نصير ميمڻ

حقيقتن سان گڏ بدلجڻ اڻ ٽر آهي

چونڊمواد ليکڪ نصير ميمڻ

نصير ميمڻ

سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي ڌرين کي پنهنجي نظرين ۽ منشور جي حاصلات لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ گهرجن، ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي، اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪنهن به جدوجهد لاءِ بنيادي مقصد مستقل ايڪو هوندو آهي، باقي حڪمت عمليون جامد نه هونديون آهن، ان بنيادي مقصد تي قائم رهندي حڪمت عمليون منشور ۽ نعرا وقت ۽ حالتن آهر، بدلائڻ ضروري عمل هوندو آهي، حڪمت عملين جو تعين ڪنهن به سماج جي داخلي ۽ خارجي منظر ناهي ۽ زميني حقيقتن آهر ڪيو وينديو آهي. سنڌ ۾ انهن سوالن تي سنجيده بحث ان ڪري نه ٿو ٿئي جو اسان وٽ فڪربجاءِ فتوا وارو رويو سگهارو ٿي ويو آهي هر سياسي ڌارا سان سلهاڙيل ماڻهن پنهنجي سوچن ۽ نظرين کي عقيدو بنائي ڇڏيو آهي تنهن ڪري جيڪڏهن ڪير انهن کان هٽي ڪري ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته ان تي دليل بجاءِ فتوائون شروع ٿي وڃن ٿيون جنهن ڪري سياسي معاملن تي دليل وسيلي بحث نه ٿو ٿئي.
سنڌ ۾ قومي حقن جي تحريڪ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ شرط شروع ٿي وئي هئي، وقت سان گڏ ان جون شڪليون به بدليون ۽ وقت سان اڳواڻ به ايندا ۽ ويندا رهيا، 70 جي ڏهاڪي ۾ بنگلاديش الڳ ٿيڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزادي جي هلچل شروع ڪئي، ان وقت سنڌ هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ ون يونٽ جو ڳٽ ٽوڙي چڪي هئي ۽ پهريون ڀيرو هڪ سنڌي ملڪ جو سربراهه مقرر ٿي چڪو هو، ممڪن آهي ته سائين جي ايم سيد 70 وارين چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ بنگالين سان ٿيل حشر کي ڏسي سوچيو هجي ته مارشلا هجي توڙي جمهوريت سنڌ واسين کي هن ڍانچي ۾ حق نه ملي سگهندا.
ون يونٽ مخالف تحريڪ دوران سنڌ ۾ثقافتي ۽ سياسي بنيادن واري قومپرستي سگهاري ٿي چڪي هئي، جنهن جو محور سنڌ جي قومي سڃاڻپ جي بحالي سنڌي ٻولي جي بقا ۽ سنڌين جي قومي حقن جي حاصلات جهڙا نڪتا هئا، اڳتي هلي ان هلچل ۾ ڌاري آبادڪاري، پاڻي جو حصو، ناڻي ۾ حصو، تيل ۽ گئس جي مالڪي جهڙا اهم مسئلا به شامل ٿيا. قومپرست هلچل سنڌ واسين کي منظم ڪرڻ جو اهڙو پليٽ فارم بنجي چڪي هئي،جنهن تان سنڌ جي هر ننڍي وڏي مسئلي لاءِ جدوجهد ٿيندي رهي، جيتوڻيڪ وقت بوقت ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون تنظيمون ٺهنديون رهيون پر سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات انهن جي جدوجهد جو مرڪز رهي، ان حاصلات جي جدوجهد ۾ نعرا منشور ۽ نظريا مختلف رهيا پر سنڌ سان لاڳاپيل بنيادي سوالن تي هميشه هم آهنگي رهي، ان جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌي ٻولي، ناڻي ورڇ، ڊيلٽا جي تحفظ ۽ صوبائي حڪومتن جا اختيار وڌائڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي اڳڀرايون ٿيون آهن، جيڪي ان جدوجهد جي ڪاميابين ۾ ڳڻائي سگهجن ٿيون.
70 جي ڏهاڪي کي هاڻي اڌ صدي گذري چڪي آهي، ان عرصي دوران عالمي علائقائي ملڪي منظر نامي ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي، خود هن رياست جا رنگ به بدليا آهن ۽ سندس سهڪارين جا موڊ به مٽجي چڪا آهن، ٻئي طرف سنڌي سماج به ڪيتريون ئي ٻرانگهون ڀري چڪو آهي، سنڌي سماج جو اندروني گهاڙيٽو ۽ ملڪي معاملن ۾ سنڌ واسين جي شرڪت سميت انيڪ عنصر اڳ جهڙا ناهن رهيا، ڪيترائي اڳوڻا مسئلا به پنهنجي شڪل بدلائي چڪا آهن، ڪيترن ئي نون مسئلن جنم به ورتو آهي، جڏهن ايترو ڪجهه بدلجي چڪو آهي ته اسان جي جدوجهد جا طور طريقا، منشور نعرا ۽ حڪمت عمليون ڪيئن ٿا ساڳيا رهي سگهن؟ 70 جي ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ هن وقت سنڌ ۾ هڪ سگهارو ۽ متحرڪ وچولو طبقو جنم وٺي چڪو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ يونيورسٽين جا ڪيمپسز قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ هزارين نوجوان جديد علمن ۾ ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن، سنڌي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ اسلام آباد ۽ لاهور توڙي پرڏيهي يونيورسٽين ۾ موجود آهي ملڪي توڙي صوبائي ادارن ۾ ڪيترائي سنڌي اهم عهدن تي پهتل آهن، جيڪي 70 جي ڏهاڪي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر مسين هئا، سنڌ ۾ هڪ نهايت سگهاري سنڌي ميڊيا موجود آهي، سوشل ميڊيا وسيلي سنڌواسي ڄاڻ ونڊڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۽ سماجي رابطا وڌائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ٽيڪنالاجي عام ٿيڻ سبب لهه وچڙ ۾ تيزي آئي آهي ڪيترائي سنڌي ڪاروبارن ۾ اڳڀرا ٿيا آهن ۽ خانگي توڙي غير سرڪاري ترقياتي شعبي ۾ اڳتي نڪتا آهن، ٽيڪنالاجي جي مدد سان سنڌي ٻولي تان خطري هيٺ هجڻ واري تلوار هٽي وئي آهي، ايئن ڪيترن ئي حوالن سان 70 واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج اڳتي نڪري چڪو آهي، ان بدليل سماجي بيهڪ ۾ سياسي حڪمت عمليون ٺاهڻ وقت نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.
ساڳي طرح خارجي محاذ تي به علائقا ۽ ملڪي سطح تي وڏيون تبديليون اچي چڪيون آهن،افغانستان جنگ جي ڪري ملندڙ عالمي واهر بند ٿي وئي، سوويت بلاڪ نه رهيو، چين جديد سرمائيڪاري نظام آڻي ڇڏيو، سعودي عرب لبرل ٿيڻ ڏانهن وک وڌائي آهي ڪراچي جو بندرگاهه عالمي مفادن لاءِ گهربل ناهي رهيو. جيتوڻيڪ رياست جي اصل طاقتور حلقن جو بنيادي مقصد هاڻي به ملڪ جي وسيلن تي قابض رهڻ آهي پر هاڻي سڀ ڪجهه سندن مرضي سان نه ٿو ٿي سگهي، مثال طور فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(FATF) جي عالمي دٻاءُ هيٺ ملڪ ۾ ڪيتريون اهڙيون تبديليون آڻڻيون پيون جيڪي سندن خواهش جي ابتڙ هيون، ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اڳ جهڙي عالمي سرپرستي به ناهي رهي، جيتوڻيڪ حساس معاملن تي ننڍن صوبن جو آواز اڄ به دٻايو پيو وڃي پر وڏن صوبن مان کين اها مزاحمت ملي رهي آهي، جنهن جو هنن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو، اهي انتهاپسند گروهه جن کي پنهنجا اثاثا قرار ڏنو ويندو هو، انهن جي خلاف کين مجبور ٿي آپريشن ڪرڻا پون ٿا، انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ملڪي ۽ بين الاقوامي فورمز تي پڇاڻا ڏينهون ڏينهن سخت ٿي رهيا آهن پهريون ڀيرو فوج ۾ سنڌين جو هڪ چڱو موچارو انگ شامل ٿيو آهي گهڻا اهم عهدن تي پهچي ويا آهن، جيئن ملڪ جي جمهوري ڌريون جاءِ والاري رهيون آهن، تيئن تيئن عوام جو آواز جاءِ ماڻي رهيو آهي اڳ جيان کليل آپيشاهي نظام هلائڻ ممڪن ناهي رهيو.
ان سڄي پس منظر ۾ ڏسجي ته گذريل اڌ صدي دوران اندروني توڙي بيروني وايو منڊل ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي چڪي آهي تنهن ڪري سنڌ جي حقن واري جدوجهد جي حڪمت عملي، نعرن منشور ۽ طور طريقن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي،سنڌ جي پاڻ ڀرائي،آسودگي خودمختياري وارن بنيادي نڪتن کي ذهن ۾ رکندي جدوجهد جي نين حڪمت عملين بابت ڳالهه ٿيڻ گهرجي.
هاڻوڪين حالتن جون نيون تقاضائون
مون پنهنجي گذريل مضمون ۾ان ڳالهه تي بحث ڪيو هو ته اسان جو خارجي توڙي اندروني منظرنامو بدلجي چڪوآهي، عالمي طاقتون، علائقائي حقيقتون ملڪي وايومنڊل ۽ سنڌ جو سماجي ڍانچو گذريل اڌ صدي ۾وڏي حد تائين بدلجي چڪا آهن،تنهنڪري اسان کي پنهنجي سياسي حڪمت عمليون بدلائڻ جي ضرورت آهي.سائنس ۽ مذهب ۾ بنيادي فرق اهو ئي آهي ته سائنس پاڻ کي نين حقيقتن سان ٺهڪائڻ لاءِ تبديل ڪندي رهندي آهي سياست به جيئن ته هڪ سائنس آهي تنهنڪري ان کي حقيقت پسند ٿيندي نين حقيقتن سان پاڻ کي ٺهڪائڻ گهرجي. منهنجي راءِ ۾ سنڌ جي قومپرست ۽ کاٻي ڌر وارين تنظيمن کي هيٺين حڪمت عملين بابت ويچار ڪرڻ گهرجي.
هينئر پاڪستان کي ٻه اهم چئلينجز معيشت ۽ انتهاپسند گروهن جو سگهارو ٿيڻ آهي. افغانستان ۾ رياستي واهر ملڻ کانپوءِپاڪستان اندر انتهاپسند مذهبي گروهن جي سگهه ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. سرحد جي ٻنهي پاسي انهن گروهن کي نهايت اهم حلقن جي واهر حاصل آهي. مٿان معاشي گهوٽالي هڻي ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي منجهائي رکيو آهي.اهي حالتون ڊگهو وقت هليون ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون جن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ ۽ سنڌين کي ٿيندو جن وٽ ايڏي وڏي بحران کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود ناهي.
پارليامينٽ سڄي دنيا ۾ڪنهن به سياسي ڌر لاءِ جدوجهد جو اهم محاذ آهي، جيڪا سياسي ڌر هاڻي پارليامينٽ ۾ناهي، دنيا ان کي ڌر ئي نه ٿي مڃي، سنڌجي قومپرست پارٽين هڪ ڊگهي عرصي تائين پارليامينٽ کان پري رهي نه رڳو استحصالي قوتن لاءِ ميدان خالي رکيو، پر هڪ موهيندڙ نعري هيٺ سياست ڪئي وئي جنهن لاءِ انهن وٽ ڪا به حڪمت عملي نه هئي،اهو نعرو يقينن هڪ خوبصورت خواب جيان هو پر ان کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ڪا به تياري،حڪمت عملي ۽ اڳڀرائي نه هئي، ان نعري کي مذهب بنائڻ بجاءِ ان جي پٺيان اصل مقصد يعني سنڌ جي آسودگي معاشي ترقي،وسيلن جي مالڪي، قومي وجود جي سڃاڻپ ۽ بقا کي برقرار رکندي ان کي ڪنهن نئين روپ ۾ نئين حڪمت عملي سان اڳيان وڌائجي. هاڻوڪي علائقائي صورتحال ۾پنهنجي قومي وجود ۽ سنڌ جي جاگرافيائي سالميت جي بقا لاءِ حالتن جو غير جذباتي ۽ منطقي تجزيو ڪندي سياسي دڳن جو نئين سر تعين ڪجي. سنڌ جون قومپرست پارٽيون گڏيل پارلياماني محاذ جوڙي ڪجهه بنيادي نڪتن تي اتفاق ڪندي پاڻ کي هڪ اهڙي سياسي طاقت ۾ بدلائن جيڪا ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جي آئيني سياسي ۽ معاشي حقن بابت پوزيشن اختيار ڪري سگهي. اهڙي فورم کي ٻين صوبن جي به ترقي پسند ۽ جمهوري قوتن جي حمايت حاصل ٿي سگهندي، ان سان سنڌ جا قومپرست پريشر گروپن بجاءَ سياسي ڌر طور پاڻ ڳڻائي سگهندا. ان سان سنڌ جي سياست مٿان قابض مفادپرست وڏيرڪي ٽولي ۽ ان جي اتحادي موقعي پرست وچولي طبقي جي هڪ هٽي به ڪمزور ٿيندي ۽ سنڌ واسين کي هڪ متبادل سياسي طاقت به ميسر ٿيندي.
سنڌ ڪيترين ئي انتظامي خرابين ۽ مسئلن جي باوجود آبادي جي لحاظ کان پنجاب کانپوءِ ٻئين نمبر تي اسريل صوبو آهي.ڪراچي جي بندرگاهه سبب ان کي صنعت،ڪاروبار توڙي زراعت جي شعبي ۾اڄ به وڏي اهميت حاصل آهي، سمنڊ ۽ بندرگاهه سبب سنڌ بحرحال پنجاب جي لاءِ اهم آهي ۽ ان اهميت کي سنڌ جي سياسي قيادت ڏاهپ سان استعمال ڪري سگهي ٿي. سنڌ، پنجاب جي رسد لاءِ گذر گاهه آهي،گوادر رولڙي ۾اچڻ سبب پنجاب وٽ رسد جو ٻيو ڪو متبادل ناهي، جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست ۽ کاٻي ڌر واريون تنظيمون ڪنهن منظم سياسي پارلياماني پليٽ فارم تي موجود هجن ته ان حقيقت کي سنڌ جي حقن واري مقصد لاءِ اهم حڪمت عملي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
جيئن ته سنڌ ۾ هڪ وڏو وچولو طبقو اسري چڪو آهي، تنهنڪري ان کي سنڌ جي سماجي معاشي سماجي سجاڳي ۾بدلائڻ جي ضرورت آهي،ڪروڙين ماڻهن تي ٻڌل وچولي طبقي کي اهو چئي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي سڀ موقعي پرست هوندا آهن،وچولو طبقو پنهنجي سماجي بيهڪ ۾موقعي پرست يا ڪمزور ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن به سماج لاءِ ان جو ڪردار ڪرنگهي جي هڏي وارو به هوندو آهي،ڪاروبار، تعليم ثقافت، سماجي خدمتن جهڙن اهم ڪمن ۾ان جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي. سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي قيادت،ورڪرن ۽ همدردن جو هڪ وڏو انگ به ان سان ئي تعلق رکي ٿو.قومي جوڙجڪ ۾ان اهم طبقي کي جدوجهد جو حصو بنائڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي، هن وقت ان طبقي وٽ ڪو منظم سياسي پليٽ فارم نه هجڻ سبب اهو گهربل سياسي ڪردار ادا نه پيو ڪري. قومپرست پارٽيون پنهنجي سياسي طور طريقن تي نئين سر نهارڪن ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙماڻهن کي گڏ کڻي هلن، اهو طبقو جيترو سياست ۾ متحرڪ هوندو اوترو ئي متبادل سياسي پليٽ فارم سگهارا ٿي سگهندا، البته اهو ذهن ۾رکڻ گهرجي ته وچولي طبقي کي گڏ هلائڻ لاءِ تنظيمن اندر وڏيرڪا رويا ترڪ ڪري وڌيڪ جمهوري ۽ کليل ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. جيستائين سڄي سنڌ ۾ وچولي طبقي جا روشن خيال استاد، وڪيل، ليکڪ،ملازم، سماجي ڪارڪن،صحافي، واپاري ۽ آبادگار سياسي پليٽ فارم تان متحرڪ نه ٿيندا، نه اهي سياسي ڌريون سگهاريون ٿي سگهنديون ۽ نه اهو طبقو قومي حقن جي جدوجهد ۾ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو، ان طبقي کي گڏ کڻي هلڻ سان قومپرست تنظيمن کي مالي واهر به حاصل ٿي سگهندي ۽ ان لاءِ کين غلط رستا ۽ وسيلا اختيار ڪرڻ واري ضرورت کان به ڇوٽڪارو ملندو.ڪراچي ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جيان آهي، جيئن جيئن ٻهراڙين ۾زرعي معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ آفتن، بدامني ۽ خراب انفرااسٽرڪچر سبب ٻهراڙين ۾گذر سفر جا وسيلا محدود ٿي رهيا آهن،وڌندڙ آبادي لاءِ ڪراچي ئي معيشت جو اهم مرڪز بنجندو. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ٻهراڙين مان ماڻهن جو هڪ وڏو انگ ڪراچي منتقل ٿيو آهي، اهي لکين ماڻهو پنهنجي ڪرت سان پاڻ لڳل آهن، کين منظم ڪرڻ ۽ سندن واهر ڪرڻ جو ڪو به فورم موجود ناهي، انهن مان هڪ وڏي انگ وٽ ڪراچي جو ڊوميسائيل،سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ به ناهي، ان ڪري انهن کي ڪراچي جون سياسي ڌريون به اهميت نه ٿيون ڏين، کين ڪراچي اندر داخلائن، روزگار ۽ عوامي سهولتن وٺڻ ۾به ان ڪري ئي ڏکيائي ٿئي ٿي. ڪراچي سنڌ جي معيشت ۽ سياست جو اهم مرڪز آهي،اڃا تائين اسان جون سياسي ڌريون ان بابت بيانن کان وڌي ڪنهن عمل ڏانهن وک ناهن وڌائي سگهيون، وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جون قومپرست کاٻي ڌر جون تنظيمون پنهنجي سياست جومرڪز حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪن، اتان ويهي نه رڳو اهي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي بهتر مالڪي ڪري سگهنديون، پر اهي ڪراچي ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن۽ برادرين سان به لهه وچڙ ۾اچي سگهنديون، ملڪي ۽ عالمي سطح جي سياست ۾ سندن ڳڻپ ٿيندي، سفارتي سطح کين رابطا حاصل ٿيندا، ملڪي ميڊيا تائين سندن پهچ وڌندي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ ڪراچي ۾انگ ۽ سياسي اثر وڌائڻ جا موقعا به وڌندا، ايئن هو پاڻ کي هڪ محدود مقامي دائري مان ٻاهر ڪڍي ايندا.
سنڌين جي باقي قومن کان پٺتي رهڻ جو هڪڙو ڪارڻ مارڪيٽ جي معيشت کان ڪٽيل رهڻ به آهي، گهڻو تڻو سرڪاري نوڪرين جي دائري ۾ محدود رهڻ سبب معيشت جي واپاري، ڪاروباري ۽ صنعتي حلقن ۾سنڌي نه هجڻ جي برابر آهن، معيشت جي انهن اهم ميدانن کان ٻاهر رهي اسان ڪراچي توڙي ملڪي سطح تي ڪا اثرائتي ڌر نه بنجي سگهنداسين. سياسي قيادتون قومن لاءِ رهنمائي ڪري لاڙن جوڙڻ جو ڪردار به ادا ڪنديون آهن. سنڌ جي قومپرستن ۽ کاٻي ڌر وارن کي گهرجي ته عام سنڌي کي نوڪري تي گذارو ڪرڻ کان ڪڍي ڪاروباري معيشت ڏانهن لاڙو ڪرڻ لاءِ همٿائن ۽ ان ۾واهر فراهم ڪن، ڪراچي ۾ويهي اهو ڪم بهتر نموني ڪري سگهجي ٿو، ان ڪم لاءِ هڪ هيلپ ڊيسڪ ۽ رابطن وسيلي ماڻهن کي واهر فراهم ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن هر سال لک کن سنڌي ان شهري معيشت جو حصو بنجن ته سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۽ سياسي پوزيشن ۾ وڏو فرق اچي سگهي ٿو. قومي وجود جي بقا لاءِ اهڙن وڏن ڪمن جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ هڪ الڳ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ۽ ملڪي صورتحال ۾مضبوط ٿيندڙ انتهاپسند ڌريون سنڌ جي بقا لاءِ هڪ وڏو خطرو بنيل آهن، انهن سڀني قوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ به سنڌ دوست قوتن جو مضبوط سياسي پليٽ فارم ضروري آهي، جيڪو ڪنهن انتهائي صورتحال ۾سنڌ جي جاگرافيائي سالميت کي محفوظ رکي سگهي.
سنڌ جي سياسي قياد کي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن، برادرين سان لهه وچڙ ۾رهڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ڏکي صورتحال ۾سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي برقرار رکي سگهجي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ لڳاتار وڏي انگن ۾ ٻاهرين آبادڪاري ٿيڻ جي نتيجي ۾سنڌ جي ڊيموگرافي سنڌ جي هٿن مان نڪري وئي آهي. آدم ڳڻپ موجب صوبي ۾سنڌي ڳالهائيندڙن جو حصو سٺ سيڪڙو وڃي بچيو آهي، ڪراچي خاص طور تي ٻاهرين آبادي جو وڏو ڳڙهه آهي، هن صورتحال ۾جيڪڏهن علائقائي يا مقامي صورتحال سبب ڪا گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت لاءِ وڏو سوال پيدا ٿي ويندو. سنڌ کي ملڪ کان الڳ ڪرڻ جو نعرو ڏيندڙ ڌرين وٽ ان سوال جو ڪوبه جواب ناهي فلسطين جي نيم خودمختيار رياست به اسان جي سامهون آهي، جتي فلسطينين کي زمين جو هڪ ٽڪرو مليو آهي، جتي به سندن مرضي نه هلندي آهي.
قابض قوتون آزادي پسند تحريڪن کي ٻنجو ڏيڻ ۽ مقامي آبادي کي قابو ۾ رکڻ لاءِ جيڪي مختلف طريقا استعمال ڪنديون آهن، تن ۾ ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ به هڪ آزمايل طريقو آهي. فلسطين کانسواءِ هڪ ٻيو مثال چين جي سنڪيانگ واري علائقي جي ترڪ “ويغور” ڪميونٽي جو آهي. 1949ع ۾اتي چين جي مکيه ڪميونٽي “هان” رڳو ڇهه سيڪڙو هوندا هئا، جن کي منظم طريقي سان آباد ڪري انهن جو حصو 40 سيڪڙو تائين پهچايو ويو آهي. ڪجهه عرصو اڳ ڀارت پڻ ڪشمير بابت هڪ آئيني ترميم وسيلي اتي ٻاهرين ماڻهن کي زمين /جائداد خريد ڪرڻ ۽ مستقل رهواسي ٿيڻ جو حق ڏئي ڇڏيو هو، جنهن تي ڪشميرين پنهنجي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جو انديشو ڏيکاريو هو. ياد رهي ته هن وقت هندستاني ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي 68 سيڪڙو آهي، جيڪا نئين آئيني ترميم کانپوءِ ڪجهه ڏهاڪن اندر بدلجڻ جو انديشو آهي.ڪشميري،پاڪستان ۽ اسلامي ملڪن جي کليل واهر باوجود هٿياربند جدوجهد مان نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا آهن. هن وقت ڊيموگرافي ۽ ملڪ توڙي علائقي جي مجموعي صورتحال ۾ڪا به مهم جوئي سنڌ کي وڌيڪ نقصان ڏئي سگهي ٿي. تنهنڪري سنڌ جي سياسي ڌرين کي سمورن پاسن کي ذهن ۾ رکندي سياسي رومانويت ۽ مهم جوئي وارو رستو وٺڻ بجاءِ سوچي سمجهي سياسي رستا اختيار ڪرڻ گهرجن جيڪي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي بهتر مستقبل ڏئي سگهن.ڪنهن به انتهائي صورتحال ۾سنڌ اندر مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جي اندروني ٽڪراءُ کي اڀارڻ ۽ انتهاپسند ٽولن کي مذهب جي نالي تي سنڌين ۾اندروني ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جهڙا هٿيار به استعمال ٿي سگهن ٿا، ان جو نتيجو سنڌ جي جاگرافيائي وحدت لاءِ جوکم جي صورت ۾نڪرندو انهن سمورن پاسن کي سنڌ جي سياسي حڪمت عملي لاءِ ذهن ۾رکڻ تمام ضروري آهي.
انهن سمورن سوالن جي وڌيڪ پاسن ۽ ٻين اهڙن سوالن تي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، اها ڳالهه ٻولهه جذباتي فتوائن بجاءِ عقلي دليلن تي ٻڌل هجڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *