سنڌ جو تاريخي ماڳ ”رني ڪوٽ“ جنهن کي اقوام متحده جي عالمي اداري يونيسڪو طرفان عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. هيءَ ماڳ سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي مقامن ۾بيشڪ هڪ شاندار حيثيت رکي ٿو. هيءَ ماڳ عالمي ثقافتي ورثو هئڻ ڪري، پنهنجي ملڪ سميت سموري دنيا جي سياحن، محققن ۽ تاريخدانن لاءِ پڻ گهڻي دلچسپي ۽ دلڪشي جو سبب آهي. رني ڪوٽ جي حوالي سان ٿيل تحقيق جو جائزو وٺڻ سان يقينن خوشگوار سرهائي ۽ خوشيءَ جو احساس اڀري اچي ٿو ته، سنڌ جو پنهنجي تاريخ، سڀيتا، تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان دنيا جي شاهوڪار خطن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. رني ڪوٽ واري تاريخي ماڳ ۽ هن قلعي جي وڏي خاصيت اها آهي ته هن جو دنيا جي سڀ کان وڏي ايراضي تي پکڙيل قلعن ۾ سڀ کان وڏو ۽ هن جو دنيا جي وڏن قلعن ۾ پهرين نمبر تي شمار آهي جيڪو لڳ ڀڳ 35 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي. هن قلعي جي ٻاهريون ڪوٽ يا ديوار پڻ عوامي جمهوريه چين جي جڳ جهان ۾ مشهور ديوار چين وانگر ويڪري ۽ ڊيگهه ۾ 32 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي، پنهنجي خصوصيت جي لحاظ کان اها، چين جي ديوار کان ٻئي نمبر تي شمار ڪئي وڃي ٿي.اقوام متحده جي اداري يونيسڪو طرفان رني ڪوٽ قلعي جي ديوار کي 1975ع ۾ عالمي ورثو قرار ڏنو ويو ۽ انهيءَ جي حفاظت لاءِ قدم کنيا ويا، جڏهن ته 1993ع ۾پاڪستان نيشنل ڪميشن طرفان يونيسڪو واري عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو. دنيا ۾ قومون يقينن،پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب ، تمدن ۽ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ۽ پنهنجن ادارن سان ئي سڃاتيون وڃن ٿيون. قومون پنهنجن تاريخي ماڳن ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ تاريخ کي اجاگر ڪرڻ ڪري سندن تاريخ، علم، عظمت ۽ صلاحيتن کان نه صرف ٻيون قومون واقف ٿين ٿيون پر اهي تاريخي ماڳ ۽ شاهديون سندن نسلن لاءِ پڻ سندن تاريخ جا دستاويز ۽ علم جا خزانا هوندا آهن. رني ڪوٽ يا راڻي ڪوٽ بابت تحقيق اڃا تائين مڪمل طور تي ته سامهون نه آئي آهي پر هن وقت تائين منظر عام تي آيل معلومات موجب هيءَ قلعو يونان جي حڪمرانن جي دور ۾تعمير ڪيو ويو آهي، انهي جي معني اها ٿي ته لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال اڳ يونان جي فوجن سڪندر اعظم جي سربراهي ۾ سنڌو ماٿريءَ تي حملو ڪيو ته اهو واقعو 325 قبل مسيح واري دور جو آهي. انهن بعد مختلف حڪومتن جي حوالي پڻ ٿيندو رهيو ۽ ويجهي تاريخ ۾ انهيءَ ۾ وڌيڪ تعميرات ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪئي وئي ۽ انهن حاڪمن جي دور ۾ حيدرآباد وارا قلعا پڻ تعمير ڪيا ويا. ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جي خاتمي بعد ميرن ۽ ٽالپرن جي راڄ ۽ دور ۾ اهي قلعا انهن جي حوالي ٿي ويا ۽ ميرن جي دور ۾ پڻ انهن تي تعميراتي ڪم ڪيو ويو. هن قلعي جي تعيمر جا اصل مقصد ته اڃا تائين نامعلوم آهن پر قلعن کي حاڪمن جو پنهنجي تخت جي حفاظت لاءِ ٺاهڻ جو مقصد رهيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي فوجي يا دفاعي مقصدن لاءِ تعمير ڪيو ويو ته چئي سگهجي ٿو ته هن رني ڪوٽ قلعي کي پڻ حاڪمن جي فوجي ۽ حفاظتي مقصدن لاءِ ورهين تائين استعمال ڪيو ويو هوندو. رني ڪوٽ قلعي جي بحاليءَ جي حوالي سان معلوم تاريخ موجب، هن قلعي کي ميرن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي وزير اعظم نوان ولي محمد لغاري طرفان بحال ڪيو ويو ۽ هن تاريخي ماڳ جي مرمت، تعمير ۽ توسيع جو ڪم ڪرايو ويو. قلعي جي بحالي واري رٿا جو تعميراتي ڪم ان دور ۾ سن واري پاسي واري دروازي يا”سن گيٽ ڪامپليڪس جي تعمير“ ڪئي وئي.قلعي جي ديوار کي پڻ وڌايو ويو ۽ انهيءَ کي قلعي واري ايراضي ۾ موجود ميري واري قلعي تائين تعمير ڪيو ويو ۽ اتي مسجد پڻ تعمير ڪرائي وئي. سنڌو ماٿري ۽ سنڌ پرڳڻي ۾ يونانين جي حڪمراني وارو دور دنيا جي قديم فاتح سڪندر اعظم جي فوجن واري حملي بعد شروع ٿيو. يوناني فوجن ايران ۽ افغانستان فتح ڪرڻ بعد خيبر لڪ مان اچي سنڌو ماٿري جي رياستن تي حملا ڪيا ۽ سڀ کان پهرين سنڌو درياهه جي ڪناري واري رياست پورس (جهلم) وٽ راجا پورس جي فوجن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ وڏي خونريزي ۽ پورس جي هاٿين جو جنگ ۾ استعمال ۽ جنگ هلندي هاٿين جو مڇرجي پورس جي ئي فوج کي چيڀاٽي هليو وڃڻ وارا واقعا يونانين جي تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهن. پورس واري جنگ ۾ راجا پورس جي فوجن کي شڪست ٿي ۽ انهي ملڪ تي يونان جي فوجن جو قبضو ٿي ويو. پر سڪندر اعظم جي ان موقعي تي بدنصيبي اها ٿي ته سندس فوجن جيڪي گذريل پنجن سالن کان دنيا ۾ وڙهي رهيون هيون اهي ٿڪجڻ ڪري پنهنجا حوصلا هاري ويٺيون ۽ وڌيڪ اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سڪندر اعظم واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌو درياهه ۾ فوجن سميت لهي پيو ۽ انهي رستي ۾ سنڌ جون جيڪي به رياستون رستي ۾ آيون ٿي انهن کي فتح ڪري انهن تي پنهنجا گورنر مقرر ڪندو ويو. سڪندر اعظم واري دور جي مقرر ڪيل گورنرن طرفان رني ڪوٽ واري هن قلعي جي تعمير ڪئي وئي، ڪلهوڙن واري دور ۽ ان کان اڳ به هندستان جي مغل حڪمرانن اڪبر اعظم۽ سندس اولاد ۾ شاهجهان ۽ اورنگزيب عالمگير جون پڻ هن خطي ۾حڪومتون رهيون آهن. يا هن ماڳ سان ٻي ڪا تاريخ لاڳاپيل آهي انهي معاملي جي جاچ ۽ تحقيق ضرور ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي ضلعي ڄامشوري ۾ انڊس هاءِوي سان لڳو لڳ مشهور سن شهر وٽان کيرٿر نيشنل پارڪ واري جابلو علائقي ۾دنيا جو هيءَ سڀ کان وڏو رني ڪوٽ قلعو موجود آهي. هن قلعي ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ واري جابلو سلسلي جون ڪيتريون ئي مشهور چوٽيون پڻ اندر موجود آهن. اهڙي ريت، هيءَ تاريخي ماڳ هڪ پاسي ڪراچي شهر ۽ ٻئي پاسي کان دادو ۽ سيوهڻ کان ڄامشوري واري رستي تي ڪجهه ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي. هن ماڳ وٽ ريلوي اسٽيشن آمري، سن شهر جي سامهون، ڪوٽڙيءَ کان جيڪب آباد طرف ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرينن جي سهولت لاءِ موجود آهي. سنڌ جي سماجي جاڳرتا واري اداري، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جي شعبي ثقافت طرفان 8 جنوري 2023ع تي تاريخي ماڳ رني ڪوٽ، قلعي ۾سيمينار، مشاعري ۽ راڳ رنگ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. هن موقعي تي سياحن، ليکڪن، اديبن، صحافين، شاعرن، سگا شاخن جي رضاڪارن، استادن ۽ شاگردن کي هن تاريخي ماڳ ۽ عالمي ورثي جو سياحتي دورو ڪرايو ويندو ۽ ماڳ بابت آگاهي ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي. سيمينار ۾سنڌ جي هن تاريخي ورثي ۽ ماڳ بابت، سنڌ جا سڄاڻ ، محقق، صحافي، ليکڪ مقالا پڙهندا
