Ali Memon

سال 2022 ۾ ٿيل فڪري ميڙاڪا ۽ دلچسپ مباحثا !

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

دنيا ۾نئين سال 2023ع جو اميدن ڀريو سج پنهنجي سموري آب ۽ تاب سان اڀري نروار ٿي ويو آهي، هن نئين ۽ روشن سال ۾ تحقيق، علم، ادب ، امن ۽ ترقي جا نوان آسمان کلندا ۽ نئين ٽهي ۽ سينئر آبادي ۽ بزرگن لاءِ  خوشين ۾ اضافو ٿيڻ جي اميد آهي.

گذريل سال اسانجو ملڪ لاءِ  وڏين آزمائشن ۽ مشڪلاتن وارو رهيو پر آخرڪار اهو جمهوري طريقي سان سياسي تبديلين جي مدد سان بهتر دور ۾ داخل ٿي ويو . ملڪ جي پارلياماني ايوانن ۾آيل خوش گوار تبديلي جا ملڪ ۽ عوام تي بهتر اثر پيا ۽ سنڌ صوبي سميت سموري ملڪ جو سياسي ماحول بهتر ٿي ويو. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر کي يقينن ملڪ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي.

ملڪ جو سڀ کان  وڏي شهر هئڻ ڪري هتي هر وقت مختلف فڪري ۽ علمي سرگرميون وڏي انگ ۾ جاري رهن ٿيون. ملڪ ۾ ٿيندڙ وهنوار جي مرڪز، سنڌ اسيمبلي، صوبائي سرڪار جي دارالحڪومت ۽ سوين وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا هيڊڪوارٽر هتي موجود هئڻ ڪري هن شهر جون سرگرميون اوج تي آهن، سنڌ هاءِ  ڪورٽ، سول ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي ميڊيا انڊسٽري ۽ اخبارن ۽ ٽيلويزن اسٽيشنن ۽ يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جو مرڪز هئڻ ڪري هن شهر کي سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي دماغ ۽ روح  واري حيثيت حاصل آهي. ڪراچي شهر ۾رهندڙ سنڌ جي مختلف جماعتن، سياسي مڪتبه فڪر جي ساڃهه وندن، صحافين، اديبن، شاعرن، گلوڪارن، موسيقارن، فنڪارن ۽ رانديگرن جي مقابلن، مهمن کان علاوهه هر وقت ڪنهن نه ڪنهن جاءِ  تي فڪري ۽ سياسي سرگرمين ۽ علمي ۽ فڪري موضوعن، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۽ بحث مباحثا ۽ ميڙاڪا ضرور جاري رهن ٿا. ائين چئجي ته علم ، فن ۽ هنر جا مرڪز ڪراچي جي ڪلبن، هوٽلن، ادارن جي ڪانفرنس هالز ۽ ڪميونٽي سينٽرن، سامونڊي ڪنارن  جي ويهڪن جو شان وڌائڻ ۽ شهر ۾علم۽ فڪر جي جوت جلائڻ ۾ مصروف عمل آهن.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڊسمبر جي آخري هفتي واري هڪ خوشگوار ڏينهن دوران ڪراچي ۾ علم ۽ ادب جي هٻڪار پکڙيل رهي. هڪ پاسي،  فرينڊز آف سنڌو سولائيزينشن طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ خادم حسين سومرو طرفان  جي ايم سيد جي ڪتاب جي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب ”ديار دل داستان محبت“ جو اردو ترجمي   ۾ڪتاب ”جي ايم سيد اور داستان محبت“جي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت پروفيسر توصيف احمد خان ڪئي. ٻئي پاسي دي انٽيل ايڪچوئلز فورم جي گڏجاڻي چيئرمين مسعود نوراني  جي سرواڻي ۾جبيس هوٽل ۾ ڪوٺائي وئي. ٻنهي ميڙاڪن ۾ ملڪ جي تاريخ، وفاقي ۽ قوم پرست سياسي فڪر ۽ نظرئين ۽ سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي سياسي موضوعن تي خطاب ڪندڙن طرفان تفصيلي نموني مختلف سياسي، فڪري پاسن ۽ نظريات تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. هنن ميڙاڪن ۾ ملڪ ۾وفاقي ۽ قوم پرست سياست تي ٻڌل سياسي فڪر ۽ نظرين جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سياسي تاريخ، ملڪ جي تاريخ جي مشهور شخصيتن جي سياسي ڪردار ۽ عمل  تي بحث مباحثا ۽ دلچسپ ۽ معلوماتي تجزيا پيش ڪيا ويا.

سنڌ ۾ قوم پرست سياست جو وڏو حصو جي ايم سيد جي فڪر ۽ سندس قوم پرست سياست ۽ نظرئي سان لاڳاپيل آهي، فرينڊز آف سنڌو سولائيزيشن  فورم جي ميزباني هيٺ  جي ايم سيد جي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب”ديار دل داستان محبت“ جو اردو ترجمي ڪتاب ”جي ايم سيد اور داستان محبت“جي ڪراچي پريس ڪلب هال ۾ ڪوٺايل مهورتي تقريب سان فڪري ميڙاڪن ۾ سٺو اضافو آهي.هن تقريب ۾ ڪتاب جي خاصيت ، ليکڪ جي پيار ۽ محبت جي پرچار جي ترجماني ۽ مترجم جي اردو ۾ ڪيل عڪاسي واري هڪ عقيدت واري ماحول ۾ ٻن اهم مقررن صدر محفل ڊاڪٽر توصيف احمد خان طرفان ڪتاب جي تعريف ڪرڻ کان علاوهه آل انڊيا مسلم ليگ واري سياسي ڪٽنب ۾ليکڪن جي کوٽ جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ جي ايم سيد طرفان وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکڻ جي تعريف ڪئي وئي ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته جي ايم سيد ، ڪجهه وقت سنڌ هاري ڪاميٽي پڻ شامل رهيو پر پاڻ طبقاتي سياست تي يقين نه رکڻ ڪري انهي کان ڌار ٿي ويو. پروفيسر توصيف احمد خان طرفان جي ايم سيد جي سياست جو جائزو پيش ڪندي چيو ويو ته جي ايم سيد جي خوبين سان گڏ انسان هئڻ جي ڪري ڪيتريون ئي غلطيون ۽ خاميون پڻ هيون خاص طور تي سائين طرفان جنرل ضياء الحق جي حمايت ڪرڻ هاڃيڪار عمل هو.پروفيسر توقير چغتائي جو پنهنجي خطاب ۾چوڻ هو ته، جي ايم سيد پيار ۽ محبت جو پرچارڪ هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هن هندستان جي مسلمانن کي پاڪستان منتقل ٿيڻ لاءِ  زور ڀريو ۽ انهن کي هتي آباد ٿيڻ ۾ مدد پڻ ڪئي.

هن کان اڳ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي گولڊن جوبلي واري سيمينار جي خاص مهمان جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي طرفان پنهنجي خطاب ۾سائين جي ايم سيد بابت ٻڌايو ته هن اسلامي ڀائيچاري لاءِ  وڏو ڪم ڪيو ۽ ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ بهاري مسلمانن کي آباد ڪرڻ لاءِ  بهار ڪالوني ٺاهي، جيڪا هن وقت به آباد آهي.  سائين جي قوم پرست سياست جي پرچارڪ  ۽ ليکڪ خادم حسين سومرو طرفان پنهنجي حصي جاڏيئا ٻارڻ وارو ڪم سرگرمي سان جاري آهي، قوم پرست سياست کي جيتري به مڃتا يا قبوليت هجي يا نه هجي پر اسانجي هن دوست لاءِ  سندس زندگي جو سڀ کان وڏو اثاثو ۽ سرمايو سائين جي ايم سيد ۽ سندس فڪر ئي آهي. هو پنهنجي طرفان اڄ به پنهنجو شعوري ڪردار ۽ ساٿ سرگرمي سان جاري رکيو اچي. هن تقريب کي اديب پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومرو، پنجابي زبان جي اديب ۽ ليکڪ توقير چغتائي، ڪراچي پريس ڪلب جي اڳواڻ سينئر صحافي اي ايڇ  خانزاده، ميزبان يونس مهر خطاب ڪيو.

ٻئي پاسي، دي انٽيلڪچوئلز فورم جي گڏجاڻي چيئرمين مسعود نوراني جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ ملڪ جي سماجي، سياسي، فڪري صورتحال تي غور ويچارڪيو ويو. صدر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ وفاقي سياست ۽ قوم پرست سياست جا تمام گهڻا اثر آهن ۽ هن وقت به سنڌي قوم ۾ انهن فڪري ۽ نظرياتي موضوعن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. دي انٽيل ايڪچوئلز فورم طرفان سمورين ڌرين ۾ هڪٻئي کي ٻڌڻ، سمجهڻ، سهپ ۽ ڀائيچارو ۽ ايڪتا وڌائڻ لاءِ  ڪم ڪري رهي آهي، هن فورم طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي فڪري اتحاد، ون يونٽ جي خاتمي کي پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ بابت گولڊن جوبلي سيمينار ڪوٺايو ويو، تازو ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جي زندگي ۽ جدوجهد تي پڻ سيمينار ڪوٺايو ويو.

اهڙي ريت، فورم طرفان  سنڌ جي سمورين مقبول فڪري ڌارائن، ادب، ثقافت، قومي اثاثن ۽ شخصيتن خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، پير صاحب پاڳارو سورهيه بادشاهه، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين فڪري،علمي ادبي شخصيتن بابت فڪري ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪوٺايا ويندا. فورم طرفان 14 جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي حوالي سان ڪراچي ۾سيمينار ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر بدر سومرو، آغا امجد، غلام اڪبر ملڪ، محمد شعيب بڪڪ، اشرف  علي کهاوڙ ۽ ٻين پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو

. نئين سال 2023ع ۾به اميد رکڻ گهرجي ته، سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سميت سمورن شهرن، ڳوٺن ۽ وسندين ۾علمي سرگرميون ۽ محبتن جا ميلا وڌندا . يقينن، علمي ادبي سرگرميون ۽ فڪري سيمينار، مذاڪرا ۽ ثقافتي ميڙاڪن وارا رنگ، سنڌ جي فڪري بنيادن ۾ ڪشادگي، نواڻ، سرهاڻ، ساڃهه ۽ ماڻهپي وارا رنگ اجاگر ڪرڻ ۾ ڪارگر ٿيندا ۽ سمورين ڌرين ۾ هڪٻئي کي ٻڌڻ، سمجهڻ، سهپ ۽ ڀائيچارو ۽ ايڪتا وڌائڻ ۾اڳ کان به  وڌيڪ ڪامياب ٿيندا .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *