي.
طالبان جي ظلم جي خلاف ڪاميابيءَ جو ملبو ڪو کڻي تھ ڪيئن کڻي؟ جڏهن ته پنھنجو ئي تاريخي ملبو تمام گهڻو آهي. ڪو آهي مائي جو ڪا لال جيڪو انهن ملبن جا ڍير کڻي ۽ عوام جي تخليقي قوتن کي ڪتب ۾ آڻي. گھڻو ڪري اھا سماجي سائنس شايد ڪنهن يونيورسٽي يا فوجي اڪيڊمي ۾ نٿي پڙهائي وڃي.پر قومي سلامتي ڪميٽيءَ ۾ ڪو ھڪڙو بھ سياسي معاشي ماهر ناهي ۽ جيڪي معاشيات جا ماهر آهن، انهن وٽ آزاد منڊي جا نيو لبرل نسخا ۽ اميرن جي قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ مهانگائي جي نسخن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ نسخا ياد اچن بھ ٿا تھ ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت جا ياد اچن ٿا. هنن وٽ جيڪي بچيل سچيل ٽوڻا ٽوٽڪا ھئا ڇا اھي آزمايا ناھن ويا؟
اصل سوالن تي ايندي ھنن جو دم نڪري ٿو. ڪنهن ۾ اھا جرئت آهي جو اھو چوي تھ ھي سسٽم ھلڻ وارو ناھي ۽ ان جو ڪو به حل نه آهي، تھ جيئن توهان بيماري جي علامت بجاءَ مرض جي سببن کي ڳولي ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پھرين پنھنجي طبقاتي ۽ ادارتي مفادن کي ڇڏڻ جو ارادو ڪريو، پر ڪو پنهنجي پير تي پاڻ ڪيئن ڪھاڙي ھڻندو ؟
آھي ڪو سياسي اقتصاديات جو ماهر، جيڪو قومي سلامتي ڪميٽي کي چتاءُ ڏئي تھ ھڪ ڪمزور ۽ ھٿ ڦھلائيندڙ معيشت جي غيرپيداواري بنياد تي اوھان ايترو ھيوي رياستي سپر اسٽرڪچر نٿا کڙو ڪري سگھو. ان ڳري ڀاري رياستي ڍانچي جي بار کي سھڻ جوڳي حد تائين گھٽ ڪرڻ جو نيڪ ارادو ڪجي تھ ڇو ڪجي ؟
ڇا سڀئي ادارا پنهنجا خرچ 50 سيڪڙو گهٽائڻ جي لاءِ تيار آهن ۽ ڇا رياستي بيوروڪريسي ۽ ان جي بيوروڪريسي جي جوڙجڪ واري اسٽرڪچر کي اڌواڌ ڪري سگھجي ٿو ؟ڇا دفاع واري کاتي جي بجيٽ اڌ ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي سمورا ادارا جيڪي ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن وٽ ھليا ويا آھن،انهن کي فوري طور تي بند ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا پبلڪ سيڪٽر ڪارپوريشنز کي زيرو ميٽر تي نه ٿو آڻي سگهجي؟ ڇا اميرن کي ڏنل کربين رپين جي رعايت ۽ فائدا بغير ڪنهن جھجهڪ جي واپس نه ٿا ڪري سگھجن ؟ ڇا غير پيداواري خرچن لاءِ قرضن کي روڪي نٿو سگهجي؟ ڇا سڀني آمدنين تي ۽ خاص ڪري اميرن ۽ زميندارن تي ٽيڪس نٿو لڳي سگهي؟ اهو سڀ ڪجھھ ٿي سگهي ٿو شرط اھو آھي ته رياست جو موجوده سماجي ڍانچي کي بدلايو وڃي. سماجي ڍانچي کي سڄو ڦيرايو وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ قومي سلامتي ڪميٽيءَ مان اها اميد نٿي رکي سگهجي ۽ نه ئي ٻاهر ويٺل ٻاراڻي تحريڪ مان ڪا اميد رکي سگهجي ٿي.
ھن وقت علامتن جي حل تي بحث ڪيو پيو وڃي. اندريان ۽ ٻاھرايان خسارا، مالياتي ڊفالٽ، مهانگائي ۽ معاشي زوال (Stagflation) جي فوري روڪٿام لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن رجوع ڪرڻ جي مالي مجبوري. هڪ عارضي بندوبست تھ نڪري ايندو ،پر مستقل مرض برقرار رھندو.
مستقل بيماري جي علاج جي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارين پاليسين ۽ رٿابندين جي ضرورت پوندي. لگزري هائوسنگ سوسائٽيز وارو پاڪستان، غربت جي سمنڊ ۾ بيهي نٿو سگهي.ھڪ غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ ۾ اھا طرز زندگي نٿي ھلي سگهي. هر شيءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ، شروعات تھ ڪرڻي پوندي ، ان کان اڳ جو شروعات جي لاءِ پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي. سڀ کان پهرين، سيڪيورٽي پيراڊم ۽ اقتصادي ماڊل کي تبديل ڪرڻو پوندو. اقتصادي سلامتي جي اثاثي نظريي کي قبول ڪيو وڃي ته خطي ۽ دنيا ۾ اسان جي لاڳاپن کي تجارتي مفادن سان ڳنڍڻ سان، اڀرندي سرحد کي واپاري شاهراهه بڻائندي ،اتر اولهه سرحد تي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ بندوبست ڪندي، ايران ۽ وچ ايشيا سان واپار رستن کي فروغ ڏيڻو پوندو. چين سان واپاري، صنعتي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي لاڳاپن کي اسان جي قومي ضرورتن مطابق فروغ ڏيڻو پوندو. چين جي عوامي ترقيءَ جي ماڊل کي اپنائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي جيڪو اسان جي غير ھنر مند نوجوان نسل کي ڪمائتي ڪم سان لڳائي ڇڏي.رھيو سوال قرض جي ڄار مان نجات حاصل ڪرڻ جو ، سو پهريان ان کي روڪيو وڃي ۽ پوءِ آهستي آهستي ان مان نجات حاصل ڪئي وڃي. توانائي ۽ غذائي درآمدات ۾ ڪفالت ۽خود انحصاري يا پائيداري جي حصول سان گڏوگڏ برآمدات کي وڌائڻ لاءِ، معيشت جي جوڙجڪ کي وسيع ڪرڻو ۽ اسڪيل کي وڌائڻو پوندو.سوشل سيڪٽرز .تعليم، صحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي بنيادي زور ڏيندي قومي ترقي کي فروغ ڏيڻو پوندو ۽ وڌندڙ آبادي جي واڌ تي ضابطو آڻڻو پوندو.
رھيو سيڪيورٽي جو تڪڙو سوال؛ ان لاءِ طالبان کي هر قيمت تي روڪڻو پوندو، بلوچستان ۾ جاري ڇڪتاڻ جو سياسي حل کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. ڇو نه بلوچ قيادت کي قومي سلامتي جو اجلاس سڏائي انهن جو ڪيس ٻڌو وڃي ۽ ان جو ھڪ پائيدارحل ڳوليو وڃي. جيڪي مستقل سلامتي جا اشوز آھن،مسئلن جهڙوڪ ڪشمير ان کي ڪنھن مناسب وقت تي عملي حل لاءِ پري ڪري رکڻ گھرجي. اسان جو مستقبل چين تي منحصر آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بنجڻ وارو آهي. دنيا جي پنجين وڏي معيشت هندستان سان ڳنڊيل آھي، پاڪستان جو ھندوستان سان مقابلو نٿو ٿي سگهي جيئن ھندوستان چين کان نٿو کٽي سگھي، جيڪڏهن اسان چين ۽ آمريڪا سان ھڪ ئي وقت لاڳاپن جي سفارتڪاري ڪري سگھون ٿا ته چين ۽ هندستان سان هڪ ئي وقت مثبت لاڳاپا ڇو نٿا قائم ڪري سگهو؟
ملڪ ۾ امن ۽ خطي ۾ تعاون پاڪستان جي ضرورت آهي، جيڪي جنگيون کٽي نٿيون سگهجن، تن کي هارائڻ کان بهتر آهي ته ملتوي ڪري ڇڏجي. پهرين جيئڻ ۽ بچي نڪرڻ جو رستو ڳولڻ گھرجي.