wusatullah khan

ته پوءِ چار اکر نئين سال جي مبارڪ تي

چونڊمواد ليکڪ وسعت الله خان

وسعت الله خان

نئين سال ۾ ڪووڊ جي نئين لهر ھماليا کان بلند،سمنڊ کان گھري ۽ ماکي کان مٺي دوست چين جي طرفان پاڪستان ۾ داخل نه ٿيندي.بلڪه سي پيڪ جي شروعاتي نقطي گوادر ۾ تازي مٺي پاڻي جي فراهمي جو مسئلو حل ٿي ويندو ۽ اتي جون مڇيون اتي جي مقامي مهاڻن جي ملڪيت تسليم ٿي وينديون ۽ اتي جي نيرن ۽ ساون ساحلن کي آبي جو ري ڪوڊڪ نه سمجهيو ويندو.

هن سال طالبان ۽ سمورا دهشتگرد گروهه اڳي وانگر قومي جاگرافيائي ۽ذھنن تي پنجا کوڙي نھ لڳائي سگهندا ۽ رياست اجائي سياڻپ ڏيکارڻ بدران يڪسو ٿي ڪري انهن کي انهن جي ئي خول ۾ بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.ھن سال اڳوڻي سال جي مقابلي ۾ بلوچ ٻارن جي جبري گمشدگين جو انگ اڌ

گهٽ ٿي ويندو.جيڪي جگر جا ٽڪرا سالن کان گم ٿيل آھن انھن مان گهٽ ۾ گهٽ اڌ پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ايندا يا انھن تي يا انھن کي غيرقانوني طور گم ڪندڙن تي کليل عدالت ۾ مقدمو هلائڻ جو رواج شروع ويندو۽ بلوچستان ۾ خوني وارداتن۽ ڏوهن ۾ 2022 جي مقابلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چوٿون حصو گهٽتائي بھ ڏسڻ ۾ ايندي.

هن سال اسحاق ڊارئيت جي باوجود پاڪستان ۾ مالياتي خساري ۽ شين جي قيمتن جو رخ مٿي آسمان بدران وري ھڪ ڀيرو زمين ڏانهن مڙڻ شروع ٿي ويندو ۽ مانيءَ ڳڀي جي قيمت ويهن رپين جي حد کان اڳتي نه وڌندي ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڪجھھ عزت ضرور حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي جيتري ھن وقت ھن ڪشڪولي رياست جي عالمي برادري جي نظر ۾ آھي.

هن سال هڪ تصوير اھڙي ضرور شايع ٿيندي جنهن ۾ سرگرم مخالف ڌر جو اڳواڻ عمران خان ڪنهن خانگي يا سرڪاري تقريب يا گڏجاڻي يا ڪانفرنس ۾ وزيراعظم سان اتفاقي طور يا شعوري طور تي هٿ ملائيندي سڳ سوڌو پڪڙيو ويندو،ٻنھي اڳواڻن جي وچ ۾گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سيڪنڊ اھڙي مهذب گفتگو ضرور ٿيندي، جنهن جا تفصيل ۽ وضاحت هو ميڊيا جي سامهون گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن منٽن تائين پيش ڪرڻ جي قابل ھوندو.

ھن سال سنڌ ۾ رڳو سھڻپين غير مسلمان ڇوڪريون ئي مسلمان نھ ٿينديون پر غير مسلم ڇوڪرا به مذهب مٽائي درگاھ ڀرچونڊي شريف جي درگاهه تي ڀير تي ڏونڪو ھڻي شادي ڪري سگھندا.هن سال جي مون سون ۾ ايندڙ ٻوڏن ۽ برساتن جي امڪاني آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام لاڳاپيل حڪومتون ۽ محمڪما مئي جون کان ئي مڪمل ڪري وٺندا ته جيئن ڪروڙين شهرين کي ٻارهن مهينن ۾ بار بار پنهنجا گهر، فصل ۽ چوپايو مال پويان نھ ڇڏڻو پئجي وڃي.

ھن سال اپريل مئي ۾ ٺهندڙ اربين روپين جون شاھراھون گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ ڇهن مهينن تائين زندهه رهنديون ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ به انھن مٿان گذرندڙ ڪرنگھي جي ھڏين کي نقصان نه پهچندو.

هن سال پوليس تحويل ۾ موت جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اڌ ٿي ويندي. ” پوليس مقابلا“ 30 سيڪڙو گھٽ ٿي ويندا.گينگ ريپ، وحشياڻي قتل جي وارداتن ، ٻارن جي اغوا ۽ انھن سان وحشياڻي جنسي زيادتين کان پوءِ انهن جي موت جي شرح جيڪڏهن گهٽ نه بھ ٿي سگھي تھ ڪا ڳالھھ ناھي، بهرحال، اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي قانوني سزا ڏيڻ جي عدالتي شرح ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو اضافو ڏيڻ جي لاءِ ملندو.هن سال سرڪاري اسپتالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترا بسترا ضرور مھيا ٿي ويندا، جيئن هر بستري تي ٻه ٻه بيمار نه ليٽايا ويندا يا اسپتال جي ورانڊن ۾ پيل ڪنجھندڙ مريض به طبي بسترن جو آنند وٺي سگهندا.

هن سال اسڪول جي ڪا به نئين عمارت ڀلي نه ٺهي ته البتھ موجود اسڪولن جي عمارتن ۾ ڊبل شفٽ شروع ڪري، خواندگيءَ جي شرح وڌائڻ جي سنجيده ڪوشش ضرور ڏسڻ لاءِ ملندي.

هن سال سرڪاري استاد پھرين تاريخ تي پگھار جي انتظار سموري مھيني ڪرڻ واري بوريت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڪلاس ضرور پڙھائيندا ۽ ٻارن کي ’پنھنجي مدد پاڻ “ جي آسري نھ ڇڏيندا۽ ٻارن جي امتحاني پرچن جي جاچ نائب قاصد يا چوڪيدار نھ يا پنھنجي ئي تعليم حاصل ڪندڙ عزيزن کان نھ ڪرائيندا بلڪھ خود ڪندا.ان سان گڏ، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال گھوسٽ استادن جي تعداد ۾ حقيقي گهٽتائي نظر ايندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٽيون حصو اھڙن پگهاردار وارن ملازمن جي ڇانٽي ضرور ڪئي ويندي.

هن سال آرمي ايڪٽ ۾ بھ هڪ ٻي ترميم ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾ حاضر سروس فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسر بھ ٻين سرڪاري آفيسرن وانگر ڪنهن به لوئر يا اعليٰ عدالت يا ٽربيونل جي روبرو پنھنجي صفائي پيش ڪرڻ يا شاھدي ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن فوجداري يا ديواني ڏوھھ ۾ ملوث هجڻ جي شڪ جي صورت ۾قانوني جرح جي خاطر پڇا ڳاڇا لاءِ پيش ڪري سگهندا ته جيئن سوال ڪندڙ ۽ قاضي جي نظر ۾نوري ۽ خاڪي جو فرق گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ جي حد تائين يا گهٽ ۾ گهٽ علامتي طور تي ئي سھي،نظر ضرور ايندو ۽ ”ايڪ ھي صف ۾ کڙي ھو گئي محمود و اياز “ لکندڙ شاعر جي ٿوري گھڻي آبرو رھجي ويندي.

هن سال واقعي ائين نظر ايندو تھ عسڪري قيادت وڙھندي جھڙندي ،ڏند ڪرٽيندي ۽ پنجا ڇنڊيندي ھڪ ٻئي جي پويان ڊوڙندڙ سياستدانن کي واقعي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيندي.عسڪري قيادت پهريون ڀيرو ساھمي کي هڪ طرف رکڻ جو دل کي ڪڙو ڪري تجربو ڪري ئي وٺندي،جيڪو ساھمي وڙھندڙ جھڙندڙ ٻلين جي ماني جو وزن ٻنھي پلڙن ۾ برابر برابر ڪرڻ جي لاءِ ستر سالن کان استعمال ٿي رھيو آهي.

جڏهن سرپرستي جي ڪوڪين جي عادي سياست بازن جي چھرن تي ڊوڙندڙ تازگي جي جاءِ يتيمي وٺي وٺندي تڏھن ئي اسان جهڙن مٿي ۾ مالخولين کي محسوس ٿيندو ته واقعي انھن جي مٿان انھن جي ابن جي ڇانون کسجي وئي آهي.

جيڪڏھن مٿي ذڪر ڪيل خوابن مان ڪو ھڪ خواب بھ ھن نئين سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ اڌ تعبير پائيندو تڏھن ئي 2024 جو سال شايان شان استقبال جو حقدار ٿيندو.جي نھ تھ اڳواٽ اھي چار اکر ايندڙ ھيپي نيو يئر تي بھ ۽ اھي خودڪار انداز ۾ چوندڙن ۽ ٻڌندڙن تي بھ چار اکر.

بي بي سي جي ٿورن سان

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *